Home / بريڪنگ نيوز / خيرپور واقعي خلاف قومي اسيمبليءَ مان ف ليگ جو واڪ آئوٽ، فهميده مرزا ۽ ڊاڪٽر عذرا ۾ جهڙپ
above article banner

خيرپور واقعي خلاف قومي اسيمبليءَ مان ف ليگ جو واڪ آئوٽ، فهميده مرزا ۽ ڊاڪٽر عذرا ۾ جهڙپ

مسلم ليگ (فنڪشنل) جي ٻن ميمبرن خيرپور ۾ بلدياتي چونڊن جي موقعي تي 11 ڪارڪنن جي شهادت ۽ چونڊ بيقاعدگين کي جواز بڻائيندي قومي اسيمبلي مان واڪ آئوٽ ڪيو. ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي پاڪستان مسلم ليگ (فنڪشنل) جي قومي اسيمبلي ميمبر ڪاظم علي شاهه چيو ته بلدياتي چونڊن جي موقعي تي اسان جي ضلعن ۾ قيامت صغريٰ ٿي، سنڌ حڪومت ڌانڌلي روڪڻ ۾ ناڪام رهي، اسان جا 11 ڪارڪن شهيد ٿيا. ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ڪنهن جو ڪنهن سان ڪو جهيڙو نه هو، اسان چيف آف آرمي اسٽاف سميت سمورن لاڳاپيل ادارن کي ضلعي کي حساس قرار ڏيڻ جي لاءِ خط لکيا پر رڳو ٻن تعلقن کي حساس قرار ڏنو ويو. هن مطالبو ڪيو ته بلدياتي چونڊن جو ٻيو مرحلو فوج جي نگراني ۾ مڪمل ڪيو وڃي. ڊپٽي اسپيڪر وفاقي وزير برجيس طاهر کي هدايت ڪئي ته گهرو وزارت بابت ميمبر جي ڳالهه نوٽ ڪري وزارت تائين پهچائي وڃي. پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڊاڪٽر نفيسه شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت خيرپور سانحي جي جاچ جي لاءِ عدالتي ڪميشن قائم ڪري ڇڏي آهي جيڪا به رپورٽ ايندي ان موجب ذميوارن کي سخت سزا ڏيڻ تي اسان کي ڪو اعتراض نه هوندو جڏهن ته رپورٽ اچڻ تائين ان حوالي سان ڪا ڳالهه نه ڪئي وڃي. تحريڪ انصاف جي ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سنڌ ۾ ٻئين مرحلي ۾ فوج جي نگراني ۾ چونڊون ڪرايون وڃن، سنڌ ۾ پولنگ ٽيمون تبديل ڪيون پيون وڃن، اسان جي اميدوارن جي ڀينرن جا طلاق ناما ۽ اميدوارن جي خلاف ڪيس ٺاهيا پيا وڃن. ڪالهه اڱاري ڏينهن اعتراض واري نقطي تي هن چيو ته سنڌ ۾ ايندڙ ٻئين مرحلي ۾ فوج جي نگراني ۾ چونڊون ڪرايون وڃن، قانون موجود آهن تنهن هوندي به ان تي عملدرآمد نه پيو ڪيو وڃي. خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته حڪومت زلزلي متاثرن جي واهر لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن، وزيراعظم نواز شريف ۽ ڪي پي ڪي جو وڏو وزير پرويز خٽڪ هڪ رات کليل آسمان هيٺ گذاري ڏسن ته کين پتو پئجي ويندو ته متاثر ڪهڙين مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. ڊپٽي اسپيڪر مرتضي جاويد عباسي جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ درازا سانحي ۽ مڪاني چونڊن سميت مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو. درازا سانحي خلاف فنڪشنل ليگ ميمبرز واڪ آئوٽ ڪندي پهرين مرحلي جي چونڊ نتيجن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. ف ليگ جي غوث بخش مهر چيو ته مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ رتو ڇاڻ ڪرائي وئي، اڳواڻن سميت 11 ڄڻن کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، پر سنڌ حڪومت ساڻن رابطو نه ڪيو. پ پ جي فهميده مرزا چيو سنڌ سرڪار بدين ۾ به ڌانڌلي جي رٿابندي ڪري ورتي آهي، جنهن جا ثبوت ايوان ۾ پيش ڪيا ويندا، جڏهن ته پهرين مرحلي جي پولنگ دوران هڪ جماعت جي 11 ماڻهن کي ماريو ويو. فهميده مرزا جي تقرير دوران نفيسه شاهه احتجاج ڪيو، جنهن دروان ٻنهي ميمبرز وچ ۾ ڏند چڪ ٿي. نفيسه شاهه چيو ته درازا سانحي جي ذميوار سنڌ سرڪار ناهي، جڏهن ته واقعي جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته حڪومت زلزلي متاثرن جي واهر لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن، وزيراعظم نواز شريف ۽ ڪي پي ڪي جو وڏو وزير پرويز خٽڪ هڪ رات کليل آسمان هيٺ گذاري ڏسن ته کين پتو پئجي ويندو ته متاثر ڪهڙين مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. تحريڪ انصاف جي عارف علوي چيو ته سنڌ ۾ پي ٽي آءِ اميدوارن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته مڪاني چونڊن جو ٻيو  مرحلو فوج جي نگراني ۾ ڪرايو وڃي. جڏهن ته قومي اسيمبلي ميمبرن سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي کي ڌانڌلي سٽيل قرار ڏيندي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ايندڙ ٻن مرحلن ۾ فوج کي طلب ڪيو وڃي، ڪاظم شاهه چيو ته ايتري ڌانڌلي ٿي جو پوليس به سنڌ ۾ ٺپا لڳايا، ان اليڪشن ۾ اسان جا 11 ڪارڪن شهيد ٿيا. غوث بخش مهر چيو ته جيڪڏهن حڪومت سڌارا آڻي ها ته پوءِ اهڙا واقعا پيش نه اچن ٿا. اهڙي اليڪشن رد ڪئي وڃي. ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو ته خيرپور واقعو افسوسناڪ آهي، ان جون حقيقتون قوم آڏو رکڻ گهرجن. خورشيد شاهه چيو ته اليڪشن سڌارن تائين اهو مسئلو جاري رهندو، جڏهن ته پ پ ميمبرن کي خيرپور سانحي تي ڳالهائڻ اجازت نه ملڻ تي خورشيد شاهه جي اڳواڻي ۾ ٽوڪن واڪ آئوٽ ڪيو ويو، جڏهن ته قومي اسيمبلي اجلاس ۾ ڊاڪٽر فهميده مرزا ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڀيڻ ڊاڪٽر عذرا پيچوهو وچ ۾ سخت جهڙپ ٿي ۽ هڪ ٻئي تي الزام هنيا ويا. ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو ته مون کي پ پ ۽ ڊاڪٽر عذرا جي ڏک ۽ تڪليفن جو احساس آهي پر حقيقتون منظر عام تي ضرور آڻينداسين. سندس تقرير جاري هئي ته ڊاڪٽر عذرا ۽ نفيسه شاهه بلند آواز ۾ ڊاڪٽر فهميده مرزا تي تنقيد شروع ڪري ڇڏي، جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر کين تقرير دوران خلل وجهڻ کان روڪڻ جي هدايت ڪئي. ڊاڪٽر فهميده مرزا سنڌ حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي ۽ چيو ته خيرپور ۾ ٿيندڙ قتل جي ذميوارن کي منظرعام تي آندو وڃي. ڊاڪٽر فهميده چيو ته مڪاني چونڊن ۾ مڊٽرم ڌانڌلي ڪئي وئي، اليڪشن ڪميشن شفاف چونڊون ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. سنڌ حڪومت به ان ڌانڌلي ۾ ملوث آهي. پارليامينٽ ان ڌانڌلي ۽آپريشن جو نوٽيس وٺي. هن پارليامينٽ کي اپيل ڪئي ته سندس خاندان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. سنڌ پوليس اسان کي نشانو بڻائي رهي آهي. بدين ۾ مڪاني چونڊن دوران اليڪشن ريلي تي فائرنگ ڪئي وئي. ضلعي انتظاميا اسان خلاف سرگرم آهي، سمورن پارليامينٽ ميمبرن کي دعوت ڏيان ٿي ته اهي بدين جو دورو ڪن. هن چيو ته مقامي پوليس تحفظ بدران عوام جي قاتل بڻجي چڪي آهي. رياض پيرزاده چيو ته وفاقي حڪومت ئي ڪرپٽ ماڻهن خلاف قدم کڻي رهي آهي، ماڻهو رڙيون پيا ڪن، صوبائي حڪومتون ڇو خاموش آهن. اڳوڻي اسپيڪر پنهنجي حفاظت لاءِ آواز اٿاري رهي آهي ته صوبن جي صورتحال جو اندازو لڳائي وٺو. فهميده مرزا جي خدشن جو نوٽيس وٺنداسين. ڊپٽي اسپيڪر هدايت ڪئي ته ڊاڪٽر فهميده مرزا کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو