Home / بريڪنگ نيوز / سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ بيلٽ پيپرز جي ڇپائي جو ڪم مڪمل ٿي ويو
above article banner

سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ بيلٽ پيپرز جي ڇپائي جو ڪم مڪمل ٿي ويو

Election-Commission-of-Pakistanسنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ بيلٽ پيپرز جي ڇپائي جو ڪم مڪمل ٿي ويو، اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته بيلٽ پيپرز جي ورڇ جو ڪم 15 نومبر کان فوج جي نگراني ۾ شروع ڪيو ويندو. اليڪشن ڪميشن اختيارين موجب سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ بيلٽ پيپرز جي ڇپائي جو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي. اختيارين ٻڌايو ته سنڌ لاءِ هڪ ڪروڙ 91 لک 43 هزار 259 بيلٽ پيپرز ۽ پنجاب لاءِ 2 ڪروڙ 49 لک 30 هزار 575 بيلٽ پيپرز ڇپرايا ويا آهن. بيلٽ پيپرز جي ورڇ جو ڪم 15 نومبر کان فوج جي نگراني ۾ شروع ڪيو ويندو. اليڪشن ڪميشن موجب سنڌ جي يوسيز ۾ چيئرمين ۽ نائب چيئرمين لاءِ سائي رنگ جو بيلٽ پيپر آهي جڏهن ته پنجاب جي يوسيز ۾ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين لاءِ نيري رنگ جو بيلٽ پيپر آهي. ياد رهي ته سنڌ جي 15 ضلعن ۽ پنجاب جي 12 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ پولنگ 19 نومبر تي ٿيندي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو