Home / بريڪنگ نيوز / سکر: 25 محرم الحرام جي ماتم دوران ڇت ڪرڻ سبب عورت ۽ نينگري سميت 4 ڄڻا فوت، 30 زخمي
above article banner

سکر: 25 محرم الحرام جي ماتم دوران ڇت ڪرڻ سبب عورت ۽ نينگري سميت 4 ڄڻا فوت، 30 زخمي

سکر ويجهو ٻٻرلوءِ ۾ تاريخي ماتم ڏسڻ دوران گهر جي ڇت ڪري پئي، حادثي جي نتيجي ۾ عورت ۽ نينگري سميت فوتين جو انگ وڌي 4 ٿي ويو آهي،جڏهن ته 30 ڄڻا زخمي ٿي پيا،ريسڪيو ادارن جون مٽيءَ جا ڍير هٽائڻ لاءِ امدادي ڪارروائيون جاري آهن. ٻٻرلوءِ ۾ 25 محرم الحرام جي تاريخي ماتم ۽ مجلس ڏسڻ لاءِ وڏي انگ ۾ ماڻهو ڀرپاسي جي گهرن جي ڇتين تي گڏ هئا ته هڪ گهر جي ڇت اوچتو ڊهي پئي. ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ عورت ۽ نينگري سميت حياتيون وڃائيندڙن جو انگ وڌي 4 ٿي ويو،جڏهن ته عورتن سميت 30 ڄڻا زخمي پڻ ٿي پيا. حادثي بعد فوتين جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي خيرپور ۽ سکر جي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ايمرجنسي لاڳول ڪري زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته حادثي جي زخمين مان پنجن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي،جنهنڪري جاني نقصان ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي. فوت ٿي ويلن ۾ ٽن ورهين جي معصوم نينگري زويا سولنگي، 8 ورهين جي ڪلثوم ۽ ٻه ٻيا شامل آهن. زخمين ۾ صغرا سولنگي، ڀاڳل، وزيران، عارفه، غلام زهرا، شائسته، فوزيه، علي گوهر دايو ۽ ٻيا شامل آھن. هوڏانهن پيپلز پارٽي جي ايم اين اي نفيسا شاهه خيرپور ۾ ڇت ڪرڻ سبب فوت ٿي ويل ۽ زخمين سان همدردي جو اظهار ڪندي کين بهتر طبي امداد ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. واقعي واري هنڌ ريسڪيو ٽيمن جون ملبو هٽائڻ سميت ٻيون امدادي ڪارروايون پڻ جاري آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو