Home / بريڪنگ نيوز / ويسٽ انڊيز جي اسپنر سنيل نارائڻ جو بالنگ ايڪشن هڪ ڀيرو ٻيهر شڪي قرار ڏنو ويو
above article banner

ويسٽ انڊيز جي اسپنر سنيل نارائڻ جو بالنگ ايڪشن هڪ ڀيرو ٻيهر شڪي قرار ڏنو ويو

ويسٽ انڊيز جي اسپنر سنيل نارائڻ جو بالنگ ايڪشن هڪ ڀيرو ٻيهر شڪي قرار ڏنو ويو آهي. سريلنڪا خلاف ٽئين ون ڊي مئچ ۾ آءِ سي سي جي آفيشلز سنيل نارائڻ جي ڪجهه بالن تي خدشا ظاهر ڪندي ويسٽ انڊين بورڊ جي اختيارين کي آگاهه ڪيو. سريلنڪا خلاف ون ڊي سيريز جي باقي مئچز ۾ سنيل نارائڻ جي بالنگ ايڪشن جو جائزو ورتو ويندو. سنيل نارائڻ کي 14 ڏينهن اندر آءِ سي سي کان پنهنجو ايڪشن ڪليئر ڪرائڻ بعد عالمي ڪرڪيٽ ۾ حصو وٺي سگهندو. ياد رهي ته هلندڙ سال ورلڊ ڪپ ۾ به سنيل نارائڻ کي سندس شڪي بالنگ ايڪشن سبب شرڪت کان روڪيو ويو هو جنهن بعد هن پنهنجي ايڪشن آءِ سي سي کان ڪليئر ڪرايو ۽ پوءِ آگسٽ ۾ بنگلاديش خلاف ٿيل هوم سيريز ۾ کيس ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو هو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو