Home / بريڪنگ نيوز / پاڪستان ۽ بيلاروس اقتصادي سهڪار جي روڊ ميپ سميت 17 مختلف ٺاهن تي صحيحون ڪري ڇڏيون
above article banner

پاڪستان ۽ بيلاروس اقتصادي سهڪار جي روڊ ميپ سميت 17 مختلف ٺاهن تي صحيحون ڪري ڇڏيون

پاڪستان ۽ بيلاروس اقتصادي سهڪار جي روڊ ميپ سميت 17 مختلف ٺاهن تي صحيحون ڪري ڇڏيون، وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ آهي ته مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ سان ترقيءَ جا نوان رستا کــُلندا. پي ايم هائوس اسلام آباد ۾ بيلاروس جي وزيراعظم آندرَي ڪوبياڪوف ميان نواز شريف سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻـطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات بعد ٻنهي ملڪن جي وزيراعظمن، اسلام آباد ۾ اقتصادي سهڪار جي روڊ ميپ تي صحيحون ڪيون جڏهن ته ٻنهي طرفان 17 مفاهمت جي ياداشت نامن ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار جي معاهدن تي به صحيحون ڪيون ويون. ٺاهن ۾ صحت، ڪسٽم، ٽيڪنيڪل، ثقافت، زراعت، تعليم، صحت، معيشت ۽ سائنس جا شعبا شامل آهن. معاهدن بعد بيلاروس جي وزيراعظم سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ سان ترقي جا نوان رستا کــُلندا. ميان نواز شريف چيو ته سندس دوري سان بيلاروس سان سهڪار وڌائڻ کي هٿي ملي،ٻنهي ملڪن وچ ۾ گذريل ڇهين مهينن کان رابطا شروع ٿيا آهن. هن چيو ته ملاقات دوران علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون،بيلاروس جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ ڀليڪار چيو ويندو. ان موقعي تي بيلاروسي وزيراعظم چيو ته هـُو ڏکڻ ايشيا ۾ پاڪستان سان سهڪار وڌائڻ چاهين ٿا. ان کان اڳ بيلاروس جي وزيراعظم آندرَي ڪوبياڪوف جي استقبال لاءِ پي ايم هائوس ۾ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي،جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا پڻ وڄايا ويا. وزيراعظم ميان نواز شريف پهريون ڀيرو پاڪستان جي دوري تي آيل بيلاروس جي هم منصب آندرَي ڪوبياڪوف جو آڌر ڀاءُ ڪيو

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو