Home / بريڪنگ نيوز / گورننس بابت فوج جو بيان آئين جي ڀڃڪڙي آهي: پارليامينٽرين – ايڪشن پلان گڏيل ذميواري آهي، ادارا حدن ۾ رهن: حڪومت
above article banner

گورننس بابت فوج جو بيان آئين جي ڀڃڪڙي آهي: پارليامينٽرين – ايڪشن پلان گڏيل ذميواري آهي، ادارا حدن ۾ رهن: حڪومت

قومي اسيمبلي آرمي ايڪٽ ۾ ترميمي بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو آهي. جڏهن ته محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته جيڪڏهن ٻن شريفن ۾ گڙ ٻڙ ٿي ته سويلين شريف سان گڏ هونداسين. جڏهن آئيني بالادستي هوندي ته وزيراعظم ۽ آرمي چيف هڪ صفحي تي هوندا. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر جي صدارت هيٺ ٿيو. جنهن ۾ بچاءَ بابت پارلياماني سيڪريٽري بچاءَ واري وزير پاران آرمي ايڪٽ ۾ ترميمي بل پيش ڪيو.جنهن تي مخالف ڌر احتجاج ڪيو. مخالف ڌر چيو ته پارلياماني روايتن کي بلڊوز ڪري بل منظور ڪرڻ غير قانوني قدم آهي. ايم اين اي زاهد خان بل بابت ڳالهائيندي چيو ته هي بل دهشت گردي جي خاتمي لاءِ آهي. مخالف ڌر چيو ته بل جي آڙ ۾ عام ماڻهن ۽ مخالفن جي گرفتارين جو خدشو رهندو. حڪومت مخالف ڌر جا خدشا رد ڪندي بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو. پ پ کان سواءِ پي ٽي آءِ به مخالفت ڪئي. جڏهن ته ايم ڪيو ايم ايوان ۾ ئي نه هئي. نويد قمر چيو ته هن ايڪٽ کي صرف دهشت گردي متاثر علائقن تائين محدود ڪيو وڃي. جيڪڏهن ٻين علائقن تي به لاڳو ڪيو ويو ته انهن تي تلوار لڪٽيل هوندي. شيرين مزاري چيو ته ايوان کي ٻڌايو وڃي ته فوجي عدالتن جي ضرورت ڇو ٿي. جماعت اسلامي جي طارق الله چيو ته هن شفق کي 21 هين ترميم ۾ ڇو شامل نه ڪيو ويو آهي. اجلاس دوران آرمي چيف جنرل راحيل شريف پاران ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس دوران حڪومت کي گورننس بهتر بڻائڻ لاءِ ڏنل بيان تي قومي اسيمبلي ۾ رد عمل سامهون آيو آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ آرمي چيف جي بيان تي بحث ڪندي مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته ايوان ۾ رڳو هڪ وزير موجود آهي، اڍائي سالن دوران حڪومت به پارليامينٽ کي سنجيده ناهي ورتو، هن چيو ته وزيرن جي غير حاضري هڪ پاسي، هتي بيرو ڪريٽس به سوالن جا صحيح جواب نه پيا ڏين، اسان جي حڪومت واري دور ۾ اسان جو وزيراعظم ايوان ۾ ايندو هو ته اسان کي به اچڻو پوندو هو. وفاقي حڪومت تي تنقيد ڪندي هڪ ڏينهن اڳ ٿيل ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ڏانهن اشارو ڪيو ۽ چيو ته ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ چيو ويو ته ضرب عضب ڪاميابي سان هلي رهيو آهي، حڪومت گورننس بهتر بڻائي، سندس چوڻ هو ته حڪومت لاءِ اهو وڏو اشارو آهي. ان کي سمجهيو وڃي، اميد آهي ته وزيراعظم ڪابينا کي بهتر بڻائيندو. خورشيد شاهه چيو ته فوج جي پڌرنامي ۾ حڪومت لاءِ ڳجهن لفظن ۾ چٽو پيغام ڏنو ويو آهي. آرمي چيف ڳجهن لفظن ۾ نياپو ڏنو آهي. پختونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه ۽ سينيئر سياستدان محمود خان اچڪزئي چيو ته آءِ ايس پي آر جي پريس رليز آئين جي خلاف آهي، اسان ڪنهن به اهڙي گھرو پاليسي جي حمايت نه ڪنداسين، جيڪا هن ايوان ۾ نه ٺهي. هن چيو ته قومي اسيمبلي اجلاس ۾ وزيرن کي وقت جو پابند بڻايو وڃي، وزيراعظم نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف ڏانهن اشارو ڪندي محمود خان اچڪزئي چيو ته جيڪڏهن ٻه شريف هڪ صفحي تي هوندا ته اسان بنا ڪنهن شرط جي سندن حمايت ڪنداسين پر خدا نه ڪري ٻنهي شريفن ۾ ڪا گڙٻڙ ٿي ته آئون سولين شريف سان گڏ هوندس. عارف علوي چيو ته فوج جا هٿ مضبوط ڪيا ويندا. هن چيو ته فوجي عدالتن سان دهشت گردن کي سزائون ته ملنديون پر نيٽ ورڪ جو خاتمو نه ٿيندو. پارلياماني سيڪريٽري چوڌري جعفر اقبال چيو ته زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکندي قانون جوڙي رهيا آهيون. هن چيو ته بهتر حڪمراني لاءِ اهائي ڳالهه ڪئي وئي آهي ته سول ادارن کي به اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

اسلام آباد (ع آ نيوز) نيشنل ايڪشن پلان ۽ حڪومتي ڪارڪردگي تي فوج جي بيان تي حڪومت جو رد عمل سامهون اچي ويو آهي، حڪومتي ترجمان جو چوڻ آهي ته نيشنل ايڪشن پلان گڏيل ذميواري آهي، ادارا پنهنجي حدن ۾ رهي ڪردار ادا ڪن. ڪالهه جاري ڪيل هڪ بيان ۾ حڪومتي ترجمان پاران چيو ويو آهي ته دهشت گردي خلاف قدمن کي وڏي پيماني تي تسليم ڪيو ويو آهي. دهشت گردي جي خاتمي واري مهم ۾ صوبائي حڪومتن جي سهڪار سان ڪاميابيون ماڻيون آهن. دهشت گردي خلاف جنگ سڄي قوم جي جنگ آهي. ٻن سالن ۾ دهشتگردي جي خاتمي وارين ڪارروائين کي ساراهيو ويو آهي. پاڪ فوج جون ڪارروائيون به مثالي آهي. حڪومتي ترجمان موجب نيشنل ايڪشن پلان گڏيل ذميواري آهي. سمورا ادارا آئيني حدن ۾ رهي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي. ترجمان موجب حڪومت جي سمورين پاليسن جو اهم ترين مرڪز گڊگورننس آهي. بهتر حڪمراني جو عزم حڪومتي ڪارروائين جو عڪاس آهي. حڪومتي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته امن امان جي بهتري ۽ معاشي سڌارن جا نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. دهشت گردي خلاف جنگ جو ڪريڊٽ عوام کي وڃي ٿو. حڪومت سمورا قدم شفافيت کي نظر ۾ رکندي کنيا آهن. وسيع تر مفادن واري سياسي حڪمت عملي تي عمل ڪيو ويو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو