Home / ويندي ويندي / اب صنم ڪي باري؟
above article banner

اب صنم ڪي باري؟

P-01 هي سِٽون لکڻ وقت اهي خبرون پهتيون آهن ته وفاقي سرڪار جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ جن جن ماڻهن جا نالا آيا آهن تن مٿان ملڪ کان ٻاهر وڃڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي. آصف علي زرداري جو نالو ان فهرست ۾ سرفهرست آهي. ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ لاءِ فواد چوڌري چئي ٿو ته هاڻ زرداري صاحب کي جي آءِ ٽي جي رپورٽ کي سنجيده وٺڻ گهرجي.

ٻڌو آ ته زرداري صاحب کي بينظير صاحبه جي ورسيءَ جي ٻئي ڏينهن تي ٻڌو ويندو. جيل زرداري صاحب لاءِ نئين ڳالهه ڪونهي پر هاڻ عمر آرام جي آهي ۽ بينظير به حيات ڪونهي جو واشنگٽن ۽ لنڊن ۾ انصاف جا گهنڊ وڄائيندي وتي.

 سو هن عمر ۾ جيل وڃڻ جو خيال چڱو ڪونهي پر زرداري صاحب پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻي ويٺو آهي.

حالانڪه 2017ع ۽ 2018ع ۾ نواز شريف جيڪي گرميون سرديون ڏٺيون تن ۾ جيڪڏهن زرداري صاحب ساڻس گڏ بيهي ها ته کيس هي ڏينهن ڏسڻا نه پون ها. ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته ملڪ جا اصل مالڪ نواز شريف جي هٺ ڌرمي سبب مٿس ڏمريل هئا. 2014ع جي ڌرڻي جا اڃا ٻيا سبب هيا پر پوءِ جنرل پرويزمشرف، ڀارتي وزيراعظم مودي جي لاهور ياترا، ڊان ليڪس وغيره تي نواز شريف ۽ اصل واڳ ڌڻي پري وڃي پيا. عمران خان کي هڪ ٻيو موقعو مليو ته هو پاڻ کي خدمت جو موقعو ملڻ لاءِ پيش ڪري. انهن ئي ڏينهن ۾ زرداري صاحب هڪ ڀيرو ٻيهر هيڏي هوڏي ڊُڪڻ ڊوڙڻ لڳو. بلوچستان ۾ ثناءُالله زهري جي مسلم ليگي سرڪار ڪيرائڻ جو ڪريڊٽ زوري کنيائين، سينيٽ ۾  چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ ۾ عمران خان سان جوڙ هنيائين. عام چونڊن کانپوءِ وزيراعظم جي چونڊ ۾  نمبرگيمز ۾ نواز ليگ سان گڏ نه بيٺو. بعد ۾ صدارتي چونڊن ۾  اعتزاز احسن کي بيهاري گڏيل مخالف ڌر کي ڌڪ پٽيائين ۽ پوءِ صلي ملڻ جي اميد ۾ هيڏانهن هوڏانهن وانجهائيندو رهيو.

زرداري صاحب جا مداح سندس سياسي دورانديشي جا هوڪا ڏيندا رهيا آهن پر اسان جي نظر ۾ هو هڪ ڪوتاهه نظر ڪاروباري ماڻهو آهي جنهن ڀُٽن جي سياسي ورثي کي ڪاروبار طور هلايو ۽ وڌايو. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي اها گهٽ مان گهٽ شڪل آهي جنهن تي سنڌ جو ناراض نسل وفاق سان گڏ هلڻ لاءِ متفق آهي. اهو ئي سبب آهي جو پ پ جي سمورين بي لڇڻاين باوجود  اسٽيبلشمينٽ جي ويجهو سمجهيون ويندڙ پ پ مخالف سياسي ڌريون سنڌين جون دليون کٽي نه سگهيون آهن.

پ پ جو متبادل ٿيڻ جي صلاحيت سواءِ انهن سياسي قوتن جي جيڪي پ پ کان وڌ اسٽيبلشمينٽ مخالف ۽ سنڌ دوست هجي، ٻي ڪنهن سياسي قوت وٽ ناهي. معنيٰ؟ پيپلز پارٽي اسٽيبلشمينٽ جي ان مجبوري مان فائدو وٺندي اقتداري سڻڀي گرهن جي آسپاس ڦرندي رهندي.

باقي زرداري صاحب سياڻو مڙس آهي. ذلفي ڀٽي جي آخري نشاني، صنم کي ڪنهن امڪاني سياسي جاءِنشيني جي مسئلي جي حل لاءِ گهرائي ورتو آهي. عمران خان جي ترڪش ۾ جيترا تير آهن تن کان ٻيڻا زرداري جي ترڪش ۾ آهن. سياست ڏاڍي بي رحم راند آهي.

 اسان دعا ئي ڪري سگهون ٿا ته صنم جي پڇاڙي پنهنجي خاندان جهڙي نه ٿئي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو