Home / ڪور افيئر / ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس:  سنڌ پوليس جي واڳ ڪنهن جي هٿ آهي؟
above article banner

ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس:  سنڌ پوليس جي واڳ ڪنهن جي هٿ آهي؟

 سنڌ جوWriter انتظامي سربراهه صوبي جو چونڊيل وڏو وزير سيد مُراد علي شاهه جڏهن ايوان اندر جذباتي ٿي چوي ٿو ته “ارشاد رانجهاڻيءَ جي قتل جي ايف آءِ آر پاڻ داخل ڪرائيندس ڇو ته سندس قتل ۾ پوليس ملوث آهي ۽ سنڌ کي پوليس اسٽيٽ ۾ تبديل ٿيڻ نه ڏينداسين.” ته سندس جذباتي تقرير پٺيان به وڏيون ڳالهيون لِڪل هيون، جن جي بنياد تي مُراد علي شاهه جي پوليس خلاف هڪ سُٺي فيصلي کي به ڪجهه ڌرين ميڊيا ذريعي خراب ۽ نسلي تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر هڪ ڳالهه کُلي سامهون آئي ته سنڌ ۾ پوليس جو ڪنٽرول به هاڻي ڪجهه ٻين ڌرين پنهنجي هٿ ۾ ڪري ورتو آهي جو ٻه ڏهاڙا گذري وڃڻ باوجود وڏي وزير جي هدايتن تي عمل نه ٿيو ۽ جنهن ڏينهن ڪراچيءَ جي شاهراهه فيصل تي سنڌين جو رد عمل نظر آيو، لکين ماڻهن جو سوشل ميڊيا تي رد عمل نظر آيو ته سيد مراد علي شاهه کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي ته ڪي قوتون سنڌ سرڪار سان راند کيڏي رهيون آهن ۽ سنڌي عوام آڏو سرڪار کي گندو ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. تڏهن مراد علي شاهه سمجهي ويو ته آءِ جي سنڌ ۽ ڪراچي پوليس جي سربراهه پٺيان به ڪي سگهارا هٿ آهن جيڪي وڏي وزير جي هدايتن تي عمل ٿيڻ نه پيا ڏين. ڇو ته ملير جو ڊان سڏائيندڙ رحيم شاهه جو تعلق ان ساڳي لڏي سان هو جنهن مٿان مشهور زمانه پوليس آفيسر رائو انوار جو ملير ۾ هميشه “دست شفقت” رهيو.

 ارشاد رانجهاڻي جي قتل کان پوءِ ڪراچي ۾ سنڌ سرڪار، پوليس ۽ ادارن وچ ۾ اختيارن جي جنگ کُلي سامهون آئي ۽ نظر آيو ته سنڌ جي چونڊيل سرڪار آڏو رڪاوٽون وجهندڙ سگهاريون ڌريون آهن ڇو ته ارشاد رانجهاڻيءَ جي قتل جي وڊيو منظر عام تي اچڻ کان پوءِ پهرين ڏينهن تي جيڪڏهن يوسي چيئرمين رحيم شاهه کي پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي ها ته مامرو ايڏو وڏو نه بڻجي ها ۽ شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي جي پوليس خلاف جيڪڏهن ايڊيشنل آءِ جي امير شيخ نوٽيس وٺي گهربل ماڻهن کي معطل ڪري ڇڏي ها ته به وڏو مامرو نه بڻجP-01ي ها پر خبر پئي ته آءِ جي سنڌ پاران ڪراچي پوليس جي سربراهه امير شيخ کي ڪو به قدم کڻڻ کان روڪيو ويو هئو ۽ مامرو سڌي ريت ڊي آءِ جي ايسٽ عامر فاروقيءَ جي هٿ ۾ ڏنو ويو. ملزم رحيم شاهه کي حراست ۾ وٺڻ کان پوءِ ڊي آءِ جي عامر فاروقيءَ جيڪا پريس ڪانفرنس ڪئي ان ماحول کي ٿڌو ڪرڻ بدران وڌيڪ گرمائي ڇڏيو، ڇو ته عامر فاروقيءَ چيو ته مامرو ڌاڙي جو آهي ۽ ارشاد رانجهاڻي ڌاڙيل هئو. هن قسم جي جذباتي ماحول ۾ ٿيندو ايئن آهي ته جيڪڏهن پوليس آفيسرن وٽ ڪا ڄاڻ هوندي به آهي ته هو منظر عام تي نه آڻيندا آهن، جيئن ماحول کي ٿڌو ڪري سگهجي پر ڊي آءِ جي عامر فاروقيءَ غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو.

هن سڄي صورتحال ۾ ذريعا ٻڌائين ٿا ته ڪراچي پوليس جي سربراهه امير شيخ وڏي وزير کي ڪجهه به نه ٻڌايو. بلڪه ڄاڻو ذريعا ٻڌائن ٿا ته سنڌ جي وڏي وزير ڪراچي پوليس جي ايڊيشنل آءِ جي امير شيخ کي فون ڪيو ته هُن وڏي وزير جي فون به اٽينڊ نه ڪئي نه ڪي آءِ جي سنڌ وڏي وزير جي حڪم تي عمل ڪيو، جنهن سبب سنڌ جي وڏي وزير شام جو سنڌ اسيمبليءَ ۾ اچي سڄي صورتحال کان نه رڳو آگاهه ڪيو پر ڪراچي پوليس جي چيف امير شيخ کي هٽائڻ جو به اشارو ڏنو. بعد ۾ وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ گڏجاڻي ٿي، هن گڏجاڻيءَ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته رحيم شاهه خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي ويندي، جيئن وارث چون تيئن ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي. ان گڏجاڻيءَ کان پوءِ صوبائي وزير ناصر حسين شاهه ۽ سعيد غني ڪارساز وٽ ٿيندڙ احتجاج ۾ پهتا ۽ انهن اتي اچي اعلان ڪيو ته رحيم شاهه خلاف قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي ويندي ۽ ملوث پوليس اهلڪارن خلاف قدم کنيو ويندو. ان کان پوءِ ترت ڊي ايس پي شوڪت شاهاڻي ۽ شاهه لطيف جي وقتي ايس ايڇ او کي هٽايو ويو بعد ۾ رات دير تائين رحيم شاهه خلاف قتل جي ايف آءِ آر ته ٿي وئي پر ميڊيا وڏي وزير خلاف مهم شروع ڪري ڏني ته “هڪ ڌاڙيل جي قتل تي وڏو وزير ايڊيشنل آءِ جي کي ڇو ٿو هٽائي؟”

 اردو ميڊيا سنڌ جي وڏي وزير کي سنڌي قوم پرست ڪوٺيو ۽ اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪراچي ۾ مارجي ويل ٻين قومن جي ماڻهن جي قتل تي نوٽيس نه ٿو وٺي. جيتوڻيڪ اها مهم ڪجهه ڌرين جي اشاري تي شروع ٿي چڪي آهي ڇو ته سنڌ خلاف مختلف رخن کان حرڪتون ٿي رهيون آهن. خود سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پٺاڻن تي حملا به ان سلسلي جي ڪڙي آهن. سنڌ جي هاڻوڪي سرڪار ۾ مختلف رياستي ادارن جي مداخلت وڌي رهي آهي ۽ ڪٿي ڪٿي وڏي وزير کي بيوس بڻائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. ممڪن آهي ته هنن مامرن پٺيان مستقبل جي ڪا سياسي پيش بندي ٿيندي هُجي. هن وقت ايئن لڳي رهيو آهي ته سنڌ جي سرڪاري مامرن ۾ سگهارين ڌرين جي تمام وڏي دلچسپي آهي، اها دلچسپي اڳتي هلي ڪهڙا رنگ ڏيکاريندي ان جو تعلق ملڪ جي ايندڙ سياسي حالتن سان آهي. رحيم شاهه جي گرفتاري به رائو انوار جي گرفتاريءَ وانگر سنڌ سرڪار لاءِ ٽيسٽ ڪيس هئو، ڇو ته رحيم شاهه ۽ رائو انوار جا ڌڻي ساڳيا آهن. جيتوڻيڪ رحيم شاهه جو سياسي تعلق مسلم ليگ (ن) سان آهي ۽ ملير ۾ وري اتحاد پيپلز پارٽيءَ سان آهي. ڊي ايم سي ملير ۾ گڏيل آهن پر رحيم شاهه جو اصل ڪم زمينن تي قبضن جو آهي، هُو لينڊ مافيا جو مضبوط مُهرو آهي، ان ڪري مٿس طاقتور ماڻهن جو هٿ آهي. هن قسم جي سمورن ماڻهن تي انهن جو ئي هٿ هوندو آهي.

P-02

ملير ضلعي ۾ لکين ايڪڙ زمين مختلف سگهارن ادارن يا سگهارن ماڻهن جي قبضن هيٺ آهي يا سندن رهائشي توڙي ڪمرشيل اسڪيمون هلي رهيون آهن، هزارين ڪو آپريٽو سوسائٽيون ملير ضلعي ۾ آهن، لکين افغان پناهگير ۽ ڌاريا ملير ضلعي ۾ رهندا آهن، ان ڪري ملير ضلعي ۾ لينڊ مافيا جي سرگرم ماڻهن سان گهڻين ڌرين جا مفاد لاڳاپيل هوندا آهن. اُهي ڌريون پنهنجن مفادن لاءِ ماڻهن کي ۽ سندن ڪاروبار کي هر قسم جو تحفظ فراهم ڪنديون آهن. ملير ضلعي ۾ سوين مدرسا موجود آهن، ملير ضلعي ۾ منشيات، ريتي بجري، هٿيارن سميت هر قسم جي ڪُڌي ڪاروبار جا وڏا وڏا مرڪز آهن ۽ وڏا وڏا نالا ملير ۾ ڪُڌي ڪاروبار ۾ ملوث آهن، جن ۾ خود حڪمران ڌر پيپلز پارٽي به ملوث آهي. ان ڪري ضلعي ملير جا گهڻ رخي سياسي مسئلا آهن جيڪي ملير جي سياست کان وٺي سماج جي هر شعبي تي اثرانداز ٿيندا رهندا آهن.

ايئن ئي رحيم شاهه هٿان ارشاد رانجهاڻيءَ جي قتل جو واقعو هئو پر جهڙي بيدرديءَ سان ارشاد کي قتل ڪيو ويو، جهڙي نااهليءَ جو مظاهرو ملير پوليس ڪيو ۽ ان خلاف سنڌي عوام جي گڏيل رد عمل سان گڏ سنڌ جي وڏي وزير جي هدايتن تي عمل نه ٿيڻ سبب وڏي وزير جو رد عمل فطري هئو پر دلچسپ ڳالهه ته اها به آهي ته وڏو وزير اڃا تائين امير شيخ کي هٽائي نه سگهيو آهي ۽ ايئن لڳي رهيو آهي ته بچائيندڙ ڌريون ڊاڪٽر امير شيخ کي بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو