Home / اسپيشل افيئر / اروڙ: قديم سنڌ ۾ عالمن ۽ سائنسدانن جو خوشحال شهر
above article banner

اروڙ: قديم سنڌ ۾ عالمن ۽ سائنسدانن جو خوشحال شهر

آصف رضا موريو

Asif Raza Morio

روهڙي ۽ سکر ٻئي جاڙا شهر آهن بلڪل دادو ۽ مورو يا اسلام آباد ۽ راولپنڊي وانگر. سکر اسان جي سنڌ صوبي جو ٽيون وڏي ۾ وڏو شهر آهي جيڪو روهڙي سان ڪلهو ڪلهي سان ملايون هزارين سالن جي تهذيبي ورثن کي پنهنجي پٿريلي هنج ۾ اوتيون ويٺو آهي. هڪ دور ۾ روهڙي جي ارد گرد موجود  پهاڙي سلسلن ۾ سون ۽ چاندي جي موجودگي ان شهر جي شاهوڪار اقتصاديات ۾اهم ڪردارادا ڪندي هئي. قديم دور ۾ هي شهر هندستان کان ايندڙ مسافر ۽ واپاري جٿن لاءِ مکيه قافله سراءِ هوندو هو جنهن کي ان وقت رورانگر پڻ چيو ويندو هو جيڪو سنڌ ۾ سمنڊ جي مٿاڇري کان 70 فٽ مٿاهون ۽ سڀ کان اونچائي وارو علائقو هوندو هيو.

روهڙي کان تقريبن 11 ڪلوميٽر پري ڏکڻ اوڀر پاسي سنڌو ندي جي هڪ شاخ نارا واه جي اولهندي ڪناري تي سنڌ جي پراڻي شهر اروڙ جا ويران کنڊر موجود آهن جيڪو پنهنجي دورِ عروج ۾ نه صرف سنڌ جي گادي جوهنڌ پر هڪ وشال، خوبصورت ۽ شاندار شهر پڻ هوندو هيو.

اروڙ جو جابلو سلسلو سکر شهر کان 3 ميل پري اتر کان شروع ٿيندي 40 ميل ڏکڻ طرف هليو وڃي ٿو. آدم شاهه جي ٽڪري، ساڌ  ٻيلو، بکر جو جزيرو ۽ خواجا خضر جي آستان وارو پهاڙ به اروڙ جي جابلو سلسلي سان مليل آهن.  سنڌو ماٿري جي مختلف قديم شهرن جهڙوڪ جهوڪر جو دڙو، ڪوٽ ڏيجي ۽ مهين جو دڙو وغيره مان ملندڙ وڏن وڏن پٿرن کان علاوه پٿر جا چاڪو، هر ۽ ٻيا کوڙ ساترا اوزار اروڙ جي ٽڪرين جي پٿرن مان جڙيل آهن.  هن شهر مان به اهڙي ئي قسم جا چاڪو هٿ آيا آهن. سرجان مارشل پنهنجي ڪتاب “مهين جو دڙو ۽ سنڌو تهذيب” ۾ لکيو آهي ته “ نئين پٿر جي زماني جا نشان سنڌ ۾ لکي جي پهاڙن جي قطارن ۽ روهڙي جي ٽڪرين ۾ ڪثرت سان ملن ٿا”.

P-01

هن شهر جو اصل نالو اروڙ آهي جيڪو عربي لهجي ۾ الور ڳالهايو ويندو. شهر کي هي نالو شايد ان لاءِ به ڏنو ويو هوندو ته هتان جو هندو راجا اروڙ ونسي خاندان مان هوندو هيو. عربي جاگرافيادان جيڪي پراڻي زمانن ۾ ڪڏهن ڪڏهن گهمڻ يا حڪمرانن سان گڏ ايندا رهيا تن پنهنجي ڪتابن ۾ پنهنجي پنهنجي لهجن جي آڌار هن شهر جو نالو لکيو آهي.  مسعودي (942ع) ان جو نالو “الرور” لکيو آهي. سيوطي پنهنجي ڪتاب “مراصد الاطلاع” ۾ اهو ئي نالو ورجايو آهي.  ابنِ حوقل به پنهنجي ٺهيل سنڌ جي نقشي ۾ “الرور” ئي لکيو آهي. ابن خردازبه (250 هجري) ۽ شريف ادريسي (1125ع) به اهو ئي نالو ورجايو آهي.

يوناني جاگرافيدانن پنهنجي دستاويزن ۾ هن شهر کي “موسيڪانوس” لکيو آهي. چيني سياح هوئن تسانگ پنهنجي سفرنامي ۾ اروڙ کي “پيشان پوپولو” جو نالو ڏنو آهي.  سنڌ جي اهم تاريخي دستاويز چچ نامي جي 92 ورق تي مصنف اروڙ جو نالو “بغرور” لکيو آهي توڙي جو ان وقت بغرور بکر کي چيو ويندو هو. برطانوي جنرل اليگزينڊر ڪننگهم پنهنجي ياداشتن ۾ ان جو نالو “رورپور” (رورانگر) لکيو آهي. سڀ کان گهڻي حيرت مونکي آئين اڪبري جهڙو ڪتاب پڙهي ٿي جنهن ۾ لکيل آهي ته “الور کي اڄڪلهه ٺٽو يا ديبل چيو ويندو آهي”.

تحفته الڪرام مطابق اميه گورنرن جي حڪومت واري دور ۾ ڀنڀور (ميرپور ساڪرو) ۾ راجا ڀنڀوراءِ ۽ برهمڻ آباد ۾ راجا دلوراءِ راڄ ڪندا هيا.  ان دور ۾ برهمڻ آباد به انتظامي طور تي اروڙ هيٺ ايندو هيو ان لاءِ حاڪم بحرحال گادي واري هنڌ ۾ ئي رهندو هوندو.  شايد ان لاءِ ئي ڪجهه تاريخي ڪتابن ۾ الور کي “دلور” به لکيو ويو آهي جيڪا دلوراءِ جي نالي جي بگڙيل شڪل آهي.

P-02

هڪ دور ۾ هن برباد شهر جي عمارتن، محلاتن ۽ قلعي گاهن جا کنڊر بهتر حالت ۾ هيا پر هتي به اسان جي قومي بي حسي ۽ پنهنجي ماضي سان ذلت آميز روين باعث اروڙ جي پسگردائي ۾ موجود ڳوٺن جي ماڻهن پنهنجي گهرن جي اڏاوت لاءِ هن شهر جي گهرن کي ڊاهيندي سرون، ڀتيون، دروازا، برج، پٿر وغيره ڍوئي ڍوئي پنهنجا گهر ٺاهي ڇڏيا آهن. هي ڪم نه رڳو عام ماڻهن ڪيو پر حاڪمن به حسبِ توفيق شهر جي مئل لاش کي نوچيو ۽ پٽيو. مثال طور تي مرزا شاهه بيگ ارغون سکر تي قبضو ڪرڻ کانپوءِ اتي هڪ قلعو ٺاهڻ شروع ڪيو ته ان نيڪ ڪم لاءِ اروڙ جي قلعي جون سرون ڪڍرائي ڪتب آنديون ويون هيون.  هتي مغل حڪمران اورنگزيب عالمگير جي دورِ حڪومت ۾ ٺهيل ٻن مسجدن جا کنڊر به موجود آهن جڏهن ته شڪر گنج شاه ۽ خنال الدين شاه جون مزارون به هتي موجود آهن.

اروڙ جي شادابي ۽ خوشحالي قديم زماني کان تابنده رهي هئي پر هي شهر هندو حڪمران گهراڻن راءِ ۽ برهمڻ جي دور ۾ تمام شاندار روايتن جو مالڪ رهيو آهي. راءِ گهراڻا ايودهيا جي سورج ونسي خاندان مان هوندا هيا.  شري رام چندر به انهي گهراڻي جي راجائن منجهان هڪ هيو جنهن جي اولاد مان راجا بليڪا جي پٽن 11 سئو سال قبل مسيح اروڙ تي حڪومت ڪئي هئي. انهن کانپوءِ چندرونسي خاندان جي راجائن جون حڪومتون آيون جيڪي هستناپور کان وٺي اولهه هندستان تائين وسيع علائقي ۾ پکڙيل هيون. ان گهراڻي جا اهي راجا جيڪي اتر اولهه هندستان تي حڪومت ڪندا هئا ان کي “پاروا” چيو ويندو هو. جيڪي پنجاب تي قابض هئا تاريخ ۾ انهن کي “ آنو” چيو ويو آهي. اتر اولهه هندستان جي آخري حصي جي حاڪمن کي “دروهي” چيو ويندو هيو جڏهن ته جنهن جي حڪومت گجرات، سنڌ ۽ اولهه هندستان ۾ مڪران تائين هوندي هئي ان کي “يادوو” چيو ويندو هيو.  جڏهن ته يادوو قوم جا جيڪي ماڻهو سنڌ تي حڪومت ڪندا هئا ان جو لقب “راءِ” هوندو هو.  سنڌ ۾ يادوو حڪومت جو بڻياد “سمايا” نالي هڪ شخص رکيو جيڪو دوارڪا جي راجا ڪرشن جي ستين راڻي جامبوتي جو وڏو پٽ هو.

مهاتما گوتم ٻڌ کي چوڻين واري ڪتاب جي مطالعي مان خبر پوي ٿو ته “سووير ملڪ جي گادي جوهنڌ رورڪ هو”.  ان ڪتاب ۾ رورڪ متعلق جيڪي اشارا مليا آهن تن مان اهو اروڙ جو شهر ٺهڪي ٿو.  مطلب ٿيو ته گوتم ٻڌ جي زماني (BC.483-583)  ۾ به (جيڪو حضرت عيسيٰ کان 6 صديون پهريان گذريو آهي) اروڙ سنڌ جي گادي جو هنڌ رهيو آهي. توڙي جو اروڙ جي آباد ٿيڻ متعلق مستند ثبوت يا مڪمل طئه شده دور جي ڄاڻ تاريخي ڪتابن ۾ ڪونه ٿي ملي پر ان ڳالهه کان انڪار ڪونهي ته هي شهر گوتم ٻڌ جي پيدائش کان سوين سال پراڻو آهي.

ڪجهه ڪتاب اليگزينڊر مقدوني جي حملي واري دور ۾ به ان شهر جي  موجودگي جي گواهي ڏين ٿا ڇو ته 327 قبل مسيح ڌاري اليگزينڊر پنهنجي هڪ سپه سالار ڪئٽس ڪرٽئس کي سنڌو ماٿري جا حالات ڄاڻڻ لاءِ هيڏانهن موڪليو هيو جتان واپسي تي هن کيس ٻڌايوهيو ته “سنڌ ۾ ٻڌ مت کي مڃڻ وارو طبقو گهڻو طاقتور ۽ خوشحال آهي خاص طور تي سنڌ جي ڏاکڻئين علائقي جي شهرن سيوهڻ ۽ پٽالا ۾ٻڌ مذهب جا وڏا وڏا مرڪز قائم آهن البته اتر سنڌ يعني اروڙ ۽ ملتان ۾ سج ديوتا کي پوڄڻ وارن جا مندر موجود آهن ڇو ته هي ماڻهو سورج ونسي آهن”.

سنڌ جي اقتصادي خوشحالي جو ٻڌي ئي اليگزينڊر مقدوني عيسوي سنه کان سوا ٽي سئو سال پهريون هتي حملو ڪيو هيو ان وقت اتر سنڌ (موجوده ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، شڪارپور، سکر ۽ روهڙي) جي علائقي ۾ هڪ برهمڻ حڪمران ميوزيڪانس جي راڄڌاني هئي جنهن جي گاديءَ جو هنڌ اروڙ هوندو هيو (ڪجهه ڪتابون ٻڌاين ٿيون ته اليگزينڊر جي سنڌ تي حملي وقت سنڌ جو راجا سامبا يا سامب هو جنهن جو تعلق “جاڙيجا”  خاندان سان هيو). ميوزيڪانس سڪندر جي طاقت، ظالماڻي طبعيت ۽ جنگ جي تباه ڪارين کان چڱيءَ ريت واقف هو ان لاءِ هن ممڪنه حملي سبب ملڪ ۽ عام ماڻهن کي ٿيندڙنقصان کان بچائڻ خاطر پرامن حڪمت عملي کان ڪم وٺندي معاملن کي ڳالهين ذريعي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. سندس تدبر ۽ معاملي فهمي حمله آورن جي رهزن رجحانن کي ڪنهن حد تائين نرم ڪيو.  هونءَ به  يوناني فوجي مسلسل جنگين، جهڳڙن ۽ مسافرين کان تنگ ٿي ٿڪجي پيا هئا ۽ جڏهن ڳالهين جي ويهڪ ڪامياب ٿي ته ميوزيڪانس موقعو هٿ مان نه وڃڻ ڏنو ۽ اليگزينڊر کي تحفا تحائف ڏئي دوستي جو هٿ وڌايو جنهن کي مصلحتن سبب هن به قبول ڪيو. يوناني سياحن دورِ قبل مسيح جي ڪتابن ۾ لکيو آهي “اليگزينڊر جي  سنڌ تي حملي وقت اروڙ جي راجا کيس نانگ جي ڏنگڻ جي دوا ۽ سنڌي ململ تحفي ۾ ڏني هئي”. هنن هيءُ پڻ لکيو آهي ته “اروڙ واسين سان يونانين کي زهرن جي ترياق ۽ جڙي ٻوٽين جو علم مليو”. سندن هي به لکڻ آهي ته “ان دور ۾ علم طب سنڌ ۾ايتري ترقي تي هيو جو هتي حڪيمن کي ديوتا جو درجو حاصل هوندو هيو”.

P-03

اليگزينڊر۽ ميوزيڪانس وچ ۾ هڪ امن معاهدو ٿيو جيڪو ٻنهي گروهن لاءِ فائديمند هيو پر برهمڻن جي هڪ وڏي آبادي اليگزيندر سان دوستاڻي تعلق کي تسليم نه ڪيو ڇو ته هو غيور ماڻهو خارجين کي پنهنجي ڌرتي مان ڀڄائڻ جي حق ۾ هيا تنهنڪري انهن معاهدي جي خلاف بغاوت ڪئي جنهن سبب يوناني حمله آور کي مٺيان لڳي ۽ هن ڪروڌ ۾ اچي اروڙ جي شهرين جو قتل عام ڪرائڻ شروع ڪيو. ميوزيڪانس پنهنجي رعايا جو خون پاڻي وانگر وهندو ڏسي نه سگهيو ۽ هو پاڻ به سنڌرو ٻڌي جنگ جي ميدان ۾ پنهنجي ساٿين سان گڏ شامل ٿي ويو ۽ نهايت بي جگري سان وڙهندي سنڌ جو هي بهادر سپوت هڪ يوناني سالار پيٿان هٿان گرفتار ٿيو جنهن کانپوءِ کيس اذيتون ڏئي صليب تي چاڙهي ماريو ويو. اروڙ جي فتح کانپوءِ اليگزينڊر هڪ يوناني گورنر کي سنڌ ۾ حڪمران مقرر ڪري پاڻ بيبي لونيا طرف وڌي ويو.

شڪست جا زخم جڏهن ڀرجڻ لڳا ته سنڌين هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي طاقت ڪٺي ڪري يوناني گورنر خلاف بغاوت جو جهنڊو کڙو ڪري جنگ جو اعلان ڪيو ۽ کين هتان کان ڀڃائي ڪري ٻيهر پنهنجي جاگير جا والي پاڻ ٿي ويا.

ڪشن گهراڻي (78ع-175ع)  جي راجا ڪنشڪ سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم کي وڏي هٿي ڏياري. جنهن کانپوءِ راجا واسديو (پهريون) ۽ واسديو (ٻيو) حاڪم ٿيا جن جي حڪومت ۾ اتر سنڌ اندر بيشمار وسيع و عريض شهر هوندا هئا جن مان 27 وڏن ۽ 33 ننڍن شهرن جا کنڊر اڄ به سکر ۽ لاڙڪاڻو ضلعن ۾ وکريل آهن. ڪشن خاندان جي زوال کانپوءِ سن 320ع ۾ قنوج (ڪانيه، ڪيج، ڪنوج) جي حاڪمن سنڌ ۾ گپت خاندان جو بنياد وڌو.  سندن دور ۾ برهمڻ سماج تمام گهڻي سياسي، ادبي ۽ سماجي ترقي ڪئي. ڪاليداس جهڙي عظيم شاعر به انهيءَ دور ۾  سنسڪرت جي اصلاح ۽ تبليخ ڪئي.

گپتائن کانپوءِ سنڌ ۾ راءِ گهراڻي جي حڪومت قائم ٿي جنهن جون سرحدون اتر ۾ ڪشمير، قنڌار ۽ هيلمند تائين، اولهه ۾ ڪرمان جي وادي نور منشور تائين، ڏکڻ ۾ سورت ۽ اوڀر ۾ چتور ڳڙهه تائين هونديون هيون. ان وقت تائين اليگزينڊر مقدوني جي حملي کي  851 سال جو عرصو گذري چڪو هيو. راءِ گهراڻي جي پنج راجائن راءِ ديواجي، راءِ سهارس (پهريون)، راءِ سهاسي (پهريون)، راءِ سهارس (ثاني) ۽ راءِ سهاسي (ثاني) سن 450ع کان سن 632ع تائين سنڌ تي حڪومت ڪئي جن جي گادي به اروڙ وارو هي شهر هوندو هيو. ان سلطنت ۾ ماٿيلو، اچ شريف،  سيوراءِ، ماؤ، سيوستان، نيرون ڪوٽ، اروڙ، برهمڻ آباد ۽ ديبل جا قلعا شامل هوندا هئا. راءِ گهراڻي جا هي حڪمران شودر هئا جيڪي حاڪم بڻجڻ کانپوءِ برهمڻي ڌرم کي مڃڻ لڳا هئا ان لاءِ برهمڻن انهن کي شڌي چئي کتري بڻائي ڇڏيو جيڪي اڳتي هلي وقت سان گڏ کتري راجپوت چورائڻ لڳا.  انهن راءِ راجائن سنڌ تي 137 سال حڪومت ڪئي. سيوهڻ، اروڙ ۽ ميرپور ماٿيلو جا قلعا سهاسي ( ٻئين) جي زماني ۾ ٺاهيا ويا هئا.

راءِ سلطنت کانپوءِ سنڌ تي برهمڻن (241ع-711ع) جي حڪومت شروع ٿي جنهن جو بڻياد راجا چچ رکيو. ڪشمير جي تاريخ راج ترنگني ۾ چچ جو نالو “جج” لکيل آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته “ ان جو تعلق ڪشمير جي شاهي گهراڻي سان هو”. هندستان جي ڪجهه ٻين معتبر تاريخن ۾ به چچ متعلق غلط گوئي کان ڪم ورتو ويو آهي. حقيقت هيءَ آهي ته چچ هڪ برهمڻ هيو جنهن جو پيءُ پنڊت سيلائچ اروڙ جو باشندو ۽ اتان جي خاص مندر جو وڏو پڄاري هوندو هيو جنهن پنهنجي پٽ جي تعليم ۽ تربيت تمام سٺي ڪئي هئي جنهن سبب جوان ٿي چچ نهايت روشن خيال شخص ۽ فصيح البيان مقرر ثابت ٿيو.

هڪ ڏينهن هن سنڌ جي حاڪم راءِ سهاسي جي درٻار ۾ پنهنجون خدمتون پيش ڪيون جتي بادشاهه سان گڏ وزيرن کي به ان نوجوان جي خود اعتمادي گهڻي ڀانئين پر ان جي باوجود رام راءِ نالي وزير ان جو شخصي ۽ علمي امتحان ورتو جنهن جي مقرر معيار تي چچ پورو لٿو ته  ان کي روينيو کاتي ۾ هڪ اعليٰ عهدي تي مقرر ڪيو ويو.  ڪجهه وقت کانپوءِ پنهنجي ذهانت سان هو وزيرن جو نائب مقرر ٿيو.  چچ سلطنت جي معاملن ۾ بهترين منتظم ثابت ٿيندو رهيو ان لاءِ هڪڙي وزير جي مرڻ کانپوءِ حاڪم کيس وزير مقرر ڪري سلطنت جا ڪيترائي اهم معاملا ان جي حوالي ڪري ڇڏيا. چچ جي شخصي وجاهت ۽ خوش اخلاقي کان متاثر ٿي بادشاهه جي زال راڻي سوڀن ديوي (ڪجهه تاريخن ۾ ان جو نالو راڻي سهندي لکيو ويو آهي) ان تي موهت ٿي پئي پر جڏهن هن پنهنجي قلبي حالت جو اظهار چچ سان ڪيو ته هن ٻه ٽوڪ جواب ڏيندي کيس چيوهيو ته “اي پٽ راڻي مان برهمڻ آهيان ان لاءِ مونکان پنهنجي آقا سان نمڪ حرامي نه ٿيندي”.

هلندڙ

چچ جي انڪار جي باوجود راڻي پنهنجي دل کي سمجهائڻ ۾ ناڪام رهي ۽ ڳائيندي وڃائيندي پنهنجي محبوبيت جو اظهار ڪندي رهندي هئي.  ان دوران راجا سهاسي کي اهڙي بيماري وچڙي وئي جنهن جوويڄ نه علاج.  وڏا حيلا وسيلا ڪيا ويا پر مرض وڌندو ويو جيئن دوا ڪئي وارو معاملو صادق رهيو. جڏهن سڀ حاذق، حڪيم ۽ ويد سندس زندگي کان مايوس ٿي ويا ته هڪ ڏينهن راڻيءَ چچ کي گهرائي چيو “بادشاهه زندگي جا آخري پساهه کڻي رهيو آهي ۽ اسان کي ڪااولاد به ڪونه آهي جيڪا تخت ۽ تاج جي وارث قرار ڏني وڃي ان لاءِ جيڪڏهن تون مونسان شادي ڪرڻ جو واعدو ڪرين ته مان تنهنجي تخت نشيني جو بندوبست ڪرڻ جي ڪا ٽل ڪيان”.راڻي جي پيشڪش ڪافي پرڪشش هئي ۽ بادشاهه سان غداري يا بي نيمڪي به ڪونه پئي ٿئي ڇوته هو مرڻ وارو هيو ان لاءِ چچ گهڻي سوچ ويچار کانپوءِ راڻيءَ کي سندس آڇ تسليم ڪرڻ جو واعدو ڏئي ڇڏيو. چچ طرفان هاڪار ٻڌي راڻي شاهي ڪائونسل گهرائي اعلان ڪيو ته بادشاهه سلامت جيڪو پاڻ بستر کان اٿڻ جي قابل نه آهي پنهنجي منڊي چچ جي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ته “ جيستائين منهنجي طبعيت سڌري امورِسلطنت سنڀالڻ لاءِ چچ کي قائم مقام تسليم ڪيو وڃي”. بادشاهه جي حڪم تي ڪائونسل کي ڪهڙو انڪار تهنڪري چچ بادشاهه جو مختيار بڻجي ويو. بعد ۾ راجا جي وفات کانپوءِ درٻارين چچ کي ئي گادي تي ويهاريو. اهڙي ريت سنڌ جي حڪومت راءِ گهراڻي کان برهمڻ خاندان ۾ منتقل ٿي. چچ واعدو پاڙيندي راڻي سان شادي ڪئي ۽ پنهنجي حڪومت جي گادي جو هنڌ اروڙ بدران برهمڻ آباد مقرر ڪيو.                               راءِ گهراڻي جي حڪومت جو خاتمو ۽ برهمڻ خاندان جي حڪومت جي شروعات 632ع ۾ سهاسي ثاني جي موت کانپوءِ چچ جي مسند نشيني سان ٿي.  برهمڻ گهراڻي جي 6 راجائن چچ، چندر، ڏاهر ۽ دهارج، ڏهر، ڏهرسيه ۽ ڏاهر سن 632ع کان 2 جون سن 712ع تائين (يعني محمد بن قاسم جي سنڌ تي حملي ۽ ڏاهر جي موت تائين) قريبن 80 سالن تائين حڪومت ڪئي. راجا ڏاهر جنهن بهادري سان پنهنجي ڌرتي جي حفاظت ڪندي جان جو نذرانو ڏ نو ان پنهنجي گادي جو هنڌ اروڙ کي بڻايو هيو پر محمد بن قاسم سنڌ تي قبضو ڪري منصوره (برهمڻ آباد، موجوده سانگهڙ ضلعي ۾) کي مرڪز بڻايو هيو جيڪو 750ع تائين اتي رهيو.

چچ نامه ۾ لکيل آهي ته “اروڙ سنڌ جو تخت گاهه آهي. پهرين زماني ۾ جڏهن راجا راءِ سهيرس بن سهاسي هتي حڪومت ڪندو هيو.  هي هڪ وڏو شهر هو جيڪو شاندار عمارتن، بيشمار چراگاهن، گلن، تالابن، نهرن، باغيچن سان ٽٻيل هوندوهيو. 600ع ۾ راجاسهيرس بن سهاسي راءِ هڪ ايراني حڪمران نمروز سان جهيڙيندي مارجي ويو.  نمروز بعد ۾ ساهرس جي پٽ هٿان شڪست کاڌي هئي”.

چچ نامي جو مصنف وڌيڪ لکي ٿو ته ““ان شهر ۾ بيشمار خزانن جو مالڪ هڪ راجا راءِ سهيرس بن راءِ سهاسي رهندو هيو جنهن جي روشن خيالي، بهادري ۽ انصاف پسندي ملڪان ملڪ مشهور هوندي هئي. سندس سلطنت اولهه پاسي مڪران، اوڀر ۾ ڪشمير، ڏکڻ ۾ ديبل ۽ اتر ۾ ڪيڪائان تائين هوندي هئي. حڪومت جو ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ هن پنهنجي سلطنت ۾ انتظامي طور تي چار گورنر مقرر ڪيا هئا. هڪ گورنري برهمڻ آباد ۾ هئي جنهن ۾ نيرون ڪوٽ، ديبل، لوهاڻا، سما ۽ ندي وارا علائقا شامل هوندا هئا. ٻي گورنري سيوهڻ ۾ هئي، جنهن ۾ لڌيانه، چنجن ۽ مڪران کان علاوه روجهاڻ جو علائقو به شامل هيو. ٽين گورنري اسڪلنده هئي جنهن ۾ بابيه، سوارا، جهجهور ۽ ساحلي سرحدون اچي وينديون هيون جڏهن ته ملتان چوٿين گورنري هئي جنهن ۾ سڪه، ڪرو، اشتهار ۽ ڪشمير جا علائقا شامل هئا”. ان سموري ويڪري سلطنت جو صدر مقام ويران کنڊرن وارو هي شهر اروڙ هوندو هيو جنهن جي انتظاميه ۾ ڪرمان، ڪيڪائان ۽ برهما وارا علائقا شامل هئا.  قدامت پٽاندر اروڙ آريا ورت سلطنت جي قديم ۽ شاندار شهرن هستناپور، ۽ پرسا (دلي) ۽ پتاليپترا (پونا) جو همعصر و ثاني هوندو هيو.  هن شهر جي چؤطرف هڪ قلعه گاهه هوندي هئي جنهن جي اندر سنڌ جو بهادر راجا ڏاهر رهندو هو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو