Home / اسپيشل افيئر /   اروڙ: قديم سنڌ ۾ عالمن ۽ سائنسدانن جو خوشحال شهر  II
above article banner

  اروڙ: قديم سنڌ ۾ عالمن ۽ سائنسدانن جو خوشحال شهر  II

آصف رضا موريو

Asif Raza Morio

چچ جي انڪار جي باوجود راڻي پنهنجي دل کي سمجهائڻ ۾ ناڪام رهي ۽ ڳائيندي وڃائيندي پنهنجي محبوبيت جو اظهار ڪندي رهندي هئي.  ان دوران راجا سهاسي کي اهڙي بيماري وچڙي وئي جنهن جوويڄ نه علاج.  وڏا حيلا وسيلا ڪيا ويا پر مرض وڌندو ويو جيئن دوا ڪئي وارو معاملو صادق رهيو. جڏهن سڀ حاذق، حڪيم ۽ ويد سندس زندگي کان مايوس ٿي ويا ته هڪ ڏينهن راڻيءَ چچ کي گهرائي چيو “بادشاهه زندگي جا آخري پساهه کڻي رهيو آهي ۽ اسان کي ڪااولاد به ڪونه آهي جيڪا تخت ۽ تاج جي وارث قرار ڏني وڃي ان لاءِ جيڪڏهن تون مونسان شادي ڪرڻ جو واعدو ڪرين ته مان تنهنجي تخت نشيني جو بندوبست ڪرڻ جي ڪا ٽل ڪيان”.راڻي جي پيشڪش ڪافي پرڪشش هئي ۽ بادشاهه سان غداري يا بي نيمڪي به ڪونه پئي ٿئي ڇوته هو مرڻ وارو هيو ان لاءِ چچ گهڻي سوچ ويچار کانپوءِ راڻيءَ کي سندس آڇ تسليم ڪرڻ جو واعدو ڏئي ڇڏيو. چچ طرفان هاڪار ٻڌي راڻي شاهي ڪائونسل گهرائي اعلان ڪيو ته بادشاهه سلامت جيڪو پاڻ بستر کان اٿڻ جي قابل نه آهي پنهنجي منڊي چچ جي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ته “ جيستائين منهنجي طبعيت سڌري امورِسلطنت سنڀالڻ لاءِ چچ کي قائم مقام تسليم ڪيو وڃي”. بادشاهه جي حڪم تي ڪائونسل کي ڪهڙو انڪار تهنڪري چچ بادشاهه جو مختيار بڻجي ويو. بعد ۾ راجا جي وفات کانپوءِ درٻارين چچ کي ئي گادي تي ويهاريو. اهڙي ريت سنڌ جي حڪومت راءِ گهراڻي کان برهمڻ خاندان ۾ منتقل ٿي. چچ واعدو پاڙيندي راڻي سان شادي ڪئي ۽ پنهنجي حڪومت جي گادي جو هنڌ اروڙ بدران برهمڻ آباد مقرر ڪيو.  راءِ گهراڻي جي حڪومت جو خاتمو ۽ برهمڻ خاندان جي حڪومت جي شروعات 632ع ۾ سهاسي ثاني جي موت کانپوءِ چچ جي مسند نشيني سان ٿي.  برهمڻ گهراڻي جي 6 راجائن چچ، چندر، ڏاهر ۽ دهارج، ڏهر، ڏهرسيه ۽ ڏاهر سن 632ع کان 2 جون سن 712ع تائين (يعني محمد بن قاسم جي سنڌ تي حملي ۽ ڏاهر جي موت تائين) قريبن 80 سالن تائين حڪومت ڪئي. راجا ڏاهر جنهن بهادري سان پنهنجي ڌرتي جي حفاظت ڪندي جان جو نذرانو ڏ نو ان پنهنجي گادي جو هنڌ اروڙ کي بڻايو هيو پر محمد بن قاسم سنڌ تي قبضو ڪري منصوره (برهمڻ آباد، موجوده سانگهڙ ضلعي ۾) کي مرڪز بڻايو هيو جيڪو 750ع تائين اتي رهيو.

P-01

چچ نامه ۾ لکيل آهي ته “اروڙ سنڌ جو تخت گاهه آهي. پهرين زماني ۾ جڏهن راجا راءِ سهيرس بن سهاسي هتي حڪومت ڪندو هيو.  هي هڪ وڏو شهر هو جيڪو شاندار عمارتن، بيشمار چراگاهن، گلن، تالابن، نهرن، باغيچن سان ٽٻيل هوندوهيو. 600ع ۾ راجاسهيرس بن سهاسي راءِ هڪ ايراني حڪمران نمروز سان جهيڙيندي مارجي ويو.  نمروز بعد ۾ ساهرس جي پٽ هٿان شڪست کاڌي هئي”.

چچ نامي جو مصنف وڌيڪ لکي ٿو ته ““ان شهر ۾ بيشمار خزانن جو مالڪ هڪ راجا راءِ سهيرس بن راءِ سهاسي رهندو هيو جنهن جي روشن خيالي، بهادري ۽ انصاف پسندي ملڪان ملڪ مشهور هوندي هئي. سندس سلطنت اولهه پاسي مڪران، اوڀر ۾ ڪشمير، ڏکڻ ۾ ديبل ۽ اتر ۾ ڪيڪائان تائين هوندي هئي. حڪومت جو ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ هن پنهنجي سلطنت ۾ انتظامي طور تي چار گورنر مقرر ڪيا هئا. هڪ گورنري برهمڻ آباد ۾ هئي جنهن ۾ نيرون ڪوٽ، ديبل، لوهاڻا، سما ۽ ندي وارا علائقا شامل هوندا هئا. ٻي گورنري سيوهڻ ۾ هئي، جنهن ۾ لڌيانه، چنجن ۽ مڪران کان علاوه روجهاڻ جو علائقو به شامل هيو. ٽين گورنري اسڪلنده هئي جنهن ۾ بابيه، سوارا، جهجهور ۽ ساحلي سرحدون اچي وينديون هيون جڏهن ته ملتان چوٿين گورنري هئي جنهن ۾ سڪه، ڪرو، اشتهار ۽ ڪشمير جا علائقا شامل هئا”. ان سموري ويڪري سلطنت جو صدر مقام ويران کنڊرن وارو هي شهر اروڙ هوندو هيو جنهن جي انتظاميه ۾ ڪرمان، ڪيڪائان ۽ برهما وارا علائقا شامل هئا.  قدامت پٽاندر اروڙ آريا ورت سلطنت جي قديم ۽ شاندار شهرن هستناپور، ۽ پرسا (دلي) ۽ پتاليپترا (پونا) جو همعصر و ثاني هوندو هيو.  هن شهر جي چؤطرف هڪ قلعه گاهه هوندي هئي جنهن جي اندر سنڌ جو بهادر راجا ڏاهر رهندو هو.

P-02

اڪثر پاڪستاني يا مسلمان مورخن طرفان تاريخ ۾ سنڌ جي برهمڻ حاڪمن بشمول راجا ڏاهر کي ظالم، جابر ۽ ولن جي طور تي پيش ڪيو وڃي ٿو جڏهن ته محمد بن قاسم جي مسلمان هجڻ جي ناطي ان سان عقيدت رکندي عربن جي سنڌ تي حملي کي جائز قرار ڏنوويندو آهي. انهن ته حجاج بن يوسف جهڙي ظالم ماڻهو کي به نيڪوڪار ۽ منصف لکيو آهي جنهن کي پنهنجا عربي تاريخدان به نهايت سفاڪ و ظالم قرار ڏين ٿا.  اهڙي طرح اسان جا مورخ ۽ مصنف مروان جي پٽ عبدالملڪ کي مسلمانن جو نجات دهنده ۽ عظيم سپوت لکندا آهن جنهن کي ان جي منافقاڻي طبعيت سبب رسول ڪريم ﷺ جهڙي رحمدل انسان به مديني مان جلاوطن ڪري ڇڏيو هو.

هاڻي جيڪڏهن ڳالهه مجموعي صورتحال جي ڪئي وڃي ته اڄ تائين ڪنهن به تاريخدان راءِ ۽ برهمڻ گهراڻي جي باري ۾ ڪونه لکيو آهي ته انهن جو دورِ حڪومت سنڌ ۾ بدانتظامي، لاقانونيت يا جهالت جو زمانو هوندو هيو بلڪه اهو ته سنڌ جي تاريخ جو بهترين دور لکيو ۽ پڙهيو وڃي ٿو ڇو ته سنڌين وٽ دنيا جو بهترين سماجي نظام موجود هوندو هيو. راءِ خاندان جي 5 حڪمرانن جي دور ۾ صرف هڪ دفعو ايرانين سنڌ تي ڪاهه ڪئي.  ان کان علاوه هتي هر طرح سان امن و امان جي صورتحال رهي.

جيڪڏهن سنڌي ماڻهن ۾ ايمانداري جي ڳالهه ڪئي وڃي ته مان چند مثال عرب سياحن جي ڪتابن مان ڏيندس. شمس محمد بن احمد بشاري مقدسي لکي ٿو ته “سنڌ جا رهواسي ايماندار، ديانتدار، پرامن، سلوڪ وارا، ذهين، هوشيار، سخي، بااخلاق، نرم دل ۽ اسلام جا پابند آهن”. عمر بن محبوب پنهنجي خطن ۾ لکي ٿو ته “بصره ۾اهڙو ڪوبه مالدار ناهي جنهن وٽ خزاني جي انتظام لاءِ سنڌي ملازم نه هجن”. هڪ ٻئي خط ۾ اهو ئي صاحب رقم طراز آهي ته “بصره ۽ ڀرپاسي جي رهڻ وارن جڏهن ڏٺو ته ابو روح سنڌي پنهنجي مالڪ جي دولت ۽ ملڪيت ۾ زبردست اضافو ڪيو آهي ته سڀ ماڻهو سنڌين کي برڪت لاءِ خزانچي بڻائيندا آهن”.  ابنِ خردازبه لکيو آهي ته “خزاني جي سنڀال صرف سنڌي ماڻهن ۽ ان جي اولادن جي حوالي ڪئي وڃي ٿي، اهي ئي سنارڪي ڪم ۾ سڀني کان وڌيڪ ماهر ۽ ايماندار سمجهيا وڃن ٿا”. حضرت علي ڪرم الله وجهه به پنهنجي دورِ حڪومت ۾ بيت المال جو نگران سنڌ جي ماڻهن کي رکيو هيو.

سنڌين جي حڪمت جو هي عالم هو ته جڏهن حضرت بيبي عائشه صديقه بيمار ٿي پئي ۽ جڏهن جزيرة العرب جي ڪنهن حاذق جي دوا ڪم نه ڏيکاريو ته سندس ڀائرن سنڌ مان جت قوم جي هڪ طبيب کي گهرايو جنهن جي دوائن سان خدا تعاليٰ بيبي صاحبه کي شفا ۽ صحتمندي عطا فرمائي هئي. خليفي هارون رشيد جي لاعلاج بيماري لاءِ به ماڻڪ سنڌي نالي هڪ ويد سنڌ کان گهرايو ويو هيو جنهن خليفي جو ڪامياب علاج ڪيو هو.

انهي پسمنظر ۾ سنڌ جي علمي حيثيت جاچڻ لاءِ هي حديث شريف به غور طلب آهي ته “علم حاصل ڪيو چاهي ان جي لاءِ توهان کي “صين” ڇو نه وڃڻو پوي”. ان جملي ۾ “صين” کي اسان جي ترجمن ۾ “چين” لکيو ۽ پڙهيو وڃي ٿو جيڪو صحيح ڪونه آهي. جيڪڏهن هي لفظ “چين” هجي ته حديث شريف ۾ اهڙي طرح اچي ته “علم حاصل ڪريو چاهي ان جي لاءِ توهان کي “شين” وڃڻو پوي”. ڇو ته “چ” جي جڳهه تي عربي ۾ “ت” يا “ش” استعمال ڪيو وڃي ٿو“ص” نه.  مثال طور تي جيڪڏهن ڪراچي جو لفظ عربي ۾ لکيو وڃي ته “ڪراتشي” لکيو ويندو “ڪراصي” نه.  مون پنهنجي دوست عبدالرحيم عباسي کان به اها ڳالهه پڇي جيڪو نه رڳو سعودي عرب ۾ پيدا ٿيو آهي بلڪه عربي جي تمام لهجن جو ماهر به آهي ان ٻڌايو ته عربي جي تمام لهجن مان ڪنهن به لهجي ۾ به “چ” جي جڳهه “ص” نٿو لکيو وڃي. ان لاءِ هي لفظ “صين” اصل ۾ “سين” بڻجي ٿو جيڪو پراڻي عربي مسودن ۾ سنڌ لاءِ استعمال ڪيو ويندو هيو. يعني علم حاصل ڪريو توڙي جو ان لاءِ توهان کي صين (سين يعني سنڌ) ڇو نه وڃڻو پوي. کوڙ ساري قديم عربي ڪتابن ۽ دستاويزن ۾ سنڌ جو ذڪر صين جي نالي سان ڪيو ويو آهي جيئن توريت ۾ “دشتِ سين” لکيو ويو آهي. دشت جو مطلب ته ميدان يا جنگل ۽ سين جي اتي به وضاحت سنڌ ٿئي ٿي يعني سنڌ جو ميدان يا خطو. ان کانپوءِ “صين يا سين” لفظ ان دور ۾ عام استعمال هيٺ هوندو هو جيئن اباسين (سنڌوندي) کيت سين، ڏهرسين، چندرسين، جي سينه وغيره.

اروڙ شهر جي عروج واري دور ۾ عربي ٻيٽ جي ڊيگهه ۽ ويڪر ۾ جهالت ۽ بدامني جو عروج هوندو هيو. بلڪه چيو وڃي ٿو ته سڄي دنيا ۾ امن هو پر پورو عربستان جهالت جي اونداهه ۾ ٻڏل هوندو هيو. حالات جي خرابي جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته برهمڻ دورِ حڪومت ۾ چچ جي مسندي کان راجا ڏاهر جي شهادت تائين سنڌ ۾ صرف 3 حڪمران گذريا آهن جڏهن ته عربن جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته اتي ايتري ته انتظامي بدامني ۽ سياسي انتشار هيو جو 4 منجهان 3 خليفا بي دردي سان مسلمانن هٿان ئي شهيد ٿيا جيڪي ٽئي رسول الله صلعم جا عزيز پڻ هئا.  امام حسن عليه السلام کي خلافت کان هٽايو ويو، يلغار ٿي، ڪربلا ۾ رسول ڪريم صلعم جي اولاد سان ڪيل ناانصافيون، حضرت امام حسين رضه الله عنه ۽ سندس ساٿين جي شهادت، هزارين پرامن خاندانن جي ٻين ملڪن ڏانهن هجرت وغيره  وغيره. واضع رهي ته ڪربلا جو افسوسناڪ واقعو 61 هجري ۾ راجا ڏاهر جي دور ۾ ٿيو هيو. انهي سال امام حسين جي قتل جا مک جوابدار عبيدالله بن زياد ۽ منڌر بن جارود بن بشر کي سنڌ تي حملي لاءِ روانو ڪيو ويو هيو.   محمد بن قاسم سان گڏ عربن ڇا ڪيو جو 96 هجري ۾ جانور جي تازي لاٿل کل ۾ کيس سبرائي سنڌ مان واپس گهرايو ويو جتي معاويه بن يزيد بن مهلب زنجيرن ۾ جڪڙي قيد ڪيو ۽ عراق جي هڪ عامل صالح عبدالرحمان جيل ۾ اذيتون ڏئي کيس قتل ڪري ڇڏيو.

چئي سگهجي ٿو ته سنڌ تي حملو ڪرڻ وارن عربن ۾ حضرت امام حسين رضه الله عنهه جا قاتل ۽ قاتلن جا ساٿاري به شامل هئا جن هتي اچي اهو ئي سڀ ڪجهه ورجايو جيڪو انهن ڪوفي ۾ ڪيو هيو بلڪه هتي ڪجهه وڌيڪ ئي زيادتيون ڪيائون.  اتي هڪ ڪربلا ٿي هئي سنڌ جون هزارين زنده وستيون، شهر ۽ آباديون اَجاڙي هزارين ڪربلائون برپا ڪيون. انهن غاصب لٽيرن کي رڳو مسلمان هئڻ ناطي اسان جي مورخن سنڌ جي تاريخ ۾ هيرو بڻائي ڇڏيو آهي ۽ ان دور ۾ سنڌ جا اهي جوڌا جيڪي پنهنجي جياپي، پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي عزتن کي مالِ غنيمت ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ بهادري سان وڙهندي شهيد ٿيا انهن کي غدار رڳو ان لاءِ ڪوٺيو ويو جو مذهبي طور تي هندو هئا.

اتهاسي معاملن ۾ اهڙيون منافقتون رڳو سنڌ ۽ بلوچستان سان ٿيندڙ نظر اچن ٿيون ۽ پاڪستان جي ٻين صوبن جي تاريخن ۾ اهي جٺيون گهٽ آهن. پنجاب وارا ته ان رنجيت سنگهه جي بي انتها عزت ڪندا آهن جنهن لاهور جي شاهي مسجد کي گهوڙن ۽ گڏهن جو طبيلو بڻائي ڇڏيو هيو. هنن پنهنجي مهاراجا جي نه رڳو قبر سڀنالي رکي آهي پر سندس معاملن کي لاهور واري قلعي جي پوري گيلري حوالي ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ ان جو ساز ۽ سامان به محفوظ ڪرڻ سان گڏ ان جي گهوڙي کي حنوط ڪري رکيو ويو آهي جنهن جي زيارت به ٿيندي رهندي آهي پر سنڌ جي عاشقن ۽ جيدار پٽن راجا ڏاهر، جي سينه، هيمون ڪالاڻي، روپلي ڪولهي وغيره جو نالو وٺڻ وارو به ڏوهي قرار ڏنو وڃي ٿو.

ڪرداري لحاظ کان به سنڌي بهادرن ۽ عرب حمله آورن جو ڪو ميلاپ نه هيو. مثال جي طور تي هڪ واقعو مهاراجا ڏاهر جي پٽ جيسينا جو وٺون ٿا. پنهنجي پيءُ جي شهادت کانپوءِ جيسينا ڪيرج طرف روانو ٿيو جتي رهائش پذيري دوران اتان جي حاڪم جي ڌيءُ مٿس موهت ٿي پئي پر جيسينيا سندس اظهار ڪرڻ تي کيس چيو هيو “اي شهزادي اسان پنهنجي نڪاح ۾ آيل عورتن کان علاوه ڪنهن ٻئي عورت سان ميل ملاپ سٺو ڪونه ڀائيندا آهيون. اهڙو ڪم مون کان ان لاءِ به ڪونه ٿيندو جو اسان برهمڻ ماڻهو راهب ۽ پرهيزگار هوندا آهيون. بزرگن، متقن، عالمن ۽ حريت پسندن کي اهڙا ڪم زيب ڪونه ٿا ڏين”. هاڻي ٻيو مثال وٺون ٿا محمد بن قاسم جو جنهن جي سنڌ تي ڪاهه واري سموري مهم تي دمشق سرڪار جا صرف 60 هزار درهم خرچ ٿيا هئا جڏهن ته سنڌ کان ان کي مال غنيمت طور 13 ڪروڙ 75 لک روپين جو مال و متاع، 30 هزار مرد ۽ عورتون هٿ آيون هيون.  انهن مردن کي غلام ۽ عورتن کي ڪنيزون بڻائي عربي لشڪر وارن انهن منجهان ڪجهه پنهنجي لاءِ رکيون ۽ باقي سڀني کي مالِ غنيمت سان گڏ حجاج بن يوسف جي خدمت ۾ بصري موڪلي ڇڏيون هيون. عربي سالارن قبضي ۾ آيل خوبصورت سنڌي عورتن کي حسبِ منصب ورهائي کنيو هيو. محمد بن قاسم راجا ڏاهر جي راڻي لاڏي سان زبردستي شادي ڪري ڇڏي ۽ ان جي ٻن ڌيئرن سونهن ديوي ۽ پرمل ديوي ۽ هڪ ڀاڻيجي سندري کي به ڦرجي مال جيان بصري موڪلي ڇڏيو هو. اهي هيا عربي حمله آورن جا ذهني ۽ شخصي ۽ اخلاقي پرڪار.

تاريخي ڪتابن ۾ ٻين سنڌي سپوتن وانگر راجا ڏاهر کي ڪافر، فاسق ۽ ملعون چئي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته سنڌين ۽ عربن واري ويڙهه حق ۽ باطل جي جنگ هئي ۽ “هي ته” عام سنڌي عوام ڏاهر کان خائف ۽ عربن جي حملي سان خوش ٿيو هيو. توڙي جو اها حقيقت به تاريخي رڪارڊن تي موجود آهي ته مهاراجا ڏاهر جي شهادت کان پوءِ ايندڙ 3 سئو سالن کان به وڌيڪ عرصي تائين سنڌي يوڌا عربن سان ڇاپامار جنگ ذريعي پنهنجي آزادي جي جنگ وڙهندا رهيا هئا”.

ان مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌين ڪڏهن به عربن کي حق تي ڪونه سمجهيو هيو ان ڳالهه جو ثبوت اهو به آهي ته عربن سنڌ تي قبضو ته ڪري ورتو يعني711ع کان هباري خاندان (55-854ع)  جي خاتمي تائين سندن جو سنڌ تي تسلط رهيو پر ايتري ڊگهي عرصي تائين حڪمران هجڻ جي باوجود عربي تهذيب سنڌي تهذيب کي پنهنجي ثقافت ۾ نه صرف هي ته ضم  ڪري نه سگهي بلڪه ان تي ڪجهه به قابلِ ذڪر اثرات ڪونه ڇڏيا جيئن عربن ٻين مفتوح علائقن مصر، تيونس، الجزائر، مراڪش وغير ۾ ڪيو هو ته اتان جي زبان، تهذيب وتمدن تي عربي زبان ۽ ڪلچر ڇائجي ويو.

P-01

  اها ڳالهه به قابلِ غور آهي ته سن 710ع ۾ جڏهن سرانديپ جي راجا جا حجاج بن يوسف لاءِ موڪليل تحفا لٽيا ويا هئا ته حجاج ڏاهر کي خط لکيو هيو ته “بحري قزاقن کان اهي تحفا واپس ڪرائي”. جنهن جي جواب ۾ راجا ڏاهر کيس جواب ڏنو هيو ته “قذاق ڪنهن جي ظابطي ۾ نه ٿا اچن”. تڏهن حجاج بزيل کي سنڌ تي حملو ڪرڻ لاءِ موڪليو جنهن سامونڊي رستي تي سفر ڪندي نيرون ڪوٽ ۾ منزل گاهه ڪئي هئي، جتي هارون 3 هزار عربن جي وڌيڪ لشڪري مدد پهچائي هئي جنهن ڪري بزيل ديبل تي حملو ڪيو پر ڏاهر جي پٽ جيسينا جي هٿان شڪست کائي مارجي ويوهيو.

ان حقيقت مان هيءَ ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته سنڌ تي حملو ڪرڻ يا ڪرائڻ واري عربن جي نيت شروع کان هئي. کين نه اسلام پکيڙڻ سان غرض هئي نه ئي حجاج هڪ عورت جي (مدد لاءِ) دانهن ٻڌي سنڌ تي فوج موڪلي هئي نه ته ڪجهه عورتن جي بحري قذاقن جي هٿان اغوا تي تڙپڻ وارو حجاج (جيڪڏهن واقعي سچو مسلمان يا ايماندار شخص هجي ها ته) هزارين بيگناهه عورتن جي پنهنجي سالارن هٿان عصمت دري ۽ تذليل ڪيئن گوارا ڪري ها يا سنڌ کان موڪليل عورتن کي مال غنيمت طور ڪيئن قبول ڪري ها.  يا وري محمد بن قاسم جيڪو ٽن عورتن جي عزت بچائڻ آيو هو اهو هزارين عورتن کي هتان ٻڌي پنهنجي آقا جي غلامي ۾ موڪلڻ جي دلالي نه ڪري ها.

مستند تاريخي روايتن ۽ ڪتابن ان سببن کي بلڪل نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي جيڪي سنڌ تي قبضي جي سلسلي ۾ شروعات کان ٿي رهيا هيا. ان مقصد ۾ بحرِهند تي عربن جي قبضي ڪرڻ وارو خواب سڀ کان اهم هيو. حيرت جي ڳالهه آهي ته رحيمداد مولائي شيدائي جهڙو روشن خيال مورخ به ڪٿي ڪٿي تاريخي اصولن کان ڀٽڪي ويو آهي هو جنت السنڌ جي صفحي 99 تي لکي ٿو ته “جهڙي ريت روم ۽ ايران جي گڏيل جنگين ساساني شهنشاهيت ۽ اوڀري بيزنطاني سلطنتن کي ڪمزور ڪري ڇڏيو هو اهڙي طرح سنڌ ۾ سمنين ۽ برهمڻن جي گڏيل دشمني نه رڳو راجا ڏاهر جي حڪومت کي اڏوهي جيان چٽي ڇڏيو هيو پر مروج مذهبي اعتقادن کي به ڪمزور ڪري ڇڏيو هيو ۽ عوام الناس کي حڪومت کان ڪابه همدردي نه رهي هئي”.  اهو ئي صاحب ساڳي ڪتاب جي صفحي نمبر 108 تي پنهنجي مٿئين بيان جي انحرافي ڪندي ملي ٿو ته “عرب  فاتحن ڏاهر جو سر ڪپي نيزي تي رکي گهمايو ته جيئن ڏاهر جي فوج کي ان جي مرڻ جو يقين ٿي وڃي ڇو ته هو (سنڌي) مسلسل بي جگري سان وڙهي رهيا هيا.  محمد بن قاسم اعلان ڪيو ته جيڪو مسلمان ٿيندو يا جزيو ادا ڪندو ته ان کي آزاد ڪيو ويندو. اروڙ شهر کي چپڌاري هڪ مضبوط ڀت ڏنل هوندي هئي جنهن جي اندر رهي شهر وارن ڪيترن ئي مهينن تائين عربن سان مقابلو ڪيو پر آخرڪار (رسد ۽ کاڌ خوراڪ وغيره ختم ٿيڻ تي) تنگ اچي ڪجهه شرطن تي پيش پيا هيا”. مٿان واري بيان مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌي عوام نه پنهنجي حڪمرانن کان خائف هئا ۽ نه ئي انهن پنهنجو دفاع وساريو هيو نه ته ڪيترن مهينن تائين قلعي بندي واري حالت ۾ جنگ ڇا لاءِ جاري رکن ها.

سنڌي تاريخ جي بدقسمتي رهي آهي ته ان جي مستندي جو دارومدار سدائين غير سنڌي لٽيرن ۽ انهن جي ساٿارين جي لکتن تي رکيو ويو آهي جن ظاهر آهي ته پنهنجي فاتح حمله آورن کي هيرو لکيو هوندو جن هزارين سالن تائين سنڌ جي زرخيز هنج اجاڙي سنڌين جو خون وهائي هتي ڦرلٽ ڪئي. انهن جي پيروي ڪندي اسان جي تحقيقي ۽ تاريخي پيروڪارن به انهن حملي آورن کي امن جا پرچارڪ ۽ انسانيت جا مسيحا پئي لکيو ۽ ورجايو آهي. الميو هي آهي ته جن لٽيرن هن پاڪ ڌرتي جو ماس ڳجهن وانگر پٽيو انهن کي اسان جي تعليمي سبقن ۽ نسابن ۾ معتبر لکي هن ڌرتي جي بهادر سپوتن کي غدار لکيو وڃي ٿو.

سنڌ ۾ راءِ ۽ برهمڻ گهراڻڻ جي راجائن جي گادي وارو هنڌ اروڙ هوندو هيو. عربن جي حملي وقت هتان جي ڪجهه پرامن ماڻهن شهر مان ڀاڄ کاڌي. انهن مان جيڪي ٻيڙين ۾ ويهي چڙهي نڪتا تن کي درياهه ڪناري جيڪا جاءِ يا علائقو سٺو لڳو ته پنهنجو لنگر اڇلي اتي آباد ٿي ويا.  انهن منجهان ڪيترائي سنڌي اڄ به پنجاب جي مختلف علائقن جهڙوڪ بهاولپور ۽ ان جي پويان سنڌو ندي جي ڪنارن جي آس پاس آباد ٿيا سي اڄ به پنهنجو پاڻ کي اروڙونسي يعني اروڙ جا رهڻ وارا چورائيندا آهن. هڪ دور ۾ پنجاب منجهان بدامني سبب انهن خاندانن جا کوڙ گهراڻا اتان کان هجرت ڪري راجپوتانه هليا ويا، ڪجهه سنڌ واپس آيا ته ڪجهه قلات ڏانهن هليا ويا هئا.

خيال هي آهي ته راجا دلوراءِ ( 713هجري) جي زماني ۾ جڏهن سنڌو ندي پنهنجو رخ بدلائي ڇڏيو هيو تڏهن نه رڳو هي زرخيز علائقو ويران ٿيندو ويو پر ان جي آبادي به آهستي آهستي ويجهي شهر روهڙي ڏانهن منتقل ٿيندي وئي جيڪو پهريان ته هڪ ننڍڙو ڳوٺ هيو پر اروڙ کان هجرت ڪري ايندڙ آبادي سبب آهستي آهستي هڪ سٺو شهر ٿي ويوهيو ۽ جتي ڪنهن دور ۾ اروڙ جو زبردست شهر هوندو هيو اتي هاڻي انهي نالي جو نهايت محدود آبادي وارو هڪ ننڍو ڳوٺ آباد رهجي ويو آهي.     پورو ٿيو

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو