Home / اسپيشل افيئر / افغان طالبان سان امن ڳالهيون: آمريڪا جي ناڪامي يا ڪاميابي؟
above article banner

افغان طالبان سان امن ڳالهيون: آمريڪا جي ناڪامي يا ڪاميابي؟

عبدالصبور گاڏهي

Abdul Saboor

هن وقت جنهن انداز سان روس ۽ چين آمريڪا جي مقابلي ۾ ٻين ملڪن جي مسئلن کي حل ڪرڻ  ۾ دلچسپي وڌائي ڇڏي آهي ته  سرد جنگ جي ختم ٿيڻ  ۽ سويت يونين جي ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو آهي جو آمريڪا کي دنيا جي سياست ۾  پريشاني جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. ان پريشاني ۾  شام ۽ ايران سان پنهنجا لاڳاپا قائم ڪرڻ ۽ تڪرارن کي حل ڪرڻ ۾ آمريڪي اختيار ڌڻي ورهايل نظر اچي رهيا آهن.جنهن ۾ اهم نُڪتا شام مان پنهنجي فوج جو مڪمل نيڪالي وارو اعلان ، عراق ۾ صدام جو تختو انڌو ڪري قائم ڪيل حڪومت جو آمريڪا بدران ايران طرف وڌيڪ جهڪاء رکڻ ۽  عراق اندر آمريڪا جي اتحادي ۽ عراق جي پاڙيسري ملڪ   سعودي عرب بدران ايران جي تمام گهڻي مداخلت ، خطي جي اهم ملڪ ترڪي سان ناتن ۾ دوري،ايران خلاف P5+1 معاهدي کي ختم ڪرڻ کان پوءِ  دنيا سطح تي دٻاءُ قائم ڪرڻ ۽ ايران جي معاشي ناڪابندي ڪرڻ  ۾ ناڪامي کان وٺي ملڪ جي داخلي سطح تائين معاشي توڙي سرحدي معاملن تي هلندڙ مسئلا ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري رهيا آهن ته ايندڙ وقت ۾  دنيا اندر  فيصلا ڪندڙ صرف آمريڪا نه پر ٻين طاقتور ملڪن جي ڳالهه به ٻڌڻي پوندي.

P-01

گذريل سال کان جنهن انداز ۾ چين ۽ روس افغان  طالبان اڳواڻن سان  افغانستان  ۾ امن قائم ڪرائڻ لاءِ سڌا رابطا  شروع ڪري ڇڏيا آهن ان سان اها اميد ضرور پيدا ٿي آهي ته هاڻي ٻيو ڪجهه نه ،پر گهٽ ۾ گهٽ ان ملڪ ۾ رتوڇاڻ ته بند ٿيندي.افغانستان ۾ چين ۽ روس جي امن لاءِ گڏيل ڪوششون وٺڻ جا ٻيا به ڪافي ڪارڻ ٿي سگهن ٿا پر سڀني کان وڌيڪ اهم نُڪتو اهو آهي ته ٻئي ملڪ افغانستان جي سرحدن سان ڄڻ ته مليل آهن ۽ جنهن انداز سان اتي 16 سالن کان وٺي آمريڪا جي اڳواڻي ۾ طالبان خلاف جنگ هلي رهي آهي ۽ ملڪ ۾ مڪمل طور گهرو ويڙهه جي صورتحال آهي ته انهن حالتن ۾ ٻنهي ملڪن لاءِ ايندڙ ڏهاڪن ۾  سيڪيورٽي جا مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا جنهن ۾ پاڪستان جو مثال ڪافي آهي ته افغانستان جو پاڙيسري هجڻ جي ناتي  افغان جنگ جا پاڪستان جي معاشي ۽ سماجي ڍانچي تي انتهائي گهرا اثر پيا. جنهن ۾ 2001 جي سال ۾ 164 عام ماڻهن جي مارجي وڃڻ کان وٺي  2017 تائين اهو تعداد 60 هزار عام ماڻهن تائين پهتوآهي. جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ سيڪيورٽي ادارن جي مضبوط ارادن ۽ منصوبابندي جي ڪري هن وقت انهن عنصرن جي پاڙ پٽجي چڪي آهي. ان جي ڪري ئي روس ۽ چين طرفان افغانستان ۾ امن جي راه هموار ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي سهڪار سان افغان طالبان کي راضي ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن.

اهي ڪوششون ان ڪري به ٻنهي ملڪن لاءِ ضروري آهن جو جيڪڏهن افغانستان ۾ امن نه هوندو ته چين جي اهم مها معاشي منصوبي سي پيڪ سان جڙيل اهم منصوبن کي خطرا پئدا ٿيڻ، روس جي پاڙيسري وچ ايشيائي مسلمان  رياستن ۾ افغان گهرو جنگ جو اثر ٿيڻ  سميت روس کي چين ۽ پاڪستان جي مدد سان سي پيڪ جي ذريعي گرم پاڻِي تائين پهچ کي يقيني بنائڻ اهم آهن.ان سڄي  صورتحال کي ڏسندي ٻنهي ملڪن طرفان پاڪستان جي افغان طالبان جي باري ۾ قائم ڪيل پاليسي جي مڪمل حمايت ڪندي طالبان کي ڳالهين جي ميز تي وٺي آيا.هونئن ته پردي جي پٺيان طالبان اڳواڻن سان ڳالهيون جاري هيون پر گذريل سال نومبر ۾  پهريون دفعو طالبان اڳواڻن کي روس جي ميزباني هيٺ آمريڪا نواز  افغان حڪومت   سان افغانستان ۾  امن قائم ڪرائڻ واسطي  ماسڪو۾ هڪ ڳالهين  جي ٽيبل سجائي وئي جنهن ۾ افغانستان جي ٻين پاڙيسري ملڪن پاڪستان ،ايران،هندستان سميت مختلف ملڪن جي نمائندن شرڪت ڪئي،پر ان ڳالهين ۾ افغان حڪومت طرفان شامل نه ٿيڻ ڪري اجلاس جو ڪو خاص فائدو نه ٿيو،پر اهو ضرور ٿيو جو افغان طالبان جي وفد کي ائين وڏن طاقتن سان گڏ چانهه پيئندي 17 سالن کان پوءِ ڏٺو ويو.

P-02

ان صورتحال کي پرکيندي آمريڪا جي سرڪار به نيٺ گوڏا کوڙي ڇڏيا ۽ اندروني توڙي ٻاهرين دٻاءَ کي قبول ڪندي افغان طالبان سان سڌي ريت ڳالهين لاءِ راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.

جنهن ۾ پاڪستان جي مدد جي بدولت آمريڪا ۽ افغان طالبان گذريل سال ڊسمبر ۾ گڏيل عرب امارات ۾ ڳالهيون ٿيون پر ان جو ڪوبه خاص نتيجو نه نڪري سگهيو.آمريڪا طرفان افغان ڄائو زلمي خليل زاد طرفان آمريڪا جي وفد جي نمائندگي  ڪئي.ان کان پوءِ ڳالهين جو ٻيو دور جنوري ۾ دوها ۾ طئي ٿيل هو پر طالبان طرفان طئي ٿيل وقت کان ٻه ڏينهن اول ڳالهين ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو،جنهن جو ڪارڻ طالبان طرفان ڳالهين کان اول پنهنجن 2500 ساٿين جي افغاني جيلن کان آزادي سميت آمريڪا افغانستان ۾ پنهنجو فوجي آپريشن کي ڳالهين طئي ٿيڻ  تائين معطل  رکڻ وارا شرط رکيا ويا.طالبان طرفان ان جو ڪارڻ اهو پيا ٻڌائڻ ته اسان کي جيئن يقين ٿئي ته آمريڪا ڳالهين لاءِ دلي طور راضي آهي.

بهرحال روس ۽ چين طرفان شروعات ڪرڻ کان پوٰءِ آمريڪا سرڪار جو ائين طالبان سان ڳالهين لاءِ راضي ٿيڻ سان خطي ۾ امن جي لاءِ هڪ نئين اميد ضرور جاڳي آهي.انهن ڳالهين جي نتيجي کان پوءِ اهو پڻ ڏسڻو آهي ته اتي جيڪا حڪومت قائم ٿئي ٿي اها پاڪستان سان ڪيترو سهڪاري هجي ٿي،ڇو ته موجوده وقت ۾ ڪابل ۾ قائم حڪومت جو پاڪستان جي مقابلي ۾ هندستان طرف گهڻو جڪهاءُ هجڻ جي ڪري پاڪستان پنهنجي اولهندي سرحد کي ڪنڊيدار تارن سان بند ڪري رهيو آهي.

اهي امن ڳالهيون پاڪستان جي مدد سان ئي ٿي رهيون آهن ته يقينن ڪابل ۾ اهڙي حڪومت قائم ڪئي ويندي جيڪا افغانستان ۾ امن کي يقيني بنائڻ سان گڏ پاڪستان سميت پاڙيسري ملڪن سان پنهنجن ناتن کي استوار رکي سگهي ۽ ٻين ملڪن سان گڏجي ڪري خطي جي ترقي ،خوشحالي ۽ امن لاءِ پر عزم هجي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو