Home / ڪور افيئر / اقتداري کيڏاڙ جو منجهيل سُٽ!
above article banner

اقتداري کيڏاڙ جو منجهيل سُٽ!

عاجز جمالي

 Aajiz Jamali

هي ڇا ڪو عجب اتفاق هئو يا سياسي ڪڙيون ملائيندڙ گرنارين جو ڪمال هو جو جنهن ڏينهن اسٽيٽ بئنڪ جي اها رپورٽ شايع ٿي ته حڪمران جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف جا ڏهه ڳجها بئنڪ اڪائونٽس ڪم ڪري رهيا آهن جيڪي اڳي ظاهر نه هئا. عين ان ڏينهن صبح جو ڪراچي ۾ حڪمران جماعت جو سرگرم اسيمبلي ميمبر صوبائي اليڪشن ڪميشن پهچي ويو ۽ هُن پنهنجي هٿ سان لکيل درخواست ڏني ته هُو آصف زرداريءَ جي لڪايل ملڪيت جي بنياد تي سندس نااهليءَ بابت پنهنجي درخواست واپس وٺڻ چاهي ٿو. هٿ سان لکيل درخواست مان اندازو ٿي رهيو هو ته کيس صبح ساجهر ئي اها هدايت ملي هوندي. خرم شير زمان هڪ ڏينهن اڳ وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪري چڪو هو.

آصف زرداريءَ خلاف صوبائي اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست خرم شير زمان پنهنجي مرضيءَ سان داخل نه ڪئي هئي بلڪه ان جو باقاعده اسلام آباد ۾ فيصلو ٿيو هو جنهن جو اعلان وفاقي وزير فواد چوڌريءَ پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو هو. سو اها ڳالهه ته پڪي آهي ته زرداري خلاف درخواست واپس وٺڻ جو فيصلو به وفاقي سرڪار جو آهي پر ان ساڳي ڏينهن وفاقي ڪابينا جو اجلاس به هو، ان اجلاس ۾ وري سپريم ڪورٽ جي هدايت ۽ گهرو وزارت جي سفارش باوجود بلاول ڀٽو زرداري ۽ مراد علي شاهه جو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) مان نالو خارج نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. يعني هڪ پاسي نرمي ته ٻئي پاسي سختي.

تنهنجي رمز سهڻا مان ڇا سمجهان

اقرار به آ ته انڪار به آ.

ان ئي ڏينهن وزيراعظم عمران خان جي ٺاهيل ٽاسڪ فورس جي سربراهه ضيغم رضوي سنڌ جي وڏي وزير مُراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي، وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل ملاقات ۾ وفاقي سرڪار طرفان سنڌ سرڪار کي آڇ ڪئي وئي ته سنڌ ۾ سرڪار سستا گهر ٺاهڻ لاءِ هائوسنگ اسڪيم شروع ڪري وفاقي سرڪار سنڌ کي مالي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هي اُها ئي وفاقي سرڪار آهي جيڪا سنڌ کي مالياتي ايوارڊ جي حصي مان رهيل 90 ارب روپيا ڏيڻ لاءِ ته تيار ناهي پر هائوسنگ اسڪيمن لاءِ پئسا ڏيڻ چاهي ٿي. سموريون ڪڙيون ملي رهيون آهن ته ڪا اهڙي ڪوشش ٿي رهي آهي جو آصف زرداريءَ کي ٿڌو ڪجي پر ان سان گڏ ئي ڪا اهڙي ڪوشش به ٿي رهي آهي ته آصف زرداري ۽ عمران خان جي ٽڪراءُ کي وڌيڪ گرم ڪجي، جنهن جو نيٺ نتيجو عمران خان سرڪار جي پڄاڻي جي صورت ۾ نڪري سگهي ٿو. اها ڳالهه عمران خان جا ڪيترائي حامي ڪالم نويس به هاڻي چوڻ لڳا آهن. ڇو ته آصف زرداري بهرحال “بادشاهه گر” ته آهي. هي اهو “ڪنگ ميڪر” آهي جيڪي سياست ۾ داءُ نه هڻندو آهي، پهرين مخالف کي ڌڪ هڻڻ جو موقعو ڏيندو آهي، زخمي ٿيڻ کان پوءِ داءُ هڻندو آهي.

P-01

ڪنهن کي اهو اندازو ئي نه هوندو ته آصف زرداري پنهنجي راند بلوچستان مان شروع ڪندو. بلوچستان ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ٺاهيل “باپ” جي سرڪار ڊاهڻ لاءِ ڪم شروع ٿي ويو آهي جنهن ۾ بلوچستان نيشنل پارٽيءَ جي سرواڻ اختر مينگل جو ڪردار اهم هوندو. اچو ته ڪجهه ٻيون ڪڙيون ملائي ڏسون. هڪ ڏينهن اڳ نيشنل پارٽيءَ بلوچستان جو سرواڻ سينيٽر حاصل بزنجو بلاول هائوس پهچي ٿو، هُو آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداريءَ سان ملاقات ڪري ٿو، ان کان ٻئي ڏينهن سينيٽ جو چيئرمين صادق سنجراڻي ۽ بلوچستان جو اڳوڻو وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو اخترمينگل جي گهر پهچن ٿا. ياد رهي ته صادق سنجراڻيءَ کي سينيٽ جو چيئرمين بڻائڻ ۾ به آصف زرداريءَ جو ڪردار هو ۽ عبدالقدوس بزنجو کي وڏو وزير بڻائڻ ۾ به آصف زرداريءَ ڪردار ادا ڪيو هو. بلوچستان جي سياست جون ٽي الڳ الڳ ڪڙيون اختر مينگل، حاصل بزنجو ۽ قدوس بزنجو آهن. آهي نه مزيدار ڳالهه جو ٽنهي جا آصف زرداريءَ سان رابطن ۽ ملاقات جو سلسلو جاري آهي. سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته حاصل بزنجو نواز شريف جو اتحادي، قدوس بزنجو عمران خان جو اتحادي ۽ سردار اختر مينگل به عمران خان جو اتحادي، پر هي سڀ جو سڀ صلاحون وٺڻ لاءِ آصف زرداريءَ وٽ اچن ٿا. ان کي چئبو آهي “ڪنگ ميڪرز” جنهن جي گرفتاريءَ جو ڏينهن وقت به پاڪستان جي ميڊيا مقرر ڪري چُڪي هئي پوءِ ڇا ٿيو آخر؟ جو سپريم ڪورٽ ڪيس کي ٻه مهينا اڳتي وڌائي ڇڏيو ۽ هاڻي هي ڪيس شروع ڪندڙ چيف جسٽس سپريم ڪورٽ مان وڃي چُڪو هوندو.

پر سوچڻ جي ڳالهه اِها به آهي ته آصف زرداريءَ جا جعلي بئنڪ اڪائونٽس عدالت ۾ کڻي ويندڙ سرڪار جا پنهنجا 8 ڳجها بئنڪ اڪائونٽس نڪري پيا، جن کي وزيراعظم عمران خان ۽ سنڌ جو هاڻوڪو گورنر عمران اسماعيل هلائيندا هئا. انهن ڳجهن اڪائونٽس جي رپورٽ اچڻ کان پوءِ عمران اسماعيل جي گورنر بڻجڻ جي ڳالهه به سمجهه ۾ اچڻ لڳي آهي. نه رڳو ايترو پر آمريڪي شهر “نيو جرسي” ۾ عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان جون نيون ملڪيتون نڪري پيون آهن. لڳ ڀڳ پاڪستاني 50 ڪروڙ روپين جي اها نئين ملڪيت ايئن ئي بينامي ملڪيتن ۾ شامل ٿيندي جيئن آصف زرداريءَ جا بئنڪ اڪائونٽس. هي سڄي صورتحال ٻڌائي پئي ته هاڻي ڳالهه رڳو آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي ملڪيتن تائين نه بيهندي، هاڻي ٻين لاءِ کڏ کوٽڻ وارن لاءِ ڪا نئين کڏ کوٽجي رهي آهي، جنهن جو سياسي فائدو بهرحال پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) کي ٿيڻو آهي ۽ سياسي نقصان هر حال ۾ تحريڪ انصاف کي ٿيڻو آهي ڇو ته تحريڪ انصاف جي بهرحال وفاقي سرڪار آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ آصف زرداريءَ خلاف واويلا ڪندڙ پي ٽي آءِ جا ايم پي ايز سنڌ اسيمبليءَ ۾ پنهنجي ئي وفاقي سرڪار خلاف پيش ڪيل قرارداد جي حمايت ڪرڻ لڳا.

P-02

ان ڪري راند تبديل ٿي رهي آهي، راند کي ڦيرائڻ لاءِ به ڪا راند ٿي رهي آهي، اهڙي راند نظر نه پئي اچي، بلڪل ايئن ئي جيئن صادق سنجراڻي کي سينيٽ جو چيئرمين بڻائڻ جي راند ڪنهن کي نظر نه پئي آئي. شايد ايئن ئي صادق سنجراڻي کي هٽائڻ جي راند به ڪنهن کي نظر نه اچي ۽ پتو تڏهن پوندو جڏهن ڦهڪو ٿيندو ۽ ان جو آواز ٻڌبو، ٻاهر نڪري ڏسبو ته راند گهمي چُڪي هوندي. ٻيو وڏو ڪم  پارليامينٽ ۾ فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌاري جو آهي، مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي گڏجي سڄي مخالف ڌر کي ساڻ ڪري اهو پيغام ڏيڻ واريون ته فوجي عدالتن ۾ واڌاري جي بل جي پارليامينٽ ۾ مخالفت ڪئي ويندي. حاصل بزنجو جڏهن آصف زرداريءَ سان ڪراچي ۾ مليو ته ان جي ٻئي ڏينهن وري آصف زرداريءَ جو دوست، پيپلز پارٽي ڏکڻ پنجاب جو صدر مخدوم احمد محمود (پير پاڳاري جو مامو) نواز شريف سان ملاقات ڪرڻ پهچي ويو ۽ هُن سندس طبيعت پُڇي. هنن سمورين ڪڙين جو هڪ ٻئي سان گهرو ڳانڍاپو آهي. پيپلز پارٽيءَ جا اهم اڳواڻ ٻڌائين ٿا ته آصف زرداريءَ جي ڪچهرين ۾ ڪيترائي ماڻهو وفاقي سرڪار ڊاهڻ جي ڳالهه ڪري وڃن ٿا پر انهن کي آصف زرداريءَ جو جواب اهو هوندو آهي ته “في الحال ان راند ۾ نه پونداسين، ايستائين پهچڻ ۾ وقت لڳندو.”

مولانا فضل الرحمان کي به آصف زرداريءَ اهڙو ئي پيغام ڏنو ته گڏيل مخالف ڌر کي هڪ ڪرڻ لاءِ بهتر وقت جو انتظار ڪريو. ياد رکڻ جي ڳالهه آهي ته بلوچستان سرڪار کي هيٺ مٿي ڪرڻ ۾ مولانا فضل الرحمان جو به اهم ڪردار هوندو. پي ٽي آءِ جا اُهي ناسمجهه اڳواڻ جيڪي سنڌ سرڪار ڊاهڻ ۽ گورنر راڄ لڳرائڻ لاءِ نڪتا هئا اُهي هاڻي به ڪونه پيا سمجهن ته بلوچستان ۾ ڇا ٿي سگهي ٿو. بلوچستان ۾ اسيمبليءَ اندر تبديلي لاءِ ڪم هلي ٿو. ڄام ڪمال جو متبادل قدوس بزنجو به ٿي سگهي ٿو يا ڪو ٻيو به ٿي سگهي ٿو پر بدلجندڙ راند جي شروعات بلوچستان کان ٿي سگهي ٿي.سينيٽ کان ٿي سگهي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾عمران خان جي سرڪار کي وڏو جهٽڪو ايندو. ڪجهه ماڻهن جو اهو خيال آهي ته آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي گرفتار ڪري بلاول ۽ مراد علي شاهه جا نالاڪيس مان خارج ڪري اهو تاثر ڏنو ويندو ته نيب سڀني لاءِ برابر آهي پر اقتداري سياست سان  ويجهڙائپ رکندڙ چون پيا ته هاڻي شايد آصف زرداري گرفتار نه ٿي سگهي، شايد عمران خان جي وفاقي سرڪار کي هڪ اهڙو وڏو “يوٽرن” وٺڻو پوي جو هن کان اڳي سندس آڏو اهڙو “يوٽرن” نه آيو هوندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو