Home / اسپيشل افيئر / ايران جو انقلابي شاعر عشقي، جنهن کي جوانيءَ ۾ قتل ڪيو ويو!
above article banner

ايران جو انقلابي شاعر عشقي، جنهن کي جوانيءَ ۾ قتل ڪيو ويو!

Yousif Sindhiيوسف سنڌي

جيتوڻيڪ عشقي نوجوانيءَ ۾ قتل ڪيو ويو پر سندس انقلابي ۽ وطن دوست شاعريءَ جا اثر ڊگهي عرصي تائين ايران جي وطن پرست ۽ جمهوريت پسند ماڻهن تي رهيا ۽ سندس شاعري ايراني مزاحمتي ادب ۽ ايراني عوام جي جذبن جي ترجمان رهي آهي.

ايران جي ادبي تاريخ ۾ ڪنهن کي به ايڏي بي رحميءَ سان قتل نه ڪيو ويو، عشقي جي موت ۽ سندس قتل کي اڄ به ايرانين جي لاءِ وسارڻ ممڪن ڪونهي، جو عشقيءَ جو موت هڪ اهڙي ديواني جو موت هو، جنهن تي قاتل به ڦِڪا ٿيڻ کانسواءِ رهي نه سگهيا.

پنهنجي قتل کان هڪ رات اڳ عشقي هڪ خواب ڏٺو ته مٿس گهر جي ڇت ڪري پئي آهي، هن اهو خواب ملڪ الشعراءَ بهار کي ٻڌايو، عشقيءَ کي يقين ٿي ويو ته سندس غير طبعي موت سندس دروازو کڙڪائي رهيو آهي، عشقي گهر جي در کڙڪڻ تي گهر جو دروازو کوليو ته هڪ همراهه کيس خط ڏنو ۽ ٻي مٿس گولي هلائي، قاتل جھليو ويو، پر پوليس کيس ڇڏي ڏنو، عشقي جو زخم گهرو هو، اسپتال ۾ زخمن جي سٽ نه سهي گذاري ويو، ملڪ الشعرا بهار کيس اسپتال ۾ ڏسڻ ويو، ان وقت عشقي زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ هو، بهار جو چوڻ آهي ته ”هن مون کي ڏٺو ته کيس چين اچي ويو، هو آرام سان ليٽي پيو ۽ مرڪيو، سندس مُرڪ معنيٰ خيز هئي“ هن درست چيو هو.

P-01

من آن نيم به مرگِ طبعي شوم هلاڪ دين ڪاسه خون به بستير راحت هدر ڪنم.

سندس رت هاڻي قميص محفوظ ڪئي وئي ۽ سندس جنازي تي وڌي وئي، تدفين کان اڳ وڏو هنامو برپا ٿي ويو، ڪانڌين جو وڏو ميڙ هو، جيڪي اهو چئي رهيا هئا ته جيستائين قاتل نه ملندا، تيسين عشقيءَ کي نه دفنائينداسين پر ڪانڌين جو اهو احتجاج اجايو ويو، جڏهن قتل خود سرڪار جي هشيءَ تي ڪيو وڃي ته قاتل ڪيئن ٿا جھلجي سگهن.

ان وقت ايران تي رضا شاهه ڪبير جي حڪومت هئي، ظالم، مظلوم جو هم نام هو، شاعر محمد رضا عشقي کي بادشاهه رضا شاهه قتل ڪرائي ڇڏيو.

مرزا محمد رضا عشقي ولد سيد حاج ابو القاسم ڪرد ستاني 1893ع ۾ ان همدان شهر ۾ جنم ورتو، جتي عظيم صوفي شاعر بابا طاهر عريان پئدا ٿيو هو، ”آتشڪده“ جي مؤلف آزر سندس عريان (اگهاڙي) رهڻ جو سبب اهو لکيو آهي ته عشق جي شدت سبب لباس سڙي ويندو هو، سندس سڄي زندگي جذب ۽ مستي جي حالت ۾ گذري، بابا طهار جي اندر ۾ عشق جا مچ ٻرندا هئا ته عشقي جي دل ۾ به، ٻنهي جا روح ازل کان بي چين هئا، بابا طاهر شايد ازل سان لنئون لڳائي رکي هئي ۽ عشقي جو محبوب سندس وطن ايران هو، هن پنهنجي وطن سان دل جي گهراين سان عشق ڪيو، اهو عشق ئي سندس سرمايو ۽ ناز هو، سندس چواڻي ”جيڪڏهن منهنجي مٽي ۽ پاڻي جو تجزيو ڪيو وڃي ته ان جو ذرو ذرو عشق ۾ ٻڏل نظر ايندو، ”عشقي وڌيڪ چوي ٿو“

(ترجمو: اي منهنجا وطن، اي منهنجي عشق جا گهوارا، تون عشقي جو معشوق آهين، تون ئي ته اهو آهين، جنهن جي عشق جو ذڪر آئون صبح ۽ شام ڪريان ٿو. اي منهنجا محبوب آئون هر رستي ۾ پهرين وک رڳو تنهنجي چاهت ۾، تنهنجي ڳالهين ۽ تنهنجي جستجو ۾ کڻان ٿو.)

عشقي کي 1923ع ۾ قتل ڪيو ويو، ان وقت سندس عمر 32 سال هئي، سندس قتل تي هڪ شاعر موسيٰ پروانه لکيو، ”دشمن کي ٻڌائي ڇڏ ت عشقي شهيد ٿي ويو، پر سندس جاءِ هزارين سر ڦريا اچي والاريندا“.

عشقي مجموعي طور تي سترهن سالن تائين تعليم حاصل ڪئي، پر هو تعليم جي معاملي ۾ گهڻي دلچسپي نه وٺندو هو، هن شروعاتي تعليم همدان جي مدرسي ۾ حاصل ڪئي، هن فرانسيسي به سکي، پندرهن سالن جي عمر ۾ هو پهرين اصفهان ۽ پوءِ تهران ويو، پهرين مها ڀاري جنگ جي دوران هو ايراني پناه گيرن سان گڏ استنبول تائين ويو، اتان واپس آيو ته باقي وقت تهران ۾ گذاريائين.

اهو دور ايران ۾ سخت هنگامه خيزي وارو دور هو، برطانوي فوج ايران تي پنهنجا چنبا مضبوط ڪري ورتا هئا، ان وقت ايران جي وزير اعظم وثوق الدوله ڏهن لکن تو مانن جي عيوض هڪ ذلت ڀريو معاهدو ڪرڻ ٿي گهريو، پر ان معاهدي ٿيڻ کان ڇهه ڏينهن اڳ 19-اپريل 1921ع تي ڪرنل رضا خان ڏهن هزار فوجين جي مدد سان ايران جي سرڪاري آفيسن تي قبضو ڪري ورتو، هن سڄي ڪابينه کي گرفتار ڪري ورتو ۽ نئين ڪابينه جوڙي، 1926ع ۾ رضا خان پهلوي بادشاهت جو اعلان ڪيو ۽ قاچاري بادشاهت جو خاتمو ٿيو، رضا خان بظاهر ته جمهوريت پسند هو، پر هڪ زبردست ڊڪٽيٽر ثابت ٿيو، هن ملڪ کي استحڪام ته ڏنو پر طرح طرح جون پابنديون هنيون ۽ اظهار راءِ تي به سخت پابندي لڳائي، قاچاري دؤر، مشروطيت جي دور ۽ رضا شاهه جي دور ايراني ذهن کي هڪ نئين شعور سنا متعارف ڪرايو. 1900ع کان وٺي 1920ع تائين ايراني ادب تي سياست ڇانيل رهي، نون نون موضوعن تي طبع آزمائي ٿيڻ لڳي، وطن ۽ وطن سان محبت، لکڻين جو بنيادي موضوع رهيو.

ان معاهدي جي مخالفت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ عشقي کي جيل ۾ وڌو ويو، ان معاهدي جي مخالفت ۾ عشقي لکيو، ”ان معاهدي تي تيستائين صحيح ٿي ئي نٿي سگهي، جيستائين منهنجي قتل نامي تي صحيح نٿي ٿئي، آئون اڪيلو ان ٺاهه جو اهڙو ويري آهيان“. هن پنهنجي جذبن جو اظهار ڪرڻ ۾ ڪڏهن به نه ڪيٻايو، هن جو ڪتاب ”عشقي نامه“ پڙهڻ وٽان آهي، ان مجموعي جي اشاعت کانپوءِ عشقي، ”قرن بيتم“ نالي سان هڪ روزاني اخبار ڪڍي پر سترهن شمارن کانپوءِ حڪومت ان تي پابندي هڻي ڇڏي، ”قرن بيتم“ جي آخري پرچي ۾ عشقي رضا شاهه جي آمرانه هٿڪنڊن تي نهايت جارحاني نموني ”جمهوري سوار“ جي نالي سان هڪ نظم ڇپيو، رضا شاهه ان نظم جو سخت نوٽيس ورتو، پر عشقي دٻجڻ وارو نه هو، هن چيو: ”اي سگهارا دشمن، تنهنجي وس ۾ جيڪي ڪجهه آهي، اهو ڪري وَٺ، سڀاڻي جڏهن آئون طاقتور ٿيندس ته توسان ان کان به خراب سلوڪ ڪندس“.

P-02

رضا شاهه وڏي نفر مان چيو ”هي بکيا اگهاڙا شاعر ڪهڙا نه گستاخ ٿي ويا آهن، کين سبق سيکاريو وڃي“.

ٻي ڏينهن عشقي رضا شاهه کي مخاطب ٿي چيو، هائو، آئون بکيو آهيان، پر شينهن وانگر بکيو آهيان، هائو، آئون اگهاڙو آهيان پر تراڙ جيان“.

عشقي زبردست انقلابي ۽ عوامي شاعر هو، جيئن پاڻ وٽ حبيب جالب، ابراهيم منشي، سرويچ سجاولي ۽ محمد خان مجيدي. هن جي بدن ۾ باهه ڀريل هئي، هو سياسي ۽ سماجي بدعنوانين جو وڏو دشمن هو، ملڪ جي خراب حالت تي سندس اندر ڪڙهندو هو ۽ سڄي عمر تکي لهجي ۾ پنهنجن جذبن جو اظهار ڪندو هو، سندس زبان مان ڄڻ اُلا نڪرندا هئا ۽ قلم مان تيزاب، علامه علي اڪبر دهخدا پنهنجي ”لغت نامه“ ۾ عشقي جي باري ۾ لکي ٿو“ هو وطن پرست، اظهار جي آزادي، اصلاح طلبي، همت، ايثار ۽ بي باڪيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو“.

ايران جي سياسي ۽ سماجي بدحالي عشقي جي شاعري جو سڀ کان وڏو موضوع آهي، عشقي جي دوست ”علي اڪبر سليمي“، جنهن ”ڪليات مصور عشقي“ شايع ڪئي هئي، لکيو آهي ته عشقي پنجن هزارن کان به وڌيڪ شعر چيا، هو وڌيڪ لکي ٿو“ عشقي ايران جي ادبي انقلاب جو پيشوا هو، هي اهو شاعر آهي، جنهن جا ايراني قوم مجسما ٺاهيندي هن جو ڪلام هڪ اهڙي عمارت آهي، جيڪا صدين تائين قائم رهندي.

عشقي جي شاعراڻين خوبين ۾ اهم سندس تخليقي نواڻ، اسلوب جي انفراديت، جوش، جذبو ۽ غنائيت آهي، سندس طويل ۽ بار بار حوالي طور ايندڙ طويل ڊرامائي نظمن ۾ ”رستخيز سلاطين ايران“، ”آيدال عشقي“ ۽ ”ڪفن سياهه“ آهن. ”تيا تر قربان علي سندس ٻه ايڪٽ منظوم ڊرامو آهي، جنهن ۾ هن ان وقت جي ايراني معاشري جي منافقاڻي رويي جو عڪس ڏيکاريو آهي، تنهن کانسواءِ هن سياسي ۽ سماجي موضوعن تي طويل ۽ مختصر قطعه پڻ لکيا آهن، البته هن وٽ غزل نالي ڪا شئي ڪونهي، هڪ صحافي ۽ انقلابي هئڻ جي حيثيت ۾ وٽس ان صنف جي گنجائش نه هئي.

سندس طويل نظم ”رستخيز سلاطين ايران“ هڪ عظيم تخليق آهي، اهو نظم هندستان ۾ به ڏاڍو مشهور ٿيو ۽ هندستاني زرتشتين کيس ان تخليق تي چاندي جو گلدستو سوکڙي طور موڪليو، اهو نظم هڪ پاسي ايران جي شاندار ماضي جي ياد ٿو ڏياري ته ٻئي پاسي ايران جي ان وقت جي بدحالي جو نوحو پڻ آهي. ”آيدال عشقي“ (عشقي جو آئيڊيل) به رستخيز نظم جيان هڪ قسم جو پڙاڏو آهي، نظم ٽيبلوز جي فارم ۾ آهي، جنهن ۾ ايراني سماجي زندگي جي گمراهين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، عشقي جو نظام ”سياه ڪفن ايران جي اڳوڻي عظمت ۽ ان وقت جي بدحالي جو عڪس چٽي ٿو، اهو هڪ علامتي نظم آهي، جنهن ۾ هڪ عورت جي برقعي پائڻ جي روايت کي موضوع بنايو ويو آهي.  عشقي هيئتي تجربا به ڪيا ۽ اوپيرا به لکيا، کيس منظر نگاري سان وڏي دلچسپي هئي، قدرت جا نظارا، ميلاپ جا منظر، عشق جو اظهار ۽ انساني جذبن جي منظرنگاري عشقي جا محبوب موضوع هئا، عشقي ذم بشر جي نالي سان جيڪو نظم لکيو، ان ۾ هڪ انسان کي پينٽ ڪيو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو