Home / ڪرنٽ افيئر / اڻلڀ بڻيل انصاف!
above article banner

اڻلڀ بڻيل انصاف!

 فدا حسين شيخ

Writer

تازو عزت ماب چيف جسٽس آصف سعيد کوسي جي ڏنل بيان ته هن ملڪ جي مظلوم ماڻهن ۾ خوشي جي لهر جو سبب بڻي آهي. منهنجي خيال ۾ پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين هي پهريون قاضي آهي جنهن فرمايو آهي ته “ڊڄو ٿا ته انصاف نه گهرو” واهه واهه زبردست، دل خوش ٿي وئي ورنه هتي جون عدالتون ته ماڻهن جي خوف جو سبب ئي رهيون آهن. ڪيسن جا انبار التوا ۾ پيل آهن، جيستائين ڀاڳيا (فريادي) مري وڃن پوءِ هڪ ٻه شنواين ۾ چور ۽ قاتل آزاد، غريب ويچاري ۾ ته ڪا سگهه ئي نه آهي جو ڪو ناميارو وڪيل منهن به ڏسي سگهي. چوندا آهن جتي انصاف ناياب هجي اهو معاشرو ڌوڙ ٿي ويندو. مونکي ياد آهي ته جڏهن آءٌ ضلعي آفيسر هئس ته ٻن ٽن ڪيسن ۾ فريادي جي حيثيت ۾ ڪورٽ ڪچهري ۾ شاهدي ڏيڻ لاءِ آيس ته جج صاحب ته ٿي پري جي ڳالهه پر ڪورٽ ريڊر مونکي پندرهن منٽ دير سان پهچڻ تي به دڙڪا ڏيندو هو. چئي “هي ڪا ٽلو مل جي ڪوٺي سمجهي اٿئي جو دير سان پهتو آهين. ميان هي ڪورٽ سڳوري آهي ڪورٽ!” پر جوابدار ڏيڍ ڪلاڪ دير ايندو هو ته انهي سان سئو روپين جي نوٽ ڪري ريڊر صاحب خوش خير عافيت پيو ڪندو هو. حالانڪه اهو جوابدار ماتحت ملازم هوندو هو. اسانجي پياري پاڪستان ۾ عدالتن جو اهو حشر ڪنهن ڪيو ۽ ڇو ٿيو انهي جا ڪارڻ ڳولبا ته اهي مٿان کان هيٺ لهندي نظر ايندا.  محترم چيف جسٽس محمد منير تمام لائق ۽ قابل جج هو. انهي مولوي تميز الدين ڪيس ۾ پهريون ڀيرو “Doctrine of Nesesri” جي بنياد مارشل لائن لاءِ راءِ هموار ڪئي، پوءِ انهي خلاف بند ڪير به ٻڌي نه سگهيو ۽ مارشل لا در مارشل لا اينديون رهيون ۽ ملڪ مان انصاف جو ننڍين توڙي وڏين عدالتن مان انصاف اڻلڀ ٿي ويو. ملڪ جي اهڙي عدالتي ماحول ۾ محترم کوسي صاحب هڪ وڏو پٿر اڇليو آهي ۽ مونکي لڳي ٿو عزت ماب کوسي صاحب اهو ڀلي ڀت سمجهيو آهي ته ماڻهو عدالتي انصاف مان گهڻي ڀاڱي مايوس آهن. تڏهن هن ماڻهن کي نفسياتي خوف مان ڪڍڻ لاءِ اهو جملوچيو ته “ڊڄو ٿا ته انصاف نه گهرو” استعمال ڪيو آهي جيئن ماڻهن جو عدالتن تي ويساهه وڌي ٻيو ته ڏاڍ ۽ ظلم جي بنياد تي حڪومت ڪندڙ ڌريون اهو سمجهي وٺن ته هاڻ اهڙي عدالت وجود ۾ اچي چڪي آهي جيڪا مظلوم ماڻهن توڙي مظلوم قومن جي دادرسي ڪندي، سندن حقن ۽ دنگن جي حفاظت ڪندي. هاڻي اهو بال مظلومن جي ڪورٽ ۾ آهي ته اهي بنا خوف جي انصاف گهرن جيئن عدالت سڳوري کي پنهنجي ڪيل وڏي ڳالهه کي پاڻي ڏيندي آزمائي سگهجي.

P-01

اهو درست آهي هر جمهوري ملڪ ۾ ٽي ٿنڀ اهم  آهن هڪ قانونساز ادارو، ٻيو عمل ڪرڻ وارو ۽ ٽيون عدليه پر انهن ٽنهي ۾ عدليه جو مان مٿانهون انهي ڪري جو عدليه جو فيصلو بالادست آهي جو اهو قانون جي پاسداري ۽ رکوالي ڪندو آهي ۽ آمرن ۽ طالع آزمائن جا ارادا ڌوڙ ڪري ڇڏيندو آهي، اهو ئي سبب هو جو ٻي جنگ عظيم ۾ برطانيا ڏکين حالتن ۾ اچي ويو ۽ هر طرف تباهي هئي پر وزيراعظم چرچل پڇيو ته برطانيا جون ڪورٽون ڪيئن پيون هلن، مطلب انصاف ڏين پيون يا نه، سندس ساٿين ٻڌايو عدالتون انصاف ڏين پيون. هن وراڻيو ته پوءِ فڪر جي ڪا به ڳالهه نه آهي، ملڪ کي ڪو به لوڏو نه ايندو. اوهان سڀني ڏٺو ته ڪيئن اڳوڻي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ڊيم ٺاهڻ جي مسئلي ۾ سامهون ٿي بيهي رهيو حالانڪه چيف صاحب کي خبر هئي ته هي ملڪ فيڊريشن آهي، جڏهن فيڊريٽنگ يونٽس ۾ ڪي اختلاف سامهون اچي وڃن ته سپريم ڪورٽ واحد فورم آهي جتي اهڙا اختلافي مسئلا حل ٿيندا آهن پر هتي ان جي ابتڙ ٿيو، بقول مرشد لطيف جي:

جي سي لوڙائو ٿيا، جني سندي دير

ماروڙا فقير، ڪنهن در ڏيندا دانهڙي.

محترم کوسو صاحب هاڻوڪي چيف جسٽس سپريم ڪورٽ لاءِ هڪ عام تاثر اهو به آهي، اهو تمام قابل، عالم، مفڪر، انتهائي ايماندار، اسلامي فقهه تي دسترس رکندڙ آهي ته پوءِ انهي ۾ ڇا غلط هوندو جو پاڻ اڳوڻي چيف جسٽس جو سوموٽو جي نتيجي ۾ ورتل ڊيم لاءِ هڪ طرفي فيصلي تي نظرثاني ڪري سنڌو درياهه تي ڊيم ٺهڻ وارو فيصلو رد ڪري هڪ طرف ننڍين قومن ۾ اعتماد پئدا ڪن ته ٻئي طرف شريعت محمدي توڙي انگريزي قانون مطابق پاڻي تي حق سڀ کان پڇڙي وارن جو آهي انهي اصول کي هميشه لاءِ جيئاري وڃن، جيئن انهي اهم مسئلي جيڪا فيڊريشن جي اڪاين ۾ جيڪا بدمزگي آهي هميشه لاءِ ختم ٿئي ۽ هن ملڪ ۾ محبت ۽ ڀائيچاري جي فضا سدا قائم ۽ دائم رهي جو اسانجي وڏڙن پاڪستان ٽوڙڻ لاءِ نه پر جوڙڻ لاءِ ٺاهيو هو.

پر جنهن سنڌ اسيمبلي 1943ع ۾ پاڪستان لاءِ جنهن ٺهراءَ پاس ڪرايو، انهي سان اوهان اهڙو حشر ڪيو جو مير تقي مير جي هن شعر جي مصداق “اي مير اس عشق ۾ عزت سادات بهي گئي.” جو هو.

سو ناعاقبت انديش قوتن جڏهن برابري جي بنياد جي اصول جي پائمال ڪئي ته ملڪ رهي نه سگهيو ۽ وڏي بدقسمتي ته اها آهي ته رياست اهڙو رويو اڃا طمطراق سان جاري و ساري رکيو اچي ۽ اهڙي روين خلاف بند (ڊيم) ٻڌڻ وقت جي اهم ضرورت آهي جيئن هڪ ملڪ وڌيڪ خوشحال ۽ سگهارو ٿئي ورنه ڏنڊي بندوق ۽ ناانصافي جي زور تي هي ملڪ مسئلن جي آماجگاهه ئي رهندو.

پڑھ لئے میں نے علوم شرق و غرب

روح میں باقع ہے، اب تک درد و کرب                                               (اقبال رح)

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو