Home / سنڌ افيئر / بدين ۾ پاڻي کوٽ خلاف عوامي احتجاج
above article banner

بدين ۾ پاڻي کوٽ خلاف عوامي احتجاج

الهه بچايو جمالي

Allah Bachayo Jamali

 بدين ضلعي جي آبپاشي واهن جو پاڻي گذريل ٻن سالن کان لاڳيتو بند ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري زرعي معيشت تي مدار رکندڙ لاڙ جو هي ضلعو ڏڪار جي وڪڙ ۾ اچي ويو آهي. پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه گذريل جنوري جي مهيني ۾ بدين جا ٻه دفعا دورا ڪيا، راهوڪي ۾ شهيد فاضل راهو جي ورسي ۽ ڪپري موري وارن جلسن ۾ بدين جي ماڻهن پاڻي لاءِ دانهون ڪيون پر حڪمرانن جا ڪن کلي نه سگهيا، انهن ٻنهي جلسن ۾ آصف زرداري ۽ مراد علي شاهه عمران خان جي هاڻوڪي وفاقي حڪومت ۽ خلاف اربين روپين جي ڪرپشن جي جاچ ڪندڙ ايف آءِ اي، نيب جي آءِ ٽي خلاف ڳالهائيندي چيو ته هنن کي ديوار سان نه لڳايو وڃي. جڏهن سنڌ جي هاڻوڪي حڪمرانن بدين جي لکين ماڻهن جي آواز کي سري سان ٻڌڻ جي تڪليف ئي نه ڪئي ۽ بدين جا چونڊيل عوامي نمائندا عوام کي ڏنل دم دلاسا بيڪار ثابت ٿيا ۽ بدين جي واهن ۾ پيئڻ جو پاڻي به نه پهتو، تڏهن نيٺ آخر بدين جي آفت سٽيل آبادگارن جي هڪ گڏجاڻي منعقد ڪئي ويئي جنهن ۾ عزيز الله ڏيرو، نور احمد ٽالپر، پاڻي ماهر آبادگار اڳواڻ سيد ظفر علي شاهه، حاجي شير جمالي، الهه بچايو راهوڪڙو، جمن شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان اجلاس ۾ “بدين بچايو ڪميٽي” قائم ڪري پاڻي لاءِ ڀرپور عوامي تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان ڪميٽي ۾ طارق ميمڻ، دلبر سنڌي، سيد خدا ڏنو شاهه سميت سياسي، سماجي اڳواڻن کي پڻ شامل ڪيو ويو. تحريڪ جي پهرين مرحلي ۾ آبادگار اڳواڻن فيصلو ڪيو ته ميڊيا کي ساڻ ڪري بدين جي پاڻي تي لڳل ڌاڙي جا پيرا کڻڻ گهرجن ته بدين جي حصي جو پاڻي ڪير، ڪٿان چورائي رهيو آهي. پاڻي ڌاڙيلن جا پيرا کڻڻ لاءِ آبپاشي ماهر سيد ظفر علي شاهه جون خدمتون حاصل ڪيون ويون، آبادگارن سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ ميڊيا جي تحقيقاتي ٽيم سڀ کان پهرين ماتلي شهر لڳ علي پور ريگيوليٽر تي پهتي جتي ڦليلي ڪئنال جو پاڻي اڪرم واهه ۾ڇوڙ ٿئي ٿو، جنهن جاءِ تان بدين جي خاص طور تي ٽن آبپاشي سب ڊويزنن جي پاڻي تي گذريل ڊگهي عرصي کان ڌاڙو هنيو پيو وڃي جن ٽنهي سب ڊويزنن ڪڍڻ، شادي لال ۽ قاضيه بدين جي اٽڪل 40 واهن جي پڇڙي ۾ گذريل ٻن سالن کان پاڻي جو هڪ ڦڙو به نه پهتو آهي. آبادگارن جي گڏيل تحقيقاتي ٽيم 1955ع ۾ تعمير ٿيل علي پور ريگيوليٽر جو غور سان معائنو ڪيو جنهن اهم ريگيوليٽر ۽ گوني ڦليلي ڪئنال جي ٽنڊو محمد خان شهر لڳ 30 ميل ريگيوليٽر تي گذريل ٻن سالن دوران سنڌ حP-01ڪومت جي حڪم تي سيڊا ۽ وسپ طرفان ورلڊ بئنڪ جي فنڊنگ سان 6 ارب روپين جي لاڳت وارو هلندڙ آبپاشي جو هڪ ميگا پراجيڪٽ تڪميل جي آخري مرحلي ۾ آهي جنهن تڪراري پراجيڪٽ کي بدين جي آبادگارن بدين لاءِ هڪ نئون ڪالاباغ ڊيم قرار ڏيئي ان جي سخت مخالفت ڪئي هئي جنهن تڪراري پراجيڪٽ خلاف مهينن تائين آبادگارن مظاهرا ڪري سخت احتجاج پڻ ڪيو هو.

پاڻي ماهر سيد ظفر علي شاهه ٽيم کي علي پور ريگيوليٽر جي پراڻي ڊزائن سان ڪيل هٿ چراند جا ثبوت ڏيکاريا جنهن ۾ اڪرم واهه جي سل ليول کي اصلي هنڌ تان هٽائي سل ليول کي ٻه فوٽ مٿي ڪيو ويو جنهن ٽيڪنيڪل حرڪت سان اڪرم واهه ج پاڻي کي روڪڻ لاءِ ٻه فوٽ مٿي اهو دڪو ان ڪري لڳايو ويو جيئن پاڻي جي سخت کوٽ وارن ڏينهن ۾ ڪئنال جي پاڻي کي سولائي سان چورايو وڃي. سل ليول کي ٻه فوٽ مٿي ڪرڻ سان گذريل ٻن سالن کان اڪرم واهه جي مٿي ڄاڻايل ٽن سب ڊويزنن جي واهن جي پاڻي جو وهڪرو مڪمل طور تي بند ٿي ويو ۽ اڪرم واهه ۾ علي پور ريگيوليٽر تائين پهچندڙ ٽنهي سب ڊويزنن جي پاڻي تي ڌاڙو هنيو ويو. ياد رهي ته اڪرم واهه مين ڪئنال جي ڪمانڊ ايريا 5 لک ايڪڙ آهي جنهن جو ٽي سب ڊويزن، قاضيه بدين ۽ شادي لال آهن جن سب ڊويزنن جي واهن جو پاڻي سنڌ جي ڏاکڻي رڻڪڇ واري پاڪ-ڀارت بارڊر تائين وڃي پهچندو هو، روپا ماڙي علي بندر ۽ شيخاڻي گهاڙي تائين زراعت کان سواءِ انسانن ۽ جانورن کي پيئڻ جو مٺو پاڻي ملندو هو.

اڪرم واهه جيڪو سرن سان پڪو ٺهيل آهي جنهن کي لائيند چئنل پڻ چيو وڃي ٿو، اهو ڪئنال 3 هزار ڪيوسڪ پاڻي کڻڻ لاءِ 1960ع ۾ کوٽايو ويو هو پر هن ڪئنال جي ٻيهر کوٽائي ۽ مرمت نه ٿيڻ ڪري هن وقت هن جي پاڻي کڻڻ جي گنجائش فقط ٻه اڍائي هزار ڪيوسڪ آهي انڪري ڪمانڊ ايريا تائين پاڻي پهچائڻ لاءِ گوني ڦليلي، جيڪو ڪوٽڙي بئراج جو تمام وڏو اونهو قدرتي مک ڪئنال آهي جنهن جي پاڻي کڻڻ جي گنجائش 17 هزار ڪيوسڪ آهي، ان ڪري اڳوڻن آبپاشي ماهرن علي پور ريگيوليٽر ٺاهي اتان ڦليلي ڪئنال مان اڪرم واهه جي ڪمانڊ ايريا جي حصي جو پاڻي ڇوڙ ڪرايو جنهن پوائنٽ تان بدين جي پاڻي تي ڌاڙو هنيو وڃي ٿو. علي پور ريگيوليٽر وٽان ئي پراڻي آبپاشي نظام تحت تعلقي ماتلي جي حدن تائين 5 عدد فلڊ ڪئنال، ماتلي برانچ، مراد واهه، پير واهه، ماڙها واهه ۽ ڀانولي شاخ جا واهه انڪري کوٽايا ويا جيئن آبڪلاڻي جي ٻوڏ وارن ڏينهن ۾ اڪرم واهه ۽ ڦليلي ڪئنال تان پاڻي جو دٻاءُ گهٽائڻ لاءِ انهن فلڊ ڪئنالن ۾ اضافي پاڻي وهايو وڃي.

P-02

گذريل ڪجهه عرصي کان خاص طور تي پ پ حڪومت جي گذريل ڏهن سالن دوران مٿين فلڊ ڪئنالن کي پاڻي جي سخت کوٽ وارن ڏينهن ۾ غير قانوني طور تي زبردستي وهائي سرڪاري ڌر سان تعلق رکندڙ بااثر آبادگارن پنهنجون سکر بئراج جي ڪمانڊ واريون هزارين ايڪڙ زمينون آباد ڪيون، رپورٽ موجب انهن 5 فلڊ ڪئنالن مان وڌيڪ 10 واهه ۽ شاخ جون پڻ کوٽايون ويون جنهن ۾ وري مراد واهه کي اٽڪل 87 ڪلوميٽر جي ڊيگهه ۾ کوٽائي بدين جي حصي جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي اهو پاڻي چمبڙ ۽ ٽنڊو الهيار تائين سکر بئراج جي روهڙي ڪئنالن جي ڪمانڊ تائين پهچائي پنهنجون جاگيرون آباد ڪري بدين ۾ پاڻي جي ڪربلا برپا ڪئي. آبادگارن ۽ ميڊيا جي ٽيم کي اهي ڌاڙيل واهه ڏيکاريا ويا، پاڻي جي ان ڌاڙي کانسواءِ جڏهن کان بدين جا آبادگار حرڪت ۾ آيا تڏهن سيڊا ۽ آبپاشي کاتي ماتلي کان ٽنڊو محمد خان تائين اڪرم واهه تي سوَن جي تعداد ۾ بااثر آبادگارن جي غيرقانوني هيوي لفٽ مشينن ۽ پائيپن خلاف پوليس ۽ رينجرز فورس جي مدد سان ڏيکاءَ خاطر جيڪو آپريشن ڪيو جنهن ۾ اٽڪل 166 سيمينٽ جا پائيپ ۽ هيوي لفٽ مشينون اڪرم واهه مان هٽايون ويون، اڪرم واهه تي لڳل انهن ڌاڙيل سيمينٽ جي پائيپن جي ماپ 12 کان 38 انچن تائين هئي. ياد رهي ته 38 انچن وارو پائيپ هڪ شاخ جيترو پاڻي کڻي سگهي ٿو.

ميڊيا ٽيم کي اڪرم واهه تي لڳل اهي ڌاڙيل پائيپ ۽ ڪٽ ڏيکاريا ويا، جنهن کان سواءِ اڪرم واهه جي آر ڊي 80 وٽان غيرقانوني ڪڍيل ملاح واهه ڏيکاريو ويو، جتان پاڻي چورايو وڃي ٿو. واضح رهي ته ڪوٽڙي بئراج کان تلهار تائين 80 ڪلوميٽر جي ڊيگهه واري ان مين ڪئنال تي ڪو به واهه ۽ واٽر ڪورس ڪڍڻ بنهه سنگين ڏوهه قرار ڏنل آهي ان ڪئنال تي فقط ٽن سب ڊويزنن قاضيه، ڪڍڻ ۽ شادي لال جي 5 لک ايڪڙ ڪمانڊ جي پيج آهي پر ان ڪئنال مان زبردستي بااثرن ملاحواهه ڪڍايو آهي، مٿين ڌاڙيل واهن کان سواءِ ميڊيا جي ٽيم کي امام واهه ڏاکڻي فلڊ ڪئنال ۽ امام واهه جاگير جو معائنو ڪرايو ويو، جنهن بعد ٽيم کي ٽنڊو محمد خان لڳ ڦليلي ڪئنال جي 30 ميل ريگيوليٽر وٽ لڳل دڪا ۽ فلڊ ڪئنال ڏيکاريا ويا جتان خاص طور تي تعلقي گولاڙچي جي پاڻي تي ڌاڙا هنيا پيا وڃن.

آبادگارن جي ان دوري بعد بدين ۾ هڪ طوفان کڙو ٿي ويو آهي، آبادگارن سان گڏ بدين جا هزارين ماڻهو پاڻي جي بااثر ڌاڙيلن خلاف اٿي کڙا ٿيا آهن، ضلعي جي چئن تعلقن ۾ گذريل مهيني کان شروع ٿيل زبردست احتجاج عوامي تحريڪ جي شڪل اختيار ڪري رهيو آهي، مظاهرن ۽ ڌرڻن کانسواءِ لانگ مارچن جو سلسلو پڻ شروع ٿي ويو آهي، عوامي احتجاج کي ميڊيا خاص ڪوريج ڏيئي رهي آهي، سوشل ميڊيا تي پاڻي لاءِ هڪ جنگ شروع ٿي وئي آهي، عوامي احتجاج کي ماٺو ڪرڻ لاءِ حڪومتي ڪارندا حرڪت ۾ اچي ويا آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو