Home / ڪور افيئر / تبديلي سرڪار جي ايجنڊا:  سياسي ٽڪراءُ، ملڪ کي ٻوڙي ڇڏيندو!
above article banner

تبديلي سرڪار جي ايجنڊا:  سياسي ٽڪراءُ، ملڪ کي ٻوڙي ڇڏيندو!

نصير ميمڻ

Writer

ملڪي معيشت جو حال خراب آهي، ان بابت ڪي ٻه رايا نه ٿا ٿي سگهن. وقت جي حڪومت ملڪي معيشت ۾  سڌارا آ ڻڻ لاءِ حيلا هلائي رهي آهي. حڪومت ۾ ويٺل وزيرن ۽ سندن حامين جو خيال آهي ته معيشت جي پاڻي ڀرائيءَ سا ن ملڪ کي سياسي استحڪام پڻ حاصل ٿيندو. هونئن ته سياسي ۽ معاشي استحڪام جو باهمي ڳانڍاپو سمجهه ۾ اچڻ واري ڳالهه آهي پر تاريخ ٻڌائي ٿي ته سياسي انصاف کان سواءِ سياسي استحڪام ممڪن ناهي ۽ بنا سياسي استحڪام جي معاشي استحڪام به ڪم نه ايندو.

تاريخ ۾ اهڙا ڪيترائي حوالا ملي ويندا جڏهن سياسي انصاف ۽ استحڪام جي اڻ هوند سبب معاشي ترقي ۽ استحڪام به رياست جي واهر نه ڪري سگهيو. مثال طور 50 ۽ 60ع جي ڏهاڪي ۾ شاهه جي دور ۾ ايران، آمريڪا جي مدد سان زبردست معاشي ترقي ڪئي. ايران کي سوويت يونين جي بلاڪ ۾ وڃڻ کان روڪڻ لاءِ آمريڪا مٿس مهربان ٿيو. آمريڪا جي امداد سان ايران ۾ وڏيون ترقياتي رٿائون عمل هيٺ آنديون ويون. 1500 ڪلوميٽر ڊگهي شاهراهه وسيلي ايران ۽ ڪيسپين سمنڊ کي ڳنڍيو ويو، بندر عباس وٽ اونهو سامونڊي اڏو ٺاهيو ويو ۽ ايراني ايئر لائينز جو قيام عمل ۾ آيو. انهن ورهين ۾ ايران، ايشيا اندر جپان کان پوءِ سڀني کان آسودو ملڪ هيو ۽ ڪيترن حوالن سان اهو ڪجهه يورپي ملڪن سان ڪلهو ملائي رهيو هيو پر ٻئي پاسي سياسي معاملا ڏينهون ڏينهن بگڙي رهيا هئا، ڇو ته اها ترقي رڳو مخصوص گروهه کي لاڀ ڏئي رهي هئي. آمريڪي امداد سان گڏ 1954ع کان 1960ع وارن ورهين ۾ تيل مان ٿيندڙ آمدني به ستوڻ تي وڌي چڪي هئي، البته انهن آمدنين ۽ ترقيءَ مان شاهه جا ويجها حلقا ۽ وفادار ئي فيض ماڻي رهيا هئا، آمدني واپار کان وٺي بينڪنگ ۽ ڪاروبارن تائين هر معاشي وسيلي تي شاهه جي ويجهن 1000 ڪٽنبن جو قبصو هو، غريب ۽ امير وچ ۾ ويڇو وڌي رهيو هو، هيٺئين طبقي لاءِ زندگي گذارڻ ڏکيو ٿي رهيو هو، مهانگائي ۽ اڻ برابريءَ سبب سياسي اڻ تڻ جنم وٺي رهي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ روح الله خمينيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ حڪمران مخالف عوامي هلچل جنم ورتو، شاهه بجاءِ عوام کي مطمئن ڪرڻ جي ڏاڍ وارو رستو اختيار ڪيو.

P-01

1963ع ۾ فوجي بجيٽ 30 ڪروڙ ڊالر هئي اها ڏيڍ ڏهاڪي اندر وڌي 7.3 ارب ڊالرن تي پهچي وئي، ساواڪ نالي ڳجهي سرڪاري ايجنسي کي کلي ڇوٽ هئي ته اها جنهن کي وڻي تنهن کي کڻي وڃي، تشدد ڪري يا ماري ڇڏي، سڄي ملڪ ۾ ڏهڪاءُ پکڙيل هو، آمريڪا هڪ پاسي سوويت يونين ۽ سندس حامي ملڪن اندر اهڙي رياستي جبر خلاف وڏا ڀاشڻ ڏيندو رهيو، اهو پنهنجي حامي شاهه جي انهن ڪرتوتن تي اکيون ۽ ڪن بند ڪري ويٺو هو. آمريڪي صدر جان ايف ڪينيڊي جڏهن هڪ نوجوان تعليمي ماهر وليم پولڪ کي پرڏيهي معاملن تي صلاح وٺڻ لاءِ گهرايو ته پولڪ کيس چيو ته جيڪڏهن ايران ۾ سياسي سڌارا نه آيا ته ملڪ ۾ رتوڇاڻ ۽ انقلاب واريون حالتون پيدا ٿي سگهن ٿيون. هن کيس اهو به چيو ته جيڪڏهن عوام رستن تي نڪتو ته ڪجهه وقت اندر سيڪيورٽي فورسز عوام تي هٿيار کڻڻ کان جواب ڏئي سگهن ٿيون. وقت پولڪ جي ڳالهه کي صحيح ثابت ڪيو ۽ معاشي طور سگهارو ايران انقلاب کي نه روڪي سگهيو ۽ شاهه جي حڪمرانيءَ جو انت اچي ويو.

اهڙائي مثال پاڪستان جي تاريخ ۾ به ملن ٿا. 1958ع ۾ جڏهن ايوب ملڪ مٿان مارشل لا لاڳو ڪئي ته آمريڪا جي پٺڀرائي کيس حاصل هئي، آمريڪا صدر ايوب کي عسڪري اوزارن جي واهر فراهم ڪئي. ايوب جي دور ۾ معاشي استحڪام نه آيو، صنعتي ترقي ٿي ۽ وڏا ڊيم ٺهيا پر ٻئي پاسي سياسي استحڪام نه هو، چار صوبا ون يونٽ جي خلاف هئا، ملڪ جي بانيءَ جي ڀيڻ سندس سياسي مخالف بڻيل هئي، شاگرد تحريڪ زبردست مزاحمتي ڪردار ادا ڪري رهي هئي، ايئن سموري معاشي سگهه ايوبي آمريت کي بچائي نه سگهي.

جنرل ضياءَ جي دور ۾ به آمريڪا، افغان جنگ سبب ملڪ مٿان مهربان هو. آمريڪا پاڻي وانگر پيسو وهايو ۽ ضياءَ آمريت جي سمورن عوام دشمن ڪرتوتن تي اکيون ۽ ڪن بند رکيا. ملڪ ۾ انساني حقن جو جنازو نڪري ويو پر آمريڪا ضيا شاهي جو کليل حامي رهيو. سموري پئسي ۽ نمائشي معاشي استحڪام جي باوجود جنرل ضياءَ جي حڪومت عوامي مزاحمت کي ماٺو نه ڪري سگهي ۽ ملڪ کي سياسي استحڪام نصيب نه ٿيو. ويتر ملڪ جون پاڙون کوکليون ٿيون. ساڳي ئي ڪهاڻي مشرف دور جي آهي، دهشتگرديءَ خلاف جنگ جي نالي تي هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪا پاڪستان تي مهربان ٿيو ۽ ملڪ ۾ سالياني ترقيءَ جي شرح 7 سيڪڙو تائين پهچي وئي. ملڪ ۾ پيسو پاڻي وانگر وهايو ويو، ڪيترائي ترقياتي پروگرام شروع ڪيا ويا ۽ بظاهر ملڪ ۾ زبردست معاشي استحڪام آيو پر ملڪ ۾ سياسي استحڪام نه اچڻ جي نتيجي ۾ ڪجهه سالن اندر مشرف مخالف وڪيل تحريڪ جي شڪل ۾ هڪ عوامي اڀار جنم ورتو ۽ مشرف ملڪ کي هڪ اونهي سياسي ڀونچال واري حالت ۾ ڇڏي ويو.

P-02

هاڻي عمران خان جي حڪومت به جتي معاشي استحڪام لاءِ هٿ پير هڻي رهي آهي، اتي سياسي استحڪام واري پاسي کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، ڪرپشن جي ڪيسن ۾ مخالف ڌر جي اهم ڌرين کي پاسيرو ڪرڻ کان پوءِ هاڻي ارڙهين ترميم ۽ ستين اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن کي مليل بهتر مالي ڀائيواريءَ خلاف سانباها ٿي رهيا آهن، ارڙهين ترميم وسيلي صوبن کي مليل نالي ماتر اختيار ۽ ستين اين ايف سي وسيلي صوبن کي مليل اضافي مالي ڀائيواري واپس وٺڻ جي ڪوششن سان ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام جنم وٺندو، جنهن کي معاشي استحڪام جي ٿوڻين جي ٽيڪ سان نه سنڀالي سگهبو، بهتر اهو ٿيندو ته سياسي استحڪام کي به ساڳي اهميت ڏني وڃي جيڪا معاشي استحڪام کي ڏني پئي وڃي. هن وقت ملڪ جن حالتن مان گذري رهيو آهي، انهن ۾ صوبن ۽ وفاق وچ ۾ ختم ٿيل ڇڪتاڻ ۽ ٽڪراءَ کي ورجائڻ دانشمندي نه ٿيندي.

(nmemon2004@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو