Home / اسپيشل افيئر / جاويد ڀٽو جو وڇوڙو: جلد ملنداسين…!
above article banner

جاويد ڀٽو جو وڇوڙو: جلد ملنداسين…!

Naseer Memonجيڪو ماڻهو جاويد ڀُٽي سان هڪ ڀيرو به مليو هوندو اهو سندس قتل جي خبر تي نه رڳو ڏکارو هوندو پر کيس هڪ ذاتي نقصان جو احساس به ٿي رهيو هوندو. جاويد ڀٽو ماڻهو ئي اهڙو هئو. منهنجي ساڻس پهرين ملاقات ڪجهه سال اڳ اسلام آباد ۾ ٿي جڏهن جاويد ۽ نفيسا اسلام آباد ۾ ڪجهه ڏهاڙا اسان جي گهر ۾ ترسيا هئا. انهن ڏينهن ۾ نفيسا جي ڪتاب “Aboard Democracy Train” جو نئون ڇاپو پڌرو ٿيو هو ۽ ٻئي ڄڻا ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ان جي مهورتي تقريبن ۾ شريڪ ٿي دوستن سان ملاقاتون ڪري رهيا هئا. جڏهن نفيسا فون ڪري پنهنجي اسلام آباد اچڻ جو ٻڌايو ته مون کيس چيو ته اوهان ٻئي اسان جا مهمان آهيو. جيتوڻيڪ نفيسا جو ڀاءُ پرويز هودڀائي اسلام آباد ۾ ئي رهي ٿو پر ٻنهي اسان وٽ ترسڻ جي ڪوٺ قبولي. ان کان سال ٻه اڳ جڏهن نفيسا جي ڪتاب جو پهريون ڇاپو ڇپيو هو ته ان جي مهورتي تقريب به اسلام آباد ۾ ڪرائي هئي، هن ڀيري نفيسا نئين ڇاپي جي مهورت پشاور ۾ رکي هئي. ماضيءَ ۾ ڊان ۽ هاڻي وائس آف آمريڪا سان لاڳاپيل هجڻ سبب نفيسا جي پنهنجي سڃاڻپ آهي پر ساڳي وقت جاويد جا به هر شهر ۾ ايترا دوست ۽ سڄڻ هئا جو لڳو نه ٿي ته هو ڪو آمريڪا ۾ رهندڙ ماڻهو هو. ايترو ڏور رهندي به هو هر هنڌ دوستن سان ايترو ويجهو رهيو جو مون کي لڳو ڄڻ ته هو هن ئي شهر ۾ رهندو هجي.

53027831_2331140633614620_5640897569962852352_n

عام طور تي فلسفي سان تعلق رکندڙ ماڻهو پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ مشڪل حوالا ڏيندا آهن ۽ سادين ڳالهين کي به منجهائيندا آهن ان جي ابتڙ انهن ڏينهن ۾ جاويد ڀُٽي سان ڪچهريءَ دوران هو نهايت سادو ۽ سڌو ماڻهو نظر آيو جيڪو هر سماجي ۽ سياسي معاملي تي پنهنجا خيال عام حوالن سان بيان ڪندو رهيو،البته هر معاملي تي سندس سوچ جي غير روايتي گهرائي صاف محسوس ٿي رهي هئي، جيتري هن ملڪ ۾ رهندڙ ڪنهن پڙهيل لکيل ماڻهوءَ جي آهي. چيائين ته انٽرنيٽ فاصلا ختم ڪري ڇڏيا آهن، سنڌي اخبارون به روزانو پڙهندو آهيان، سوشل ميڊيا وسيلي دوستن سان به ڳنڍيل آهيان ۽ ايندي ويندي سنڌ بابت ڪتاب به ملندا رهن ٿا، تنهن ڪري هر وقت ملڪ سان ڳنڍيو پيو آهيان. انهن ٻن ٽن ڏينهن دوران ساڻس ڪيتريون ئي ڳالهيون ٿيون. ان کان پوءِ بس ايڪڙ ٻيڪڙ فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي يا نفيسا پاڪستان ايندي هئي ته جاويد بابت حال احوال ٿيندو هو.

اتفاق جي ڳالهه آهي ته سندس قتل کان ٻه هفتا کن اڳ سکر ۾ فياض نائچ سان گاڏيءَ ۾ ڪٿي وڃي رهيا هئاسين ته فياض کي سندس فون آئي. جڏهن هن کيس منهنجي ساڻ هجڻ جو ٻڌايو ته مون سان به ڳالهايائين. ميار ڏني مانس ته اوهان وري اسلام آباد اسان جي گهر نه آيا آهيو، الاهي مهينا گذري ويا آهن ته چيائين ها ڪافي وقت گذري ويو آهي، بس هاڻي ايندس ته ضرور ملنداسين. فيملي ۽ دوستن جو پڇيائين ۽ فون بند ڪرڻ کان اڳ چيائين “جلد ملنداسين.” سندس آخري جملو ۽ آواز اڄ به ڪنن ۾ ٻُري رهيو آهي، ڪو پتو نه هو ته آخري ڀيرو سندس آواز ٻُڌي رهيو هئس.

جاويد جي قتل جي خبر سنڌ مٿان قيامت جي جيان ڪڙڪي، جهڙي طرح ان ڏينهن سڄي سنڌ ۾ سوڳ هو، گهٽ ماڻهن جي وڇوڙي تي سننڌ ۾ ايترو سوڳ جو ماحول نظر آيو هوندو. جنهن ماڻهوءَ جاويد سان ڪجهه گهڙيون گهاريون هيون يا رڳو سندس دوستن وٽان سندس ڳالهيون ٻڌيون هيون اهي هڪ گهري صدمي جو شڪار هئا. سچ ته جاويد هئو به اهڙو ماکيءَ جهڙو ماڻهو جنهن جي اوچتي وڇوڙي هر ڪنهن کي سوڳوار ڪري ڇڏيو هو.

اڄ جڏهن سنڌ ۾ چار اکر پڙهندڙ يا لکندڙ ماڻهو سوچ ۽ روين جي شديد عدم توازن جو شڪار آهن، جاويد ڀٽو جيترو گهڻو پڙهيل لکيل شخص هو، پنهنجي ذات ۾ هو اوترو ئي فضيلت وارو فرد هو. هو اتفاق راءِ يا اختلاف راءِ رکندي به ڪنهن جا جذبا مجروح نه ڪندو هو. سياسي ۽ سماجي طور تي سندس ساڃاهه ڪتابي حوالن مان نه پر سندس روين مان نظر ايندي هئي. هن پنهنجي ڄاڻ ۽ عقل کي آخري دم تائين پنهنجي ڌرتي ۽ ماڻهن سان سلهاڙي رکيو. هن اوپرائپ ۽ خودپسنديءَ جي دور ۾ جاويد پاڻ کي لو پروفائيل رکي بنا ڏيکاءَ سازي جي پنهنجي حصي جو ڪم ڪيو. مون ڪڏهن به کيس پنهنجو قد ڪاٺ وڌائڻ يا پنهنجي ان سڄي ڄاڻ جو رعب وجهندي نه ڏٺو، پنهنجي مزاج ۾ هڪ فقير صفت ماڻهوءَ جو اهڙيءَ بيدردي سان قتل جيءَ جهوريندڙ واقعو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو