Home / اسپيشل افيئر / جاويد ڀٽو: هڪ سٻاجهو ۽ ڏاهو انسان
above article banner

جاويد ڀٽو: هڪ سٻاجهو ۽ ڏاهو انسان

Asif Baladi

آصف بالادي

صُوفي لاَ ڪُوفي، ڪو نه ڀانئينس ڪير

منجهان ئي منجهه وِڙهي، پڌر ناهيس پير،

جنين ساڻس وير، ٿئي تنين جو واهرو.

(شاهه لطيف)

لطيف سائينءَ جون اِهي سٽون جاويد ڀٽو جهڙن انسانن لاءِ ئي ٺهڪي اچن ٿيون، هي هڪ سٻاجهو ۽ ڏاهو انسان هو، جڏهن بلغاريه کان اچي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ فلاسافي ڊپارٽمينٽ ۾ اُستاد طور پڙهائڻ شروع ڪيو هئائين تڏهن کان دوست اعجاز منگي، جاويد کوسو ۽ منهنجون ساڻس ڪچهريون شروع ٿيون ۽ اهو سلسلو گهڻو طويل آهي. منهنجي ساڻس آخري ڳالهه ٻولهه حيدرآباد ۾ عبدالحسين ڪپري جي گهر تي جبار ڀٽيءَ وسيلي فون تي ئي ٿي هئي. سندس علم، عقل ۽ ڏاهپ پهرين ڪچهريءَ ۾ ئي مون کي تمام گهڻو متاثر ڪيو.

53142146_2339141109632420_7540837410603532288_n

جاويد جي شخصيت، گفتگو جو انداز، سڀاءُ، سادگي ۽ صاف گوئي هن جي ڪردار جون نمايان خاصيتون هيون. ساڻس ٿيل تمام گهڻين ڀرپور ڪچهرين مان هڪ يادگار ڪچهري ڪجهه سال اڳ بيچ لگزري هوٽل ۾ ٿي هئي، جنهن جو سڄو سارو بندوبست پياري منير شاهه ذاڪري ڪيو هو. مون کي چيائين ته يار جاويد صاحب سان ڪچهريءَ لاءِ اڪيلائي ۽ ماحول کپي. سو ايئن ئي ٿيو ته مان سائين جاويد سان رابطي ۾ رهيس ۽ سندس تمام مصروف شيڊيول مان ڪچهري لاءِ وقت ڪڍڻ جي گذارش ڪئي. مٿان وري مُنير شاهه ذاڪري جو حوالو به هو، جيڪو به کيس سنڌ ۾ سندس تمام گهڻن پيارن دوستن مان هڪ رهيو آهي. بهرحال تقريبن ساڍي ٻارهين وڳي ڏينهن جو اسان بيچ لگزري هوٽل ۾ سمنڊ طرف خوبصورت ۽ کليل ريسٽورنٽ ۾ پاڻ اچي ملياسين. پيارو منير شاهه ذاڪري، فياض نائچ، تاج جکراڻي ۽ هڪ دوست جو نالو ذهن تي نٿو اچي، خير اسان سڀني جي ڌيان جو مرڪز سائين جاويد ڀٽو هو ۽ رسمي حال احوال بعد ڪچهري شروع ٿي وئي، ان دوران چانهه، ڪافي ۽ کائڻ پيئڻ جو سلسلو به هلندو رهيو.

آهستي آهستي نيٺ ڪچهري پنهنجو رنگ ورتو، تيزيءَ سان بدلجندڙ دنيا جا حال احوال، عالمي سياست، ادب، آرٽ، فلسفو، مذهب، سائنس ۽ تاريخ جا موضوع ۽ تفصيل واري واري سان بحث هيٺ ايندا پئي رهيا. خبر تڏهن پئي ته شام جا ساڍا ست ٿي چڪا هئا ۽ ڪچهري اڃا پنهنجي عروج تي هئي، هاڻي ڪچهري ڪندي اسان وري اچي اورتي هوٽل جي مين لابي ۾ ويٺاسين ۽ ڪچهري جو سلسلو جاري رهيو. وري چانهه ڪافي جو دور هليو، نيٺ تقريبن ساڍي اٺين وڳي ڌاري اسان واپس روانا ٿياسين. مون گهر اچي ڪچهريءَ جا نوٽس ورتا جيڪي مون وٽ محفوظ آهن. ورتل نوٽس جي روشنيءَ ۾ هڪ تفصيلي مضمون لکڻ جي ضرورت آهي. اُنهيءَ يادگار ڪچهريءَ ۾ فلسفي جي حوالي سان اسان سڀني دوستن ڏانهن مخاطب ٿيندي ڏاڍي پُراعتماد لهجي ۾ چيائين ته: “ڏاهپ جي جُستجو، تلاش ۽ ڏاهپ سان پيار جو سفر هميشه هر حال ۾ جاري رکڻو آهي.” اهڙيءَ ريت يادگيريءَ جي آواز تي هتي ڪجهه سٽون لکجن ٿيون. جاويد صاحب چيو ته: “سوشلزم جو خواب ڀڳل شيشي وانگر چڪناچور ٿي پيو آهي ۽ ڪميونسٽ انهن ڀڳل ٽٽل ذرڙن کي ملائڻ ۽ ميڙڻ جي حسرت ۽ اميد رکيو ٿا اچن.”

“سائنس ۽ ٽيڪنالوجيءَ جي بي لغام، روبوٽڪ يا مشيني ترقي ۾ فائدن سان گڏوگڏ ڪجهه نقصانڪار پهلو به آهن جن تي ڪرڙي نظر رکڻ جي ضرورت آهي، ڪيتريون ئي وڏيون ڪمپنيون ۽ ڪارپوريشنس ۽ دوائون ٺاهيندڙ ادارا صحت جي نالي ۾ ڄڻ ته زهر وڪڻي رهيا آهن. خاص طور تي زرعي دوائون زمين جي پنهنجي قدرتي ۽ فطري زرخيزيءَ وارن تهن کي تباهه ڪري رهيون آهن. فوڊ انجنيئرنگ جي نالي ۾ انسان جي کاڌ خوراڪ تي ڪنٽرول ڪيو پيو وڃي.”

“صوفي ازم، “تصوف” جهڙي زبردست نظرئي کي عالمي قوتون خاص طور تي آمريڪا پاليسيءَ جي طور تي استعمال ڪري رهيا آهن جيڪو انتهائي خطرناڪ عمل آهي، جنهن کي روڪڻ ۽ سمجهڻ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته انساني قدرن جي تباهه ٿيڻ جو امڪان آهي. هينئرانسان ذات جي ڀلائي، ڀائيچاري، اتحاد، امن ۽ ترقيءَ لاءِ واحد رستو صوفي ازم “تصوف” آهي جنهن جي اصل ۽ نج نبار سچي پچي صورت کي بگاڙي ۽ ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو پيو وڃي.”

53306459_10157038412740480_4310556322182463488_n

“هر قسم جي ميڊيا جي زور تي هن کان اڳ انسان ذات جي تاريخ ۾ ڪوڙ جي ايڏي وڏي منظم رٿابندي ۽ تنظيم ڪڏهن به نه رهي آهي. هينئر ميڊيا جي طاقت وسيلي ڪوڙ کي سچ ۽ سچ کي ڪوڙ ٺاهڻ جو هڪ خطرناڪ کيل جاري آهي. منگولن هٿان اسلامي شهنشاهتن جي تباهيءَ کان پوءِ جيڪو اونداهو دور هو ان ۾ رومي، عطار، حافظ ۽ چشتي جهڙا ستارا ظاهر ٿيا جن پنهنجي شاعريءَ وسيلي ماڻهن ۾  نئون روح ڦوڪيو “صوفيت” جو پيغام ڏنو، اهڙي ريت بعد ۾ مغلن جي حملن ۽ قبضي گيريءَ کان پوءِ شاهه لطيف، بابا بُلهي شاهه ۽ سچل سائين ساڳيو پيغام جاري رکيو.”

“يورپي ڏاها ۽ مفڪر اسان ايشيائي ۽ آفريڪي ماڻهن جي پنهنجي ڌرتيءَ جي حالتن مان ڦُٽي نڪتل فلسفي ۽ فڪر توڙي مذهبي عقيدن ۽ خيالن کي ٺيڪ طرح نه سمجهي سگهيا آهن.”

اهڙي طرح جاويد صاحب سان ٿيل ڪچهري جا ڪجهه نوٽس مون وٽ محفوظ آهن. مون کي چڱي ريت ياد آهي ته جڏهن نڪروما جو سنڌي ترجمو ٿيل ڪتاب “هٿياربند انقلابي جدوجهد” جو تفصيلي مهاڳ لکي رهيو هئس تڏهن جاويد صاحب سان ڪراچي واري پراڻي ڊائو ميڊيڪل ڪاليج جي هاسٽل جي ڪمري تي جتي پيارو جاويد قاضي رهندو هو اُتي آفريڪي کنڊ جي حوالي سان لڳاتار ڪچهرين جو سلسلو شروع ٿيو هو، جنهن ۾ جاويد صاحب آفريڪي کنڊ جي تاريخ، آفريڪي نيشنلزم، سوشلزم ۽ سياست تي وڏي تفصيل سان ڳالهايو هو. چيائين ته: “آفريڪي سوشلزم هڪ خيالي پُلاءُ وانگر آهي. بس صرف يوٽوپيا آهي گهڻن سالن کان پوءِ مون کي آفريڪي سوشلزم جي حوالي سان هڪ ڪتاب هٿ آيو جنهن جو عنوان هو “Utopia un Armed” دراصل جاويد صاحب جو مطالعو ۽ مشاهدو تمام گهڻو وسيع ۽ گهرو هو، گڏوگڏ زندگيءَ جو تجربو پڻ ڀرپور هو. فيڊرل هاسٽل ۾ ادا ابوبڪر بُلو وٽ سائين جاويد ڀٽو، مير ٿيٻو، قاضي جاويد، ڊاڪٽر ظفر بلوچ سان ٿيل رهاڻيون اڻ وسرندڙ آهن. جاويد ڀٽو جي هڪ ٻي نمايان خاصيت به نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته هن وٽ هاڻوڪين حالتن جي ادراڪ ۽ علم سان گڏ اڳتي نهارڻ واري دُور انديش نظر پڻ هئي. مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته هڪڙي ڪچهريءَ دوران جڏهن اڃا نائين اليون 11/9 جو پري پري تائين ڪو امڪان به نه هو ۽ اڃا مشرف جي سول مارشل لا به نه لڳي هئي تڏهن جاويد صاحب چيو هو ته: “يار! مون کي لڳي ٿو ته عالمي سطح تي ڪو وڏو واقعو ٿيڻ وارو آهي. پر اڃا تائين ڪجهه نٿو چئي سگهجي ته ڇا ٿيڻ وارو آهي پر ان واقعي بعد مسلم ملڪن ۾ سول ڊڪٽيٽرشپ واريون حڪومتون قائم ٿيڻيون آهن.” ساروڻين کي چڱيءَ ريت سارجي ۽ سهيڙجي ته هڪ الڳ ڪتاب ٿي پوندو.

گذريل ڀيري جڏهن سائين قادر بخش جتوئي سوئيڊن مان سندس والده محترمه جي علاج لاءِ اَمڙ کي هتي ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخل ڪرايو هو ته اُتي ساڻس دوست ڊاڪٽر حميد سبزوئي ۽ مون کي ڪچهريءَ جو موقعو ملي ويو. سائين قادر بخش جتوئي صاحب پاڻ به تمام گهڻو پڙهيو لکيو انسان آهي. سو ان ڪچهريءَ ۾ هڪ موضوع سائين جاويد ڀٽو به هو. قادر بخش جتوئي صاحب چيو ته: “جاويد ڀٽو ۽ مان سڄي دنيا جي ملڪن مان ڪميونسٽ پارٽين جي معرفت آيل شاگردن سان جاويد ڀٽو جون ياريون باشيون ٿي ويون بس پوءِ ته اُتي يار اوطاق مچايو ويٺو هوندو هو تنهنڪري دنيا جهان جي شاگرد دوستن جي صحبت مان به جاويد ڀٽو تمام گهڻو سکيو ۽ پرايو ۽ پاڻ به سيکاريو. خانه بدوش جپسيز “Gypsies” به هن جا يار هوندا هئا. انهن سان پامسٽري، ستارن جي علم، ماڻهوءَ جي ڀاڳ ۽ نصيب تي به پيو ڪچهريون ڪندو هو.”

هاڻي جڏهن ڪلفٽن ۾ ڀاءُ شاهد ڀٽو سان جاويد صاحب جي حوالي سان يادگيريون پئي ونڊيونسين ته ڀاءُ شاهد ڀٽو جيڪو پڻ هڪ بهترين موسيقار آهي ۽ شخصي طور تي به هڪ دلبر انسان آهي، ان ٻڌايو ته هتي ڪراچيءَ ۾ يار پاميسٽرن سان فوٽ پاٿ تي ويهي رهندو هو ۽ پيو حال احوال ڪندو هو. بهرحال پامسٽري کان وٺي فلاسافي، اينٿرو پالاجي، سوشيالاجي سائنس، مذهب، صوفي ازم “تصوف” ۽ عالمي تاريخ، سياست توڙي ادب ۽ آرٽ جهڙن اهم علمن ۽ موضوعن تي جاويد صاحب کي چڱي مهارت حاصل هئي. بيشڪ هو هڪ داناءُ شخص هو، نَون پراڻن دوستن کي خبر آهي ته هُو انتهائي گهڻو پاڙهو شخص هو.

مون کي ياد آهي ته جڏهن عقوبت خانن، سيلن، جيلن جا سُور سهي آزاد ٿي آيو هئس تڏهن ساڻس پهرين اعجاز منگيءَ وٽ ۽ بعد ۾ منهنجي گهر تمام طويل ڪچهري ٿي هئي، تڏهن جاويد صاحب سگريٽ ۽ شراب ڇڏي چڪو هو ۽ چيائين ته “سگريٽ ۽ شراب نه رڳو جسماني صحت لاءِ خراب آهن پر اهي ٻئي شيون ذهني ۽ روحاني صحت لاءِ پڻ نقصانڪار آهن.” ان ڪچهريءَ ۾ جاويد صاحب ٽيبل تي ڪوڪ جي وڏي بوتل گهرائي رکي ۽ اسان سان ڪچهريءَ ۾ محو ٿي ويو. ان ڪچهريءَ ۽ گفتگو دوران محسوس ٿيو ته جاويد صاحب اڳ کان ڪافي تبديل ٿي چڪو آهي، سڄيءَ ڪچهريءَ جو موضوع صوفي ازم، مولانا رومي ۽ شاهه لطيف هو، روميءَ جي رقص جو راز ۽ حال احوال به شاندار طريقي سان بيان ڪيو هئائين، گهڻو ڪري پاڻ روميءَ جي درگاهه کان ٿي به آيو هو ۽ وري وڃڻ جو ارادو به رکيائين پئي.

سچ پڇو ته جاويد ڀٽو منهنجي نظر ۾ علامه آءِ آءِ قاضي صاحب جهڙي عظيم ڏاهي انسان جو تسلسل آهي. اسان جو هي يگانو فلسفي دانشور ۽ صوفي منش انسان ڪنهن اونهي اِسرار جي رمز پروڙي ۽ پائي چُڪو هو جنهن لاءِ دنيا جهان جي عالمن، فلسفين، اَڪابرن، عارفن ۽ عاشقن وڏا ڪشالا ڪٽيا آهن. بهرحال هي سارو سنسار هار وانگي هڪ ئي سڳي ۾ پويل ۽ جُڙيل آهي. سڀ جيت جڻيا، پکي پکڻ، حيوان توڙي انسان، وڻ ٻوٽا، چرند پرند، هڪ ئي ذات جي صفات آهن. سڀ ۾ هڪ ئي سمايل آهي، وحدت ۽ محبت، دوستي ۽ تعاون توڙي عشق، عقل، عرفان ۽ وجدان جا سلسلا به ساڳئي سرچشمي مان ڦٽي نڪرن ٿا.

سڀني علمن، فلسفن، نظرين، مذهبن، سائنس توڙي آرٽ ۾ وحدت آهي. “ماڻهپو” ئي سڀ کان وڏو دين ڌرم آهي جيئن جاويد صاحب چوي ٿو ته “صوفي ازم ۽ سائنس متضاد نه آهن انهن شين کي متضاد سمجهڻ غلطي آهي.” علامه آءِ آءِ قاضي به ساڳي ڳالهه ڪري ٿو ته “بظاهر ڪيترن ئي ڌار ڌار علمن پويان وحدت آهي، علمن ۾ وحدت ڳوليو.”

جاويد صاحب صوفي ازم “تصوف” کي اڄ جي دور جي سڀني انسانن لاءِ هڪ روشن راهه سمجهي ٿو ۽ ان کان غافل ٿيڻ کي هو “Tragedy of Modern Man” قرار ڏئي ٿو. جاويد سائين شاهه لطيف جي زبان ۾ بار بار ورجائي ٿو. سڏي ۽ پڪاري ٿو:

“سُتا اُٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري

سُلطاني سُهاڳ، ننڊون ڪندي نه مِلي”

“شاهه لطيف”

اڳتي وڌي اڃا به هڪ سهڻي ۽ شاندار صلاح ڏي ٿو ته: “Live a life of Philosopher” پاڻ پنهنجي لفظن ۾ درويش جي معنيٰ ۽ مفهوم ٻڌائيندي چوي ٿو “درويش معنيٰ دروازي تي انتظار ۾ بيٺل، بس دروازو کُلي ۽ يار ملي.” بهرحال آخرڪار اسان جي درويش جو دروازو به کُلي ويو ۽ جُز وڃي ڪُل سان مِليو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو