Home / سياسي افيئر / جي ايم سيد جو فڪر: نيشنلزم کان انٽرنيشلزم تائين!
above article banner

جي ايم سيد جو فڪر: نيشنلزم کان انٽرنيشلزم تائين!

Writerآزاد قاضي

ان تي هاڻ ڪا ٻي راءِ آهي ئي ڪا نه ته سائين جي. ايم. سيد اول ۽ آخر نيشنلسٽ هو. سندس سموري سوچ جو محور نيشنلزم هو. ان کي هاڻ ڪي ماڻهو انٽرنيشنلسٽ ڪري پيش ڪرڻ گھرن ٿا. جڏهن ته گھٽ ۾ گھٽ ننڍي کنڊ ۾ اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته انٽرنيشنلسٽ، نيشنلسٽ سوچ ۾ نمايان فرق آهي. ايتري قدر جو ڪيترن ئي ماڻهن نيشنلزم تي بحث ڪندي برملا چئي پئي ڏنو آهي ته اسين نيشنلسٽ نه پر انٽرنيشنلسٽ آهيون. يا ايئن چوڻ ته اسين ته مارڪسسٽ آهيون.

مٿي ذڪر ڪيل اصطلاح جي مختصر تشريح ۽ اصليت کي سمجھڻ جي سلسلي ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود ڪتاب بين الاقوامي تعلقات جي لغت“ تي نظر وجھڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته نيشنلزم: ”گڏيل ثقافت، قدرن ۽ حب الوطنيءَ جي جذبي تي ٻڌل هڪ سياسي نظريو آهي جنهن مطابق مختلف لاڙن ۽ طبقن ۾ ورهايل ماڻهن جو هڪ گروهه، اجتماعي حاصلات لاءِ پنهنجي قوم ۽ ان جي مفادن سان سگھاري انداز ۾ سلهاڙيل ۽ واڳيل هجي ٿو. جديد دور ۾ هي نظريو ڪنهن به قوم جي سڃاڻپ ۽ ترقيءَ جو اهڃاڻ سمجھيو وڃي ٿو.“ ص 454 جڏهن ته انٽر نيشنلزم “دراصل مختلف سياسي نظرين جي بنياد تي ٻڌل هڪ تحريڪ آهي، جنهن جو مقصد مخصوص نظريي سان لاڳاپيل رياستن کي بين الاقوامي تناظر ۾ هڪ ٻئي جي ويجھو ڪرڻ ۽ فائدو رسائڻ آهي ڇاڪاڻ جو سندن ڊگها مفاد هڪ ٻئي سان سلهاڙيل هوندا آهن. هن نظريي جا پوئلڳ مختلف ملڪن جي ڌار حاڪميت اعلي بدران هڪ عالمي طور کليل متحرڪ ۽ پائدار سرشتي جا حامي هوندا آهن. ص 377

P-01

مٿي ذڪر ڪيل سمجھاڻيءَ جي روشني ۾ غور ڪري ڏسو ته اهي ٻئي اصطلاح هڪ ٻئي جا ضد نه سهي پر ساڳي ڳالهه به ڪونهن انڪري ڪامريڊ روچيرام جو چوڻ آهي ته: ”پاڻ يا ته نيشنلسٽ آهيون يا انٽرنيشنلسٽ، ٻئي ٿي نه ٿا سگھون“.

حقيقت اها آهي ته نيشنلزم ۽ انٽرنيشلزم ٻه ڌار ڌار فڪر آهن جن جي حوالي سان مختلف ملڪن ۾ ٿيل مختلف تجربا موجود آهن. مجموعي طور تي اهي ٻه ڌار ڌار نظريا آهن. ساڳي ڳالهه ڪونهي.

نيشنلزم جو فڪر ته پراڻو آهي. جنهن جون ڪيئي تشريحون ۽ تاويلون ٿينديون رهيون آهن البت انٽرنيشنلزم واري حوالي سان ڳواڻي USSR ۽ چين جي ڪميونسٽ پارٽين پنهنجي انداز ۾ تجربا ڪري ان فڪر کي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ مشهور ڪيو. انهن ڪيترن ئي ملڪن تي پنهنجا اٿر پڻ ڇڏيا. اهڙي ريت انٽرنيشنلسٽ هئڻ واري تصور جو اڀار ٿيڻ لڳو. جنهن ڪيترن ئي ملڪن ۾ نيشنلزم سان ٽڪراءَ واري صورت پڻ اختيار ڪئي ڇاڪاڻ ته اهڙي تصور جا حامي پنهنجو پاڻ کي لامحاله سوويت يونين يا چين واري گروهه سان لاڳاپيل تصور ڪندي، مقامي قومي معاملن کان نه رڳو پاسيرا ٿيا پرپر اڪثر حالتن ۾ مخالفت ڪيائون اهو انڪري به ٿيو جو نيشنلزم وارو نظريو غلام قومن جون متحده ٿيڻ جو وڏو وسيلو ثابت ٿيو، جنهن جي بنياد تي محڪوم قومن، قومي آزاديءَ جو تحريڪون هلايون ۽ جتي به قومي آزاديءَ جون تحريڪون هليون اتي اهڙي تحريڪ هلائيندڙن کي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا. ان جي ڀيٽ ۽ انٽرنيشنلسٽ سڏائڻ بظاهر سولو ڪم آهي سوويت بلاڪ هئڻ ڪري، ڪجهه ڏکيائيون هيون، هاڻ ته اهي به ناهن رهيون. ۽ اهو هاڻ اصطلاح غلام ملڪن اندر قومي غلاميءَ وارين وڌندڙ دباءَ کان گسائڻ لاءِ استعمال ٿيندو پئي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته نيشنلزم قوم کي غلام بنائيندڙ قابض قوم سان مهاڏو اٽڪائڻ وارو درس ڏيندڙ آهي ۽  ان عمل ۾ جيڪي پيچيدگيون اهن تن کان آجو ٿيڻ لاءِ اهو آسان طريقو آهي ته پنهنجو پاڻ لاءِ انٽرنيشنلسٽ چئي پاڻ کي پاسي تي ڪري وٺجي گھٽ ۾ گھٽ سنڌ ۽ پاڪستان جي حد تائين ان جا ڪيئي مثال موجود آهن.

P-02

پر جهڙي ريت سنڌ جي صوفياڻي تحريڪ جي نرالي بيهڪ ۽ جداگانه تاريخي پس منظر آهي، ساڳي طرح حضرت شاهه عبداللطيف کان وٺي سائين جي. ايم. سيد تائين هتان جي نيشنلزم ۽ انٽرنيشنلزم جو به نرالو امتزاج نظر اچي ٿو. جيڪو سنڌ جي قديم انسان دوست، سيڪيولر ۽ زوردار تاريخي تسلسل جو نمايان اهڃاڻ آهي.

جي ايم سيد جنهن سڄي عمر پنهنجي مقصد لاءِ قربان ڪري ڇڏي، جيڪو 90 سالن جي ضعيف العمريءَ ۾ به ڪيل قومي ڳالهه تي پهاڙ جيان اٽل ۽ اڏول رهيو. جيڪڏهن پاڻ نيشنلزم واري ٿوري به واٽ تبديل ڪري ها ته کيس زندگيءَ ۾ ايڏا ڏک ڏاکڙا ڏسڻائي ڪو نه پون ٿا. ذاتي زندگيءَ ۾ ڏاڍا عيش ڪري ها پر هن ائين ڪو نه ڪيو. ڇاڪاڻ ته سندس من ۾ ڀٽائيءَ جو فڪر واسو ڪري ويو هو. جنهن جي اثر هيٺ پاڻ انٽرنيشنلزم کان باخبر هوندي به اول نيشنلسٽ هو. سيد جو نيشنلزم سنڌ جي قديم تاريخي تناظر ۾ ڀٽائي جي فڪر مان ڦٽي نڪتل آهي سندس من ۾ ڀٽائيءَ وارو وسيع مفهوم رکندڙ جامع نيشنلزم کان انٽرنيشنلزم وارو سبق “سائين سدائينم ڪري مٿي سنڌ سڪار.دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين”. روح ۾ ر چي گھر ڪري ويو هو. چاچو حفيظ قريشي سيد جي ان ’رچي جي ريٽو ٿيا، لهي نه تن لالي’ واري اهڙي ڪيفيت جو ذڪر ڪندي چوندي هو. ڀٽائيءَ “شاهه کي مست ڪري ڇڏيو ۽ شاهه وري اسان کي چريو ڪري وڌو آهي.” جيئن ڀٽائي پنهنجي قومي فڪر ۾ واضح نظر اچي ٿو. بلڪل ساڳي طرح سيد به قوم پرست هوندي انٽرنيشنلسٽ ضرور آهي پر ان لاءِ به هو ڀٽائيءَ جيان اول پنهنجي ڳالهه ڪندي لکي ٿو ته: “آزادي منهنجي منزل ڪانهي سنڌ جي آزاديءَ بعد امن عالم لاءِ جاکوڙڻ وارو سفر شروع ٿيندو.”

پنهنجي ان سموري خيال کي سيد هڪ ئي جامع جملي ۾ هن ريت بيان ڪري ٿو: “ اتحاد انساني، امن عالم، ترقي بني آدم” مٿي ذڪر ڪيل جملي جا ٽي بنيادي حصا آهن. اتحاد انساني يعني بغير رنگ نسل، مذهبي فرقي بندي ۽ طبقاتي فرق جي انسانن ۾ اتحاد پيدا ڪرڻ جنهنجي بنياد طور سيد وحدت مذاهب واري فڪر تي زور پئي ڏنو آهي. جنهن سان فرق مٽجڻا آهن. جڏهن اهي فرق مٽجي ويندا تڏهن ئي امن عالم ٿي سگھي ٿو ۽ اهڙُو وسيع جامع الصفات فڪر صرف انٽرنيشنلسٽ تصور رکندڙ مفڪر ئي پيش ڪري سگھي ٿو. پر سيد چوي ٿو ته ان جي ابتدا ۽ ارتقا نيشنلزم ئي آهي ان تصور هيٺ ئي سيد بار ها چوندو رهندو هو، ته، سنڌ وٽ دنيا لاءِ خاص پيغام آهي دنيا جي امن جو سج سنڌ مان نڪرڻو آهي. نامور دانشور انور پيرزادو (جيڪو انٽرنيشنلسٽ ۽ ڪميونسٽ تصور ڪيو ويندو آهي سنڌ جي ان اعليٰ عالمي تناظر کي پڻ هن ريت بيان ڪري ٿو: ”سنڌ جي حوالي سان I am Chauvinist،ماڻهو چوندا آهن ته انور سنڌي Culture ۽ Civilization کي سڄي دنيا تي Impose ڪرڻ ٿو چاهي ۽ اها هن جي ڪمزوري آهي.  اها برابر منهنجي جذباتي ڪمزوري آهي پر اهو منهنجو Calculated Opinion  به آهي. در اصل جيڪا شيءِ مان هن دنيا تي ٿاڦڻ چاهيان ٿو اها آهي.

سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار.

دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.

مان سمجهان ٿو ته ان کان وڌيڪ نه ته ڪا  Internationalism  ۽ نه ڪا Nationalism آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو