Home / اسپيشل افيئر / حسين شهيد سهروردي جي پُٽ جو راشد سهروردي کان رابرٽ ايڇ بي تائين سفر
above article banner

حسين شهيد سهروردي جي پُٽ جو راشد سهروردي کان رابرٽ ايڇ بي تائين سفر

Akhtar Baloch

اختر بلوچ

اڄ پنهنجو موضوع خود تنقيدي عمل مان گذرڻ آهي، اها تنقيد مون پنهنجو پاڻ تي ناهي ڪئي پر هڪ قابل پيءُ جي قابل پٽ مون تي ڪئي آهي. هُن جو نالو ته راشد هو ليڪن پوءِ سندس نالو رابرٽ پئجي ويو، اچو ته پهرين راشد ۽ رابرٽ جي مڪمل تعارف کان اڳ منهنجي شايع ٿيندڙ مضمون جي جواب ۾ راشد سهروردي جي تنقيد جو جائزو وٺون.

حسين شهيد سهروردي جي پٽ پنهنجي والد بابت لکيل منهنجي هڪ تنقيدي بلاگ جو جائزو وٺڻ کان پوءِ ان جو جواب لکيو جيڪو حاضر آهي. “مون پنهنجي والد بابت اختر بلوچ جو مضمون نهايت دلچسپي سان پڙهيو جنهن جو عنوان هو “حسين سهروردي کان انتقام” واضح طور تي اختر بلوچ اهو مضمون نيڪ نيتي سان لکيو آهي، يقيني طور هو منهنجي والد جو مداح آهي. هُن نهايت موزون عنوان چونڊيو آهي جنهن کي پڙهي پاڪستان جي ناليواري وڪيل اي ڪي بروهي جي ڳالهه ياد اچي ٿي وڃي جيڪا هُن ڍاڪا ۾ 60ع واري ڏهاڪي جي آخر ۾ هڪ تقرير دوران ڪئي هئي، هُن چيو هو ته “پاڪستان جي سياسي تاريخ جي پهرين 16 ورهين ۾ هڪٻئي پٺيان ايندڙ حڪومتن جو مقصد اهو ئي هو ته سهروردي صاحب کي ڪنهن به ريت اقتدار ۾ نه اچڻ ڏنو وڃي.”

P-01

“اختر بلوچ جي مضمون ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي حقيقتن جون غلطيون ۽ غلط تصور نظر آيا. مسٽر ۽ مسز ايس اين بيڪر سان گڏ ايوب خان جي وڏي تصوير ۾ نظر ايندڙ ٻيو صاحب منهنجو والد ناهي، آءٌ ٻيهر اهو واضح ڪريان ٿو ته انهيءَ تصوير ۾ منهنجو والد موجود ناهي.” (يقينن سندس اهو موقف درست آهي ليڪن شايد غلطي سان منهنجي بلاگ تي اها تصوير ڪنهن صاحب پاڻ ئي ڳولهي هڻي ڇڏي آهي.) اهڙي ريت آفتاب احمد جي ڀائيٽي بيگم سلميٰ احمد جو اهو چوڻ ٺيڪ ناهي (جيڪڏهن هُن چيو آهي ته) ته اسڪندر مرزا جي صدر ٿيڻ کان اڳ منهنجو والد وزيراعظم هو. (اها ڳالهه بيگم سلميٰ احمد پنهنجي آٽو بايو گرافي ۾ واضح طور تي لکي آهي: اختر بلوچ)”

“بلوچ صاحب ڪتاب “پاڪستان ڪي پهلي سات وزيراعظم” مان هڪ حوالو ڏي ٿو ۽ هڪ اهم جملو جيڪو آءٌ ڄاڻان ٿو اهو صحيح ناهي، اهو هي آهي ته “سهروردي صاحب جيستائين وزيراعظم هائوس ۾ رهيو هُن ڊاڪٽر جي هدايت تي شراب کان پرهيز ڪئي.” آءٌ توهان کي يقين ڏيارڻ چاهيان ٿو ته منهنجي والد شراب نوشي کان ڊاڪٽر جي چوڻ تي پرهيز نه ڪيو بلڪه کيس شراب جو ذائقو ئي پسند نه هو. شايد ڪڏهن شيمپئن جي هڪ اڌ چسڪي ورتي هوندائين، اهو به ڪنهن جي چوڻ موجب ته صرف ڏيکارڻ لاءِ. 1963ع ۾ مئي مهيني کان وٺي نومبر تائين جيستائين هُو مونسان گڏ لنڊن ۾ ترسيل هو، ان دوران مونکي پاڪستاني سياست بابت تمام گهڻي خبر پئي، ڊاڪٽرن منهنجي والد کي شام جو دوا طور ٿوري برانڊي پيئڻ جو مشورو ڏنو، برانڊي دراصل انجائنا جو سور گهٽ ڪرڻ لاءِ تجويز ڪئي وئي هئي. آءٌ توهان کي ٻڌايان ته ڇهن سالن جي ٻار کي ڪسٽر آئل پيئارڻ سولو ۽ والد صاحب کي برانڊي پيئارڻ ڏاڍو ڏکيو هو، نه ته هُو شراب پيئندو هو نه ئي هُن ڪڏهن سگريٽ نوشي ڪئي. هُن مونکي پنهنجي اڳيان سگريٽ نوشي ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي هئي، ڪڏهن ڪڏهن هُو منهنجي کيسي مان سگريٽ به ڪڍي وٺندو هو ليڪن جڏهن مان سندن لاءِ سگريٽ دُکائي چڪو هوندو هئس ته هُو ڪش هڻڻ بدران ان کي وِسائي ڇڏيندو هو ۽ سگريٽ مونکي ٻيهر دُکائڻو پوندو هو. ٻه ڪش هڻڻ کان پوءِ سگريٽ ايشٽري ۾ پهچي ويندو هو. مونکي پڙهندڙن کي اهو ٻڌائڻ ڏيو ته منهنجي والد جي شراب نوشي کان پرهيز صحت يا مذهب جي ڪري نه هئي بلڪه اُن جو واحد ڪارڻ اهو هو ته کيس شراب جو ذائقو ئي نه وڻندو هو. سگريٽ نوشي جي حوالي سان هو تمام گهڻو محتاط هو.”

“جيتري قدر سندس رقص ڪرڻ جو تعلق آهي جنهن جو ذڪر به ڪتاب ۾ ڪيو ويو آهي ته هُو پنهنجي پيشيوراڻين مصروفيتن بشمول سياست ۽ وڪالت جي ڪري سياسي جلسن يا ميڙاڪن کي خطاب ڪرڻ باوجود جڏهن به کين موقعو ملندو هو پيلس هوٽل ۾  رات هڪ بجي کان پوءِ پهچي ڊانس ڪندو هو جيڪا هڪ لحاظ کان ورزش به هئي ۽ تفريح پڻ. مختلف راتين جو ڪيتريون ئي عورتون ساڻن رقص ۾شامل ٿي وينديون هيون ۽ ناهيد اسڪندر مرزا صدر جي مصروف شيڊيول سبب مشڪل سان ئي انهن عورتن ۾ شامل هوندي هئي. انهن ٻنهي (ناهيد اسڪندر ۽ حسين شهيد سهروردي) جا لاڳاپا تمام سٺا هئا جيڪي ان لحاظ کان حيرت انگيز آهن ته سندس مڙس غير آئيني طور تي سهروردي کان وزيراعظم طور استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو هو جڏهن اهو واضح ٿي ويو ته سندس خلاف تحريڪ عدم اعتماد ناڪام ٿي ويندي. ڪيترائي ورهين پوءِ هُن (ناهيد) کلندي مونکي ٻڌايو هو ته ڪيئن حسين شهيد سهروردي مختلف تقريبن ۾ کيس آڇ ڪئي هئي ته هوءَ سندن گروپ ۾ شامل ٿي وڃي. اها آڇ ڪجهه هنن لفظن ۾ هئي: “ڊارلنگ، تون اسان جي گروپ ۾ شامل ڇو نه ٿي ٿي وڃين؟” جواب ۾ هوءَ وراڻيندي هئي “شهيد منهنجي خيال ۾ توکي مونکي ڊارلنگ نه چوڻ گهرجي، آءٌ هڪ شادي شده عورت آهيان ۽ پاڪستان جي صدر جي گهرواري پڻ آهيان.”هو جواب ۾ چوندو هو ته “اوهه سوئيٽ هارٽ، آءٌ ڏاڍو شرمندو آهيان ليڪن تون اسان سان شامل ٿي وڃ” ناهيد سندن ڳالهه مڃي وٺندي هئي.”

P-02

“اختر بلوچ جي مضمون ۾ هڪ غلطي اها به آهي ته منهنجي والد ملڪ جي معاملن کان مايوس ٿي زندگي جي آخري ڏهاڙن ۾ جلاوطن رهڻ جو فيصلو ڪيو، اهو صحيح ناهي. جنوري 1963ع ۾ دل جو دورو پوڻ کان پوءِ علاج جي نيت سان هُو پرڏيهه هليو ويو هو، آخرڪار نومبر ۾ بيروت ۾ ڊاڪٽرن کيس مڪمل طور تي تندرست قرار ڏنو جنهن کان پوءِ کيس ڊسمبر ۾ وطن واپسي لاءِ گرين سگنل ملي ويو. 1962ع ۾ سينٽرل جيل مان آزادي کان پوءِ هُن اين ڊي ايف (نيشنل ڊيموڪريٽڪ فورم) جو بنياد رکيو، نورالامين ۽ مولانا ڀاشاني سميت سمورا اپوزيشن اڳواڻ سندس ڇانوري ۾ ڪم ڪرڻ تي متفق هئا، پارٽي جو جنرل سيڪريٽري شيخ مجيب الرحمان مئي ۾ منهنجي لنڊن واري گهر ۾ ساڻس ملڻ آيو، مان ان وقت ڪمري ۾ موجود هئس جڏهن هُن شيخ مجيب کي چيو ته هُو فيصلو ڪندو ته ڇا هن سال جي آخر ۾ سندس وطن واپسي کان پوءِ سياسي جماعتون منظم ڪيون وڃن. ڪيترن ئي ماڻهن کي ان ڳالهه جي خبر ناهي ته ان ئي مهيني ۾ کيس لنڊن جي ريڊس ڪارليٽن هوٽل وٺي ويس جتي هُن ايوب جي ايلچي جنرل شيخ سان ملاقات ڪئي، جنهن کيس نائب صدر جي عهدي جي آڇ ڪئي. پاڻ جواب ۾ چيائين ته “جيڪڏهن اِها ئي آڇ 1958 يا 1959ع ۾ ڪئي وڃي ها ته شايد هُو ان تي غور ڪري ها ڇو ته ان وقت ان ڌٻڻ مان بچڻ جو موقعو هو جيڪا ملڪ کي تباهي طرف ڌڪي رهي هئي ليڪن 1963ع تائين تمام گهڻيون شيون هٿ مان نڪري چڪيون هيون.”

“آءٌ ٻيو به گهڻو ڪجهه لکڻ چاهيان ٿو، گانڌي سان گذاريل سندس وقت ۽ گانڌي جي قتل کان پوءِ گاڊسي کيس ان لاءِ قتل نه ڪيو ته هُن اهو سمجهيو ته منهنجو والد انڌڙو آهي، هُن ڪيئن خواجا ناظم الدين کي ڪابينا جي اجلاس ۾ سندس ڏوهٽي جو رٻڙ جو رانديڪو بار بار پُش ڪري ڪاوڙائي وڌو هو، بيروت ۾ سندس موت تي منهنجا خيال وغيره وغيره. آءٌ اهو سڀ ڪجهه لکڻ چاهيان ٿو ليڪن لفظن جي ڳڻپ منهنجي اڳيان رڪاوٽ بڻجي رهي آهي. انهن بلاگز جي ڊيگهه خاص حد کان وڌيڪ نه هجڻ گهرجي تنهن هوندي به آءٌ اهو بلاگ لکڻ تي اختر بلوچ جو شڪر گذار آهيان، جيتوڻيڪ ان ۾ ڪيترن ئي پهلوئن جو احاطو نه ڪيو ويو آهي تنهن هوندي به اهو سڀ ڪجهه منهنجي والد جي محبت ۽ احترام ۾ لکيو ويو آهي، ان ڳالهه مونکي ڏاڍو متاثر ڪيو.” توهان لاءِ منهنجو عنوان “حسين شهيد جو پٽ راشد کان رابرٽ تائين” يقيني طور تي ڇرڪ ڀرائڻ جو سبب بڻبو پر اها حقيقت آهي ته هُن پنهنجو نالو راشد کان رابرٽ ايڇ بي رکي ڇڏيو هو، ان جا سبب ڪهڙا هئا ان جي مونکي خبر ناهي. مون ٻه ڀيرا اي ميل وسيلي ساڻس رابطو ڪري حسين شهيد سهروردي بابت وڌيڪ معلومات ڏيڻ جي گذارش ڪئي هئي ليڪن سندس جواب ڏاڍو محتاط ۽ تقريبن انڪار ۾ هو. راشد سهروردي حسين شهيد سهروردي جو اڪيلو پٽ هو، هُو لنڊن ۾ رهندو هو، پيشي جي لحاظ کان اداڪار هو، بنيادي طور تي فلاسڪ ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪري مشهور هو.  هُو پنجن ورهين تائين رائل شيڪسپيئر ڪمپني سان گڏ ڪم ڪري چڪو آهي. قائداعظم تي ٺهندڙ فلم “جناح” ۾ هُن جواهر لعل نهرو جو ڪردار ادا ڪيو هو. اُن فلم ۾ مرڪزي ڪردار ڪرسٽوفر لي ادا ڪيو هو. راشد سهروردي 5 فيبروري 2019ع تي لنڊن ۾ گذاري ويو. سندس سيني ۾ تمام گهڻا راز هئا پر شايد انهن کي ڪير شايع ڪرڻ لاءِ تيار نه هو.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو