Home / ڪئپيٽل افيئر / سعودي ولي عهد جي پاڪستان ياترا-معيشت جي ٻڏندڙ ٻيڙي پار پوڻ جا امڪان
above article banner

سعودي ولي عهد جي پاڪستان ياترا-معيشت جي ٻڏندڙ ٻيڙي پار پوڻ جا امڪان

Writerپاڪستان هن وقت سفارتي محاذ تي ٻه ڪاميابيون حاصل ڪري چڪو آهي، جن ۾ هڪ افغان طالبان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ هلندڙ ڳالھين ۾ سهولتڪار جو ڪردار  ،جنهن جي نتيجي ۾ خطي جي صورتحال تبديل ٿي رهي آهي ۽ ٻيو سعودي ولي عهد جو پاڪستان جو دورو، جنهن ۾ 20 ارب ڊالرن کان وڌيڪ سيڙپ ڪاري جي ايم او يوز تي صحيحون ٿيون آهن. وزيراعظم عمران خان پنهنجي مهمان کي وزيراعظم هائوس ۾ پهريئن ڏينهن معمولي ڪيسن ۾ سعودي جيلن ۾ قيد پاڪستاني قيدين جي آزادي واري درخواست ڪئي ته ٻئي ڏينهن  سعودي ولي عهد اسلام آباد ۾ موجود هوندي 2100 کان وڌيڪ قيدي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. سعودي ولي عهد جو پاڪستان وارو دورو عمران خان جي حڪومت جي وڏي ڪاميابي قرار ڏنو وڃي پيو، ڇاڪاڻ ته ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت کانپوءِ ڪنهن به سعودي طاقتور شخصيت جو هي دورو ڪيترن ئي حوالن سان اهم آهي، جيڪو نه رڳو ملڪ ۾ سيڙپڪاري پر ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي تي به اثر انداز ٿيندو.

سعودي عرب جي ولي عهد محمد بن سلمان ( ايم بي ايس) جي پاڪستان جي تاريخي دوري تي اچڻ کان اڳ ۾ ملڪ جي اسٽيبشلمينٽ لاءِ نرم گوشو رکندڙ ميان شهباز شريف جي لاهور هاءِ ڪورٽ مان ضمانت تي آزادي ان تاثر کي وڌيڪ هٿي ڏني آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن  ۾ ميان نواز شريف جي به ضمانت ٿي ويندي،  ان بعد هو علاج لاءِ لنڊن هليو ويندو. چيو وڃي ٿو ته ميان نواز شريف جي ضمانت طبي بنيادن تي متوقع آهي، ڇاڪاڻ ته 69 سالن جي ميان نواز شريف کي لڳ ڀڳ چار  پنج بيماريون آهن، ۽ هو سمجهي ٿو ته انهي جو علاج لنڊن ۾ ئي بهتر ٿي سگهي ٿو.

شاھ سلمان P-01جي آمد واقعي ڪنهن اين آر او جو حصو آهي، يا پاڪستان جي  عدالتي ۽ احتساب جي ادارن جي ڪمزوري سبب ميان ڀائرن جي آزادي ممڪن ٿي رهي آهي؟

محمد بن سلمان سعودي تاريخ جو شاھ خرچ ولي عهد آهي، جيڪو گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ آهي، رياض مان قانون جي ڊگري حاصل ڪندڙ هي ولي عهد هن وقت سعودي عرب جو اڻ سڌي ريت بادشاھ بڻيل آهي، سموريون پاليسيون هو ئي جوڙي رهيو آهي، هو هڪ ئي وقت وزيراعظم ۽ وزير دفاع به آهي . هن سعودي عرب جي ڪمزور ٿيندڙ معيشت کي بهتر ڪرڻ لاءِ بدعنواني خلاف مهم به شروع ڪئي ته سعودي عرب ۾ پهريون ڀيرو عورتن کي ڊرائيونگ ڪرڻ جي اجازت ڏني، ۽ سرڪاري نوڪرين ۾ عورتن لاءِ دروازا کولڻ جي شروعات ڪئي آهي. سعودي عرب جي معاشي مستقبل لاءِ هن نه رڳو بحيره احمر لڳ 500 ارب ڊالرن جي لاڳت سان نئون شهر “نيوم  سٽي”جوڙڻ جو اعلان ڪيو آهي، پر هن ڪرپشن جي خلاف مهم جي نالي ۾ انهن شهزادن کان هڪ سئو ارب ڊالر به وصول ڪيا جيڪي ايندڙ وقت ۾ هن لاءِ ڪنهن به پريشاني جو سبب بڻجي پئي سگهيا. 35 سالن جو محمد بن سلمان سعودي عرب جي معيشت جو تيل مٿان انحصار ختم ڪرڻ چاهي ٿو. رڳو 2017 ۾ تيل جي گهٽ ٿيندڙ قيمتن جي ڪري سعودي عرب کي هڪ سو ارب ڊالر جو خسارو هو، ان ڪري محمد بن سلمان سعودي  ويزن 2030 جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ۾ سعودي عرب نه رڳو دنيا جي مختلف ملڪن ۾ سيڙپ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي  پر سعودي عرب اندر نيون معاشي سرگرميون شروع ڪري دنيا ۾ تيل جي گهٽ ٿيندڙ اهميت ۽ قيمتن مٿان انحصار ڪرڻ کان ٻاهر نڪرڻ چاهي ٿو، سعودي عرب ۾ جيڪو نئون شهر تعمير ٿي رهيو آهي، اهو دنيا جي ٻن کنڊن کي پاڻ ۾ ملائيندو، سمنڊ مٿان پُل تعمير ڪري ان کي اردن ۽ ٻين ملڪن سان ڳنڊيو ويندو. هن شهر تي سعودي قانون لاڳو نه ٿيندا، دبئي کان وڌيڪ ايڊوانس هوندو، جيئن دنيا جي سياحن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي سگهجي، سعودي عرب هن وقت مذهبي ٽوئرزم مان تمام گهڻو ڪمائي ٿو، پر هاڻي هو ايندڙ يارنهن سالن اندر نئون شهر تعمير ڪري ان مان وڏي پئماني تي ناڻو ڪمائڻ چاهي ٿو.

گذريل ٽن سالن اندر محمد بن سلمان انتهائي تيزي سان پنهنجي شخصيت کي عالمي سطح تي مڃرائي چڪو آهي، ۽ هن پنهنجي لاءِ اهو تاثر به قائم ڪيو آهي ته هو پنهنجي ابن ڏاڏن جي ڀيٽ ۾ گهٽ قدامت پسند آهي، اهو ئي سبب آهي ته هو هن وقت دنيا جي مختلف ملڪن سان نوان لاڳاپا قائم ڪرڻ واري مشن تي آهي، هو پاڪستان جي دوري کان پوءِ هندستان، ملائيشيا چين ۽ انڊونيشيا به ويندو، انهن ملڪن جي دوري دوران سعودي عرب اربين ڊالرن جا سيڙپ ڪاري جا معاهدا ڪندو.

پاڪستان ۾ محمد بن سلمان جي آمد عمران حڪومت ۾ ساھ وجهي ڇڏيو آهي،  20 ارب ڊالرن جا معاهدا ٿيا آهن، جڏهن ته ولي عهد موجب ايندڙ سالن ۾ انهي رقم ۾ اڃا به اضافو ٿيندو، پاڪستان هن وقت شديد مالي بحران جو شڪار آهي، اهڙين حالتن ۾ سعودي ولي عهد جو دورو بهتري جي علامت طور سامهون آيو آهي، پاڪستان ۾ انهي سيڙپ ڪاري جا اثر ايندڙ ڪجهه سالن ۾ سامهون ايندا ، پر ملڪ جي اندروني صورتحال جيستائين بهتر نٿي ٿئي تيستائين ان جو ثمر عام ماڻهو کي نه ملندو.

هن سڄي منظرنامي ۾ هڪ سوال انتهائي تيزي سان جواب طلب  آهي، هن خطي ۾ چين ۽ آمريڪا جهڙن ٻن اجگر ملڪن جا الڳ الڳ  مفاد آهن. سعودي عرب پاڪستان سميت خطي جي ملڪن مٿان نه رڳو گهڻو اثر رکي ٿو، پر ايران مخالف هئڻ جي ڪري خطي اندر جنگي صورتحال به موجود آهي. افغانستان جو قصو هڪ طرف ڪرڻ لاءِ آمريڪا جون ڪوششون جاري آهن، پاڪستان انهن ڳالھين ۾ اهم ڌر طور موجود آهي، جنهن کي سعودي عرب جي حمايت حاصل آهي، هن خطي مان آمريڪا نڪرڻ چاهي ٿو، ڇاڪاڻ ته لاڳيتي جنگ جي ڪري خود آمريڪا اندر آمريڪي حڪومت کي عوامي حقارت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. جڏهن ته تبديل ٿيندڙ دنيا ۽ نين معاشي پاليسين جون تقاضائون ان ڳالهه جي گهرجائو آهن ته هن خطي ۾ آمريڪا جنگ جي باوجود اهي نتيجا حاصل نه ڪري سگهيو آهي، جيڪي هن حاصل ڪرڻ چاهيا ٿي، ان ڪري سڀ ڪجهه اڻ ٿيڻيون ٿي رهيون آهن، اڄ کان 10 سال اڳ ۾ ڪنهن ٿي سوچيو ته آمريڪن ۽ افغان طالبان آمهون سامهون ويهي جنگ جو حل ڪڍندا، پر اڄ اهو ممڪن ٿي پيو آهي، هن خطي ۾ پاڪستان جي ڪوشش آهي ته طالبان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ عزت ڀريو ٺاھ ڪرائي پنهنجا معاشي مفاد حاصل ڪري ، چيو وڃي ٿو ته اتحادي فنڊ جا 9 ارب ڊالر آمريڪا کي پاڪستان کي ڏيڻا آهن، پاڪستان جي ڪوشش آهي ته جيڪڏهن افغان تصفيئي کانپوءِ اها رقم پاڪستان کي ملي وڃي ته گهڻو فائدو ٿي پوندو،

P-02

هن سڄي منظر نامي ۾ هڪ ڳالهه نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ، اها هي آهي ته سعودي ولي عهد جي پاڪستان آمد کان رڳو ٽي ڏينهن اڳ ۾ هڪ ٻي پويان ٻه وڏا حملا ٿيا آهن، هڪ حملو هندستان جي زيرانتظام ڪشمير جي علائقي پلواما ۾ ٿيو ، جنهن ۾ چاليهه کان وڌيڪ ڀارتي فوجي خودڪش حملي ۾ مارجي ويا، جنهن جو الزام فوري طور تي هندستان پاڪستان مٿان هنيو، جڏهن ته ايران جي بلوچستان  جي سيستان واري علائقي ۾ ايراني فورسز مٿان حملو ٿيو ان ۾ به ٻه ڊزن کان وڌيڪ سپاهي مارجي ويا، ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ لاڳاپا ايترا خراب نه به سهي پر ايترا سٺا به ناهن، پاڪستان جي سعودي عرب سان ويجهڙائي ۽ اسٽريٽيجڪ لاڳاپن جي ڪري ايران پاڪستان کان ناراض رهي ٿو، يمن اندر هلندڙ جنگ ۾ سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ ڄڻ اڻ سڌي ريت جنگ هلندڙ آهي، ساڳي ريت هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مودي جي اچڻ۾ کانپوءِ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيو آهي، شدت پسند مودي جي پاليسين جي ڪري هندستان جي اندر مسلم اقليت لاءِ پريشانيون وڌي ويون آهن. پلواما واري حملي جو الزام جيتوڻيڪ هندستان پاڪستان مٿان هنيو آهي، پر حقيقيتون ان جي ابتڙ آهن، ايراني ۽ ڀارتي فورسز مٿان اهي حملا پاڪستان مخالف قوتن ڪيا آهن، هتي اها ڳالهه به اهم آهي ته سعودي ولي عهد جو دورو هڪ ڏينهن ليٽ ٿيڻ جو سبب به سيڪيورٽي اشوز هئا، ڇاڪاڻ ته اسلام آباد کي اطلاع هئا ته ڪابه گڙ ٻڙ ممڪن آهي، ان ڪري اهو دورو هڪ ڏينهن ليٽ ڪيو ويو.

هن وقت پاڪستان جي ڪوشش آهي ته افغانستان واري معاملي مان نڪرڻ کان پوءِ هو سعودي ولي عهد ذريعي اها ڪوشش ڪندو ته هندستان سان لاڳاپا بهتر ٿي سگهن. اپريل ۾ ٿيندڙ هندستان جي چونڊن جا نتيجا به انتهائي اهميت رکندڙ هوندا، ڇاڪاڻ ته مودي  پاڪستان سان جنگي حالتون پيدا ڪري پنهنجي لاءِ حمايت حاصل ڪرڻ چاهي ٿو.

پاڪستان جا ادارا هن وقت مڪمل طور تي بي اثر ٿي رهيا آهن، پاڪستان پنهنجي ادارن کي صرف ٻن صورتن ۾ پيرن تي بيهاري سگهي ٿو، هڪ نيت ۽ ٻيو سرمايو، نيت درست هجڻ جي باوجود جيڪڏهن سرمايو نه هوندو ته ادارا پيرن تي نه بيهي سگهندا. اهوئي سبب آهي ته پاڪستان هر صورت ۾ چاهي ٿو ته ڪنهن نه طريقي سان ملڪ اندر معاشي سرگرميون وڌن ته جيئن معاشي صورتحال بهتر ٿي سگهي

P-03

هاڻي اچون ٿا ملڪ جي اندروني سياست ڏانهن، هڪ طرف ميان برادران  سان ڊيل جون ڳالھيون گردش ۾ آهن ته ٻئي طرف حڪومت ان جي ترديد ڪندي پنهنجي لاچاري جو به اظهار ڪري رهي آهي، شهباز شريف کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين جي عهدي تان هٽائڻ لاءِ به ڪوششون شروع ٿي ويون آهن. هن وقت حڪومت وٽ 15 ۽ مخالف ڌر وٽ 14 ووٽ آهن، اختر مينگل جو ووٽ شهباز شريف کي هٽائڻ ۽ نه هٽائڻ جو فيصلو ڪري سگهي ٿو، چيو وڃي ٿو ته اختر مينگل في الحال ان پوزيشن ۾ ناهي ته حڪومت خلاف ووٽ ڪري، ان ڪري ان ڳالهه جا امڪان آهن ته جيڪڏهن حڪومت شهباز شريف کي هٽائڻ جو واضح فيصلو ڪيو ته ممڪن آهي ته شهباز شريف پي اي سي جي عهدي تان هٽي وڃي، پر ان کانپوءِ اپوزيشن شديد احتجاج ڪندي، اهو احتجاج حڪومت لاءِ ڪيترو پريشاني جو باعث بڻجي سگهي ٿو ان جو اندازو پيپلزپارٽي جي مستقبل جي  روئي کان پوءِ ئي ٿيندو، هن وقت تائين پيپلزپارٽي شهباز شريف واري معاملي تي اصولي موقف تي قائم آهي، پر پيپلزپارٽي ان ڳالهه  تي ناراض آهي ته هڪ طرف شهباز شريف جي ضمانت ٿيڻ ۽ ٻئي طرف ميان نواز شريف کي طبي بنيادن تي ضمانت واري وارين اطلاعن جي پويان ڊيل ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟  جيڪڏهن هو ڊيل ڪري واقعي هليا ويا ته پيپلزپارٽي اڪيلي ٿي ويندي ۽ ان لاءِ مسئلا وڌي ويندا . پيپلزپارٽي جي ڪجهه اڳواڻن جو خيال آهي ته جيڪڏهن نيب شهباز شريف ۽ ميان نواز شريف واري معاملي تي اعليٰ عدالت جي روبرو مستند قسم جا ثبوت پيش نه ڪري سگهيو آهي ته پوءِ نيب جيڪو ڪجهه هيستائين ڪيو آهي اهو انتقامي ڪارروائي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو، ان ڪري جيڪو ڪجهه آصف زرداري سان ٿي رهيو آهي اهو به انتقامي ڪارروائي آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو