Home / ويندي ويندي / سليڪٽيڊ احتساب!
above article banner

سليڪٽيڊ احتساب!

ويندي ويندي

 P-01

ائين به ٿيندو آ. تمام معتبر اکر پنهنجي غلط استعمال سبب عزت وڃائي ويهندا آهن. جنرل ايوب خان ترقي ! ترقي ! جو ايترو هوڪو هلايو جو جيستائين سندس اقتدار رهيو تيستائين ترقي جو ورد ماڻهن جي نڙي ۾ مڇي جي ڪنڊي جيان چُڀندو هو. ڀٽي صاحب مساوات ۽ سوشلزم جي اکر تان ارواح کڻايو. جنرل ضيا نظامِ مصطفي سان ساڳي ڪار ڪئي. جنرل مشرف در جي چانئٺ تائين انصاف جي رسائي تان دل کڻائي. تيئن عمران خان جي سرڪار انصاف ۽ احتساب جي نالي مان دل کٽي ڪئي. کيس بلاول اسيمبلي جي پهرين اجلاس ۾ سيليڪٽيڊ وزير اعظم ڪوٺي مبارڪباد ڏني جيڪا هن ڊيسڪ وڄائي وصول ڪئي. اسان اُن ۾ واڌارو ڪندي سندس احتساب کي سيليڪٽيڊ احتساب سڏيون ٿا.

ائين ناهي ته هن ملڪ ۾ سياستدان ڪي شريف آهن. اهي هن ملڪ جي سماجي ارتقا ۽ اوسر جو عڪس آهن. کير کپائيندڙ، رڪشا هلائيندڙ يا بجلي ٺاهيندڙ مستري جيترا ايماندار آهن اوترا ئي ايماندار سياستدان آهن. ملڪ جي سماجي تاڃي پيٽي جي آوي جو آوو ئي بگڙيل آهي. ان ۾ ڪو فرشتو ملڻ معجزو ئي هوندو.

آغا سراج دراني به اهڙو ئي سياستدان آهي جهڙا مرتضي جتوئي يا غوث بخش مهر سياستدان آهن. پر هڪڙو فرق ته جيڪو سدورو سياستدان آ تنهن کي ڪو سيڪ نه ٿو اچي.

ائين به ٿيندو آ ته صحيح ڳالهه ڪري نتيجا غلط وٺبا آهن. مثال طور جنرل ايوب جڏهن سياستدانن جي پاڻ ۾ ڄُنڊا پٽ سبب سياسي عدم استحڪام پيدا ٿيڻ جي ڳالهه ڪئي هئي ته اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي درست هئي پر اُن  مان کيس آمريت مڙهڻ جو نتيجو وٺڻو هيو. 1990 ع ۾ صدر غلام اسحاق خان بينظير حڪومت ٽوڙڻ ڀيري ڪا به گرامر جي غلطي نه ڪئي هئي. پر بينظير جو ڏوه اهو نه هيو جيڪو بيان ٿي رهيو هيو جو سندس جاءِ تي جنهن  نواز شريف کي آندو ويو تنهن کي هو هاڻ ڪرپٽ ڪوٺين پيا.

سنڌ ۾ سياسي انجنيئرنگ هلي پئي. توڙي جو في الحال پ پ جو متبادل موجود ڪونهي. پر ڪوشش جاري آهي. ملڪ جي ڌڻين جي من ۾ الائي ڇاهي. پ پ جو متبادل بهرحال حليم عادل ۽ ارباب غلام رحيم ناهن. ان ڪري بجاءِ احتسابي سياست جي کليل سياست ٿئي ته ملڪ کي خراب سياستدانن جو متبادل اشراف سياستدان ملي سگهن ٿا، وڌيڪ مالڪن جي مرضي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو