Home / سياسي افيئر / سنڌ جون سياسي پارٽيون ۽ ڀوتار ڪلچر!
above article banner

سنڌ جون سياسي پارٽيون ۽ ڀوتار ڪلچر!

عزيز ڪينجهرائي


Aziz Kenjhrai

سياسي پارٽي جو قائم ٿيڻ ڪو گهڻو پراڻو ڪونهي سرمائيدارڻي سماج جي اوسر فرد واحد جي جاگيرداراڻين مفاد کي ڊاهي ان جي جڳهه تي جمهوريت يعني سرمائيدار طبقي جي گڏيل مفاد لاءِ جيڪا گڏيل سگهه قائم ڪئي ويئي اُن جو نالو هو سياسي پارٽي دنيا ۾ پهرين سياسي پارٽي ”وهگ“ نالي سان 1680ع ۾ برطانيه ۾ قائم ڪئي ويئي. جنهن ۾ کُٽل جاگيردار کان اڀرندڙ سرمائيدار ڏانهن سماجي سگهه تبديل ٿيڻ جو سٽاءُ ۽ وهنوار هو. جاگيرداري سماج جي بالادستي هزارين سال مسلط رهي اُن جي جڳهه والارڻ لاءِ سرمائيدار ڪيترين ئي تجربن مان گُذري طبقاتي مفادن جي سگهه ۾ هم آهنگي  لاءِ سياسي پارٽي قائم ڪئي. پوءِ جي سائنسي  ۽ هنري ترقي سرمائيداراڻي پارٽي جو تاڃي پيٽو تبديل ڪري نئين قسم جون عوامي ۽ انقلابي پارٽيون سماج کي ڏنيون اهڙي پهرين پارٽي رشين سوشل ڊيموڪريٽڪ ليبر پارٽي جي نالي سان روس ۾ قائم ڪئي ويئي. پوءِ چيني ڪميونسٽ پارٽي ويٽنامي ورڪرس پارٽي، آفريڪن نيشنل ڪانگريس، جن عوامي انقلاب برپا ڪري سرمايدارانه کيکڙو پارٽين کي ڪٻاڙ خاني جي حوالي ڪري ڇڏيو. نوآبادياتي قوتن، سرمايدارن، نسل پرست ٽولن اهڙين پارٽين تي پهرين ٻاهران پوءِ اندران حملو شروع ڪيو. جنهن لاءِ هنن ٻهروپي نظريا گهڙيا، بوليوا ۾ چي گويرا جي مهم جوئي کي عظيم انقلابي جدوجهد سڏي گمراهي ڦهلائي، نڪسلائٽ تحريڪ ڪلڪتي واري ڪميونسٽ پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جهڙا ڍونگ رچايا ويا.

سنڌ جنهن هزارين سالن جي نوآبادياتي پنجوڙ ۽ داخلي فرقي پرستي جي عذاب ۾ لوڙيو هو، اُها انهن دوکيبازين کان تمام گهڻو متاثر ٿي وطن دوست انقلابي سياسي تنظيمن ۽ ڏاهن اڳواڻن سان گڏ ٻه نمبر تنظيمون ۽ ٽي نمبري ٺڙڪو دانشورن جي هِتي قطار لڳي ويئي. انهن کي پوچي ڏيئي وڏا وڏا لقب ڏنا ويا. ان ڪري حقيقي قومي پارٽي ۽ اعتماد جوڳو قومي اڳواڻ وارو خواب ”ٿر ٻاٻهيو“ ٿي ويو پر “جيسين رتوراس ٿئي تيسين ڀڳي سان ڀير” واري سچائي قومي پارٽي لاءِ گهربل مواد، آرگنائيزر، دانشور، مالي مددگار، ايجيٽيٽر ۽ عالمي لاڳاپن رکندڙ ساڃاهه وندن جي اٽالن کي ڪنهن ته ڪنهن طرح ميڙي مُٺ ڪرڻ وارو عمل جاري رکيو. هڪ پاسي هاڪاري قوتن جو ڏڍ رهيو ته ٻئي پاسي پٺتي لوڻو ٿا هڻون ته ڪيڏي نه ڏک جهڙي ڳالهه آهي جو ”قومي عوامي جمهوريت“ جي پروگرام جي دعويدار هڪ پارٽي 1967ع ۾ پنهنجي قيام کان وٺي 1979ع جي آخر تائين نه ته پارٽي کي ڪو آئين ۽ منشور ڏيئي سگهي نه ئي پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي کي جمهوري مرڪزيت جي اُصول هيٺ چونڊڻ جي سياسي اخلاقيات جي ذميواري ادا ڪري سگهي. رڳو فرد واحد جي نظريه ضرورت هيٺ مرڪزي ڪميٽي ۽ ٻيا ادارا ٿاڦيل ماڻهن تي ٻڌل جوڙيندي رهي. جنهن ڪري سڄي پارٽي غير جمهوري ڪلچر جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي ٽولي بازي ۽ ڀڃ ڊاهه جو شڪار بنجي ويئي.

P-01

جيئي سنڌ محاذ جيڪو قومي مدبر سائين جي ايم سيد جي رهنمائي ۾ قائم ٿيو ڪجهه وقت لاءِ  قومپرست سياست کي سماج ۾ اُڀار ڏيڻ ۾ ڪي ساراهڻ جهڙيون سرگرميون به ڪيون پر پارٽيءَ جي غير معياري تنظيمي ڪلچر هئڻ ۽ حقيقت سان نه ٺهڪندڙ حڪمت عملي سبب جذباتي وهڪرن جي ور چڙهي اندروني ڇڪتاڻ سبب ڌڙابندي جو شڪار ٿي ويو. سنڌ ترقي پسنڌ پارٽيءَ جيئي سنڌ قومي محاذ جا، ٻئي گروپ جسمم، جسقپ، جيئي سنڌ لبرل فرنٽ کان وٺي جيئي سنڌ محاذ جا ٽيئي گروپ ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جا ٻئي گروپ جيئي سنڌ محاذ جا حصا يا تسلسل آهن. ان سڄي عمل جي علمي ۽ سائنسي طرح ڇنڊڇاڻ ٿي ڪجي ته پراڻن سماجن ۽ طبقاتي مفادن جي هاڃيڪار اثرن سبب ڪيترائي ڏسڻا وائسڻا ماڻهو ڪمزورين جو شڪار ٿيا پر اصل ڪارڻ اسان جي سماجي پسماندگي، علمي ۽ سائنسي ڄاڻ جي گهٽتائي ۽ ناتجربيڪاري رهيا آهن. اسان ٿورو ڪجهه مطالعي رستي گهڻو ڪجهه پنهنجي ناڪامين ۽ ڪجهه نه ڪجهه پناهگير دانشورن جي نظرياتي دغابازي مان سکيا آهيون. اسان جيڪو ڪجهه سکيا آهيون ان کي قومي بقا، وطن جي سلامتي ۽ عوامي ڀلائي لاءِ سچائي سان عمل ڪندي هڪ اهڙي سگهاري سچ تائين پهتا آهيون جيڪو اسان جي اجتماعي شعور سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ميدانِ ڪارزار تي برسرِ پيڪار آهي.

سماجي اوسر جي سوين سالن جي سفر ۾ سماجي تبديلي جي اصل سگهه عوام ئي رهيو آهي. هاڻوڪي دور ۾ سگهاري قومي پارٽيءَ جي اهميت ان ڪري وڌي ويئي آهي جو اُها عوام جو اڳواڻ دستو هوندي آهي. لکين عوام جي انبوهن کي منظم ڪري انهن جي رهنمائي ۽ اڳواڻي ڪري ٿي. ان ڪري قومي پارٽي آزادي ۽ انقلاب جو وسيلو هوندي آهي. قومي پارٽي لاءِ بنيادي شرط آهن ته ڪنهن سائنسي نظريه جي بنياد تي قائم ڪيل هجي، هن جو تنظيمي  جوڙجڪ ”جمهوري مرڪزيت“ جي اُصول تي اڏيل هجي ۽ پارٽي جي حڪمت عملي ڪارگر هجي جيئن مقصد حاصل ڪرڻ ۾ سوڀاري ٿي سگهي. انهن مان ڪنهن به نقطي جي کوٽ هوندي ته پارٽي نمائشي سرگرميءَ جو شڪار ٿي ”ڪونجيءَ جي رڻ ۾ گُم ٿي ويندي“. سنڌ ۾ سياست ڪندڙ وڏن نالن وارين مارڪسي پارٽين ۽ قومپرست پارٽين جو ميلي جي موٽ جهڙو حشر اسان جي سامهون آهي.

”مومن ساڳي ٻِر مان ٻه دفعا ڏنگجي نٿو سگهي“

گذريل وقت ۾ ڇا ٿيو اها صورتحال ڇو ٿي ان جي ڇنڊڇاڻ ضروري آهي جيئن اڳتي نقصان کان بچي سگهجي، مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ سگهاري قومي جدوجهد اُهائي پارٽي ڪري سگهندي جنهن جو تنظيمي ڪلچر واقع سائنسي پارٽي وارو هجي. پارٽي اندر سڀ کان وڌيڪ نقصانڪار وهنوار هوندو آهي، آپيشاهي، گهٽ ٻوسٽ اندروني دٻاءُ، بداعتماد، فضول سرگرمي، نمائشي ڪلچر ۽ گروهه بندي، اسان پارٽي اندر اصولي جمهوريت، اهليت جو قدر، رٿابندي، سرگرمي ۽ مڃيل ضابطه هيٺ ڪم ڪري اهو ڪجهه ڪري سگهنداسون جيڪو هيستائين ڪري نه سگهيا آهيون. اڄ اسان سڀني قومي انقلابي پارٽين انهن جي اڳواڻن ۽ ميمبرن جي اڳيان سوال آهي ڇا اسان پنهنجي ڄاڻ ۽ ضمير موجب پارٽي جو منشور سماجي حقيقتن ۽ ضرورتن سان ٺهڪندڙ ڏيئي سگهيا آهيون يا نه؟ پارٽي جو آئين پارٽيءَ جي جمهوري مرڪزيت جي اصول هيٺ تنظيم هلائڻ لاءِ موزون آهي يا فرد واحد جي پبلسٽي پروجيڪٽ جو آکاڙو آهي. پارٽي جا ادارا ۽ اجلاس وسيع تر قومي مفاد واري ضرورت هيٺ ڪنهن حاصلات لاءِ آهن يا ”اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ لاءِ“ سانگ رچايو ويو آهي. پارٽي اندر ليڊرن ۽ ميمبرن وارا لاڳاپا ڀائيپي ۽ ساٿين وارا آهن يا ڀوتار ۽ سياسي هاري وارا آهن. هيستائين پارٽيون ڪو وڏو مقصد حاصل ڪري نه سگهيون آهن. ان جو هڪڙو سبب هي به آهي ته پارٽي فرد واحد يا ٿورڙن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن جي اٽڪل بازي ۾ ڦاٿل رهي. هاڻ پارٽي سڀني ميمبرن جي چوڪسي اخلاقي جرئت وسيلي سڀني يا گهٽ ۾ گهٽ اڪثريت ميمبرن جي سنڀال ۽ مالڪي هيٺ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ پارٽي کي صحي واٽ تي هلائڻ سڀني کي پنهنجي ذميواري ادا ڪرڻ گهرجي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو