Home / سنڌ افيئر / سنڌ: نئون سال، نئون سج!
above article banner

سنڌ: نئون سال، نئون سج!

شوڪت لوهار

Shoukat Lohar

 اِها وقت جي ستم ظريفي چئجي يا وقت جي وات ۾ چٻاڙجندڙ اسان جي بيوسي جو اسين هميشه وقت جي واڳونءَ وات ۾ ڪنهن بيوس ۽ لاچار جيت جيان پيا چٻاڙجندا ۽ ڳهجندا رهيا آهيون.

هِن وقت نئين سال جو سج اڀري چڪو آهي ۽ لهي ويل سج پراڻي سال جي آخري نشاني ڇڏي ويو آهي. نئين سال جي آمد ۾ هِن دفعي آخري منٽ سٺ بجاءِ ايڪهٽ سيڪنڊ جو هو. ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ اخبارن ۾ ان بابت اِهو پئي پڙهيوسين ته دنيا حيران ۽ پريشان آهي ته انهي واڌو هڪ سيڪنڊ ۾ اهڙو ڪهڙو شاندار ڪارنامو انجام ڏجي، جيئن اِهو آخري سيڪنڊ يادگار رهي؟ اِهو سڀ سوچي ڏندين آڱريون اچي وڃن ٿيون ته واقعي دنيا ائين سوچي ٿي ۽ هِڪ اسين آهيون سڄو ڏينهن، سڄي رات، سڄو مهينو، سڄو سال بلڪه سڄي حياتي صِرف انهي هڻ هڻان ۾ گذاري ڇڏيون ٿا ته زندگي ڪيئن گذارجي؟ زندگي گذارڻ جو اصلي رنگ روپ ڪهڙو هجڻ گهرجي يا ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ ويندڙ سال جتي اسان کان گهڻو ڪجهه ڦري ۽ اکين ۾ اڻ ميو سانوڻ ڏئي ويو آهي، اُتي ايندڙ سال نين امنگن ۽ اميدن جو گلدستو کڻي اسان جي دِل جي چانئٺ تي دستڪ ڏئي رهيو آهي. زندگي مسلسل جدوجهد جو نالو آهي، ٿَڪجي ساڻو ٿي ويهي رهڻ، سمجهوتا ڪرڻ، گيسيون ڪرڻ، زندگي ڪونه آهي. وڙهه وڙهان ۽ هڻ هڻان ئي اصل ۾ زندگي آهي. اِها ٻي ڳالهه آهي ته اِها هڻ وٺ ڪهڙي شعبي ۽ ڪهڙي پاسي ٿئي ٿي، اِهو هِڪ سوال آهي. جهاز حادثي کانپوءِ هِڪ دوست ٻڌايو ته هاڻ هُو جهاز ۾ ڪونه چڙهندو، مون کلي چيو ته هي زمين نالي جهاز جنهن تي اسين سڀ چڙهيا ويٺا آهيون ۽ جيڪو هِڪ هزار ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان سج ديوتا جي چوڌاري هلي رهيو آهي جي ان جي انجڻ خراب ٿي وڃي ته پوءِ ڇا ڪبو؟ يا ڌرتي سان وري ڪو ڪَک پن اچي ٽڪرائي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟

P-01

هِي سڄو هڪ عجيب مَنڊ آهي، جنهن کي سمجهڻ ۽ ان کان ڀڄڻ ناممڪن آهي. ها البته ملڪي نظام ۽ حڪمرانن جي ڪيل مهربانين کي اسين تقدير جي مالها پارائي ڇڏيندا آهيون. هوائي زميني ريلوائي هر طرح جا حادثا دنيا ۾ پڻ برپا ٿيندا رهن ٿا، پر هتي قِصو ٻيو آهي ۽ سالن تائين تحقيق ڪري انهن حادثن جو ڪارڻ معلوم ڪري وري ڪنهن اهڙي مصيبتن کان بچي وڃبو آهي، جڏهن ته اسان وٽ قِصو ٻيو آهي، اسان وٽ اِها خبر آهي ته هڪڙي شيءِ هلڻ کان لاچار آهي پر انهيءَ کان ئي اڏام جو ڪم ورتو ويندو آهي. دنيا ۾ ٻه سؤ کان مٿي ملڪ آهن، ڪو هڪڙو مثال ٻڌايو جتي جهاز اڏام ڀرڻ کان پهرين ڪنهن ٻڪر جي قرباني به رن وي تي ڪئي وئي هجي؟ قطعي نه هي عظيم ماڻهن جو خطو آهي، جتي ڪوڙ کي به مذهبي مرهم هڻي ٻڌايو ويندو آهي.

اڳ ۾ صِرف اِها دانهن هئي ته هوٽلن ۽ کاڌي وارين جاين تي حرام گوشت کارايو پيو وڃي ۽ ڏينهون ڏينهن ميونسپالٽي جي ڪارڪردگي جي باوجود ڳوٺن ۽ شهرن مان ڪتا ۽ گڏهه وڃن ٿا گهٽجندا، انهي تي ماڻهن هِڪ وقت لاءِ توبهه زاري ڪئي، وري ٻڌايو ويو ته کليل کير نه واپرايو، ان ۾ ملاوٽ آهي، هاڻ اِهي خبرون پيون هلن ته دٻي وارو کير به ڪيميڪل ملائي وڪرو ڪيو وڃي ٿو. ماڻهو وائٽنر وارو زهر وٺي پنهنجن ٻارن کي کارائين ٿا. روزانو اِهي خبرون آهن ته فلاڻي ميڊيڪل اسٽور تي نقلي دوائن جا وڏا وڏا ڊپو پڪڙيا ويا، دوائون نقلي، رت ۾ رنگ وارو شربت مليل، بڪين جي رت صاف ڪرڻ وارين مشينن ۾ ايڊز جي بيمارين جي مريضن جي رت جي چڪاس ٿيڻ، ڳوٺن ۾ رياست جي قانون کان سواءِ ڀوتارن ۽ خانن جو سِڪو ۽ رٿ هلڻ. اِهي ڪي ٿورڙا مثال آهن، جن جي سائي هيٺ اسين نئين سال جي آجيان ڪري رهيا آهيون. انهيءَ سان ڪهڙا سائنسدان ۽ معاشي ماهر تيار ڪنداسين؟

نئون سال جي اچي چڪو آهي ۽ سنڌ وري به سک نه سنڀري آهي. سنڌ جو آئيندو هينئر روڊن جي پاسي تي ٺهيل اجهن ۾ مکين ۽ منگهڻن جي جهڻ جهڻ ۾ ٿو پلجي.

سنڌ جون نياڻيون سڱ چٽي ۾ ڏنيون پيون وڃن. سنڌ جون زمينون پاڻيءَ جي هٿرادو کوٽ سبب ڀوتار ڀڳڙن مُٺ پيا وٺن، سنڌ جو ڪمند آبادگارن جي پٺن تي ٿو وسي. ڳوٺن ۾ پرچي مافيا، لڪي ڊرا، آڪڙا پرچي ۽ ٻيون طرحين طرحين جوا جون ڦريندڙ آفتون اچي لٿيون آهن ۽ سنڌ جو سڄو وايومنڊل ئي تبديل ٿي چڪو آهي. سنڌ ۾ ڪنهن دؤر ۾ يڪي ساوا چهچ وڻ هوندا هئا ۽ انهن وڻن جي ڇانوَ ۾ ڪئين جوانيون جهومنديون هيون، چانورن جي کيت جي خوشبوءِ ۽ سرنهن ڦلار جي سونهن دِل ۾ هِڪ عجيب حسناڪي پيدا ڪندي هئي، پر ڪيڏانهن ويا اهي سڀ منظر، هاڻ سنڌ ۾ چوڌاري وڻن جي واڍي آهي، ٿر مان لاڪ جي انمول سوغات ارپيندڙ ڪونڀٽ، ڪرڙ ۽ ڪنڊا سڀ وڪامي ويا آهن. سنڌ جي ننڍڙي ڳوٺ کان وٺي وڏي شهر تائين ڪچي شراب جون بٺيون ائين تيار ٿي ويون آهن، جيئن چين ۾ وک وک تي ڪارخانا آهن. هتي موت سستو آهي ۽ زندگيءَ جو هِڪ پل ڪروڙن جو، اهي گهُٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ آڪسفورڊ ۽ ڪيمبرج پڙهيل وڏيرا به اِهو ئي ڪجهه ڪن ٿا، جيڪو انهن کي ڪرڻ جي ترغيب ڏني وڃي ٿي. يعني ماڻهن کي پنهنجي پيرن ۾ ويهاري جرمني ۽ فرانس مان آيل نين بل ڊاگ ڪتن کي پنهنجي جهول ۾ سينگاريو وڃي ٿو. هيٺان گٽر ڀڳا پيا آهن، مٿان سائين جن جي تصوير آهي ۽ ته فلاڻي خان نواب جي خدمت جا هيترا سال. جيڪڏهن اِها خدمت اڃا ڪجهه وقت جاري رهي ته سنڌ ۾ ماڻهو ڪونه بچندا، باقي صِرف اهي مرون ئي وڃي بچندا؟

P-02

عوام حاڪمن جي اوليت آهي ئي ڪونه، سنڌ ۾ ئي فيصد پيڙهندڙ ۽ ستانوي سيڪڙو پيڙهجندڙ ۽ هن سنڌ جو منظر هِڪ شگر مِل جو مثال آهي.

سنڌ جو ڪو هِڪ اهڙو ضلعو هجي، جنهن کي رول ماڊل طور پيش ڪري سگهجي، ها ڪري سگهجي ٿو ته ڪهڙو ضلعو سَڀ کان وڌيڪ ڀيانڪ ۽ بدصورت حڪمراني جي تصوير طور. پوليس، تعلقي ضلعي عملدار ڀوتار جي ڳٺ جوڙ سان سِنڌ جي عوام کي اهڙو ته سوگهو ڪيو آهي ته هُو في الحال ڇڙهيون هڻڻ جي لائق به نه رهيا آهن.

جيتوڻيڪ هِن ويندڙ سال ۾ دنيا ۾ جنگ جا طبل وڄي ويا آهن. شام، ترڪي، روس، افغانستان، عراق، اسرائيل، فلسطين هِڪ نئين جنگ ۾ ڪاهي پيا آهن يا آندا ويا آهن. دنيا سڄي هِڪ انارڪي طرف وڌي رهي آهي. آمريڪا بهادر ۾ ڊونالڊ ٽرمپ جو صدر ٿيڻ ڀارت ۾ مودي جي مودي حڪومت، سعودي ۽ ايران ڇڪتاڻ، يمن ۾ سعودي عرب طرفان ڪيل تباهه ڪاريون اِهي سڀ ٽئين جنگ جا وڏا اشارا آهن. هٿيار وڪرو ڪرڻ جي ڊوڙ آمريڪا ۽ پوري يونين جي ملڪن کي انڌو ڪري وڌو آهي ته هنن کانسواءِ دنيا ۾ ٻيا به ملڪ آهن، ٻين ملڪن ۾ به انسان رهن ٿا. هِن خطي ۾ چين اسان کي سي پيڪ جو لالي پاپ ڏئي چپ ڪرائي باقي پوري دنيا کي هُو مينو فيڪچرنگ فيڪٽري ڏسڻ چاهي ٿو. پراڪسي وار دنيا مان امن جي پکي کي ڪڏوهوڪو گولي هڻي ڇڏي آهي. هاڻي بوڪو حرام ۽ ابوبڪر البغدادي جي هلي ٿي. اسد هٿ وٺي پنهنجي ملڪ کي موئن جو دڙو بڻائي ڇڏيو آهي. پيوٽن يوڪرين کانپوءِ شام ۾ پنهنجي ڪيميائي هٿيارن جا تجربا ملڪ جي صدر جي اجازت سان ڪري رهيو آهي. شام جا حلب، مڪلي ۽ موئن جو دڙو بڻجي ويا آهن. ايلان ڪردي ۽ امران مگدوش جي معصوم تصويرن به دنيا جي ضميرن کي ڪجهه ڪونه ڪيو آهي.

دنيا ۾ پاناما گيٽ ڪيترن ملڪن جي هلندڙ حڪومتن جي تڏا ويڙهه ڪري ڇڏي آهي. البته اسان وٽ جيئن ته چونڊون وڏي سيڙپ کانپوءِ کٽيون آهن ۽ اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جيڪا گذريل ڪئين حڪمرانن جي اعليٰ حڪمتي نسخن کي واپرائي واپرائي هينئر دنيا جو قبرستان بڻجي وئي آهي. سنڌ جي نوجوانن کي نئون جهان تلاش ڪرڻو پوندو، انڪار جي عادت وجهڻي پوندي، ٻين جو انتظار ترڪ ڪري پاڻ ئي هيرو ٿيڻو پوندو، پنهنجي ڳوٺن، واهڻ وستين، اسڪولن، اسپتالن، وڻن، ٽڻن جي خود مالڪي ڪرڻي پوندي.

هر شيءِ تي ڪرڙي اک رکڻي پوندي، سوال اٿارڻا پوندا. تنقيدي شعور پيدا ڪرڻو پوندو. ٻولي ۽ ثقافت صرف ٽوپي ۽ اجرڪ اوڍڻ سان تحفظ ڪونه ماڻيندي، پر ان جي حقيقي تشخص ۽ شناس لاءِ جنگ جوٽي وسيلا پيدا ڪرڻا پوندا. علم جي عَلم کي بلند ڪرڻو پوندو. ڳيجهو ۽ پڇ لٽڪائو ٿيڻ کان بهتر آهي ته هو اڪيلي سِر ويهي سنڌ لاءِ سوچي. جديد ٽيڪنالاجي سوشل ميڊيا ۽ بين الاقوامي مهم سان همڪنار ٿيڻو پوندو.

shoukatali.lohar@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو