Home / سنڌ افيئر / سنڌ ۾ سرڪاري سرپرستيءَ ۾ ٿيندڙ صوفي ميلا ۽ حقيقي تصوف!
above article banner

سنڌ ۾ سرڪاري سرپرستيءَ ۾ ٿيندڙ صوفي ميلا ۽ حقيقي تصوف!

آزاد قاضي

Azad Qazi

  اڄڪلهه ڪيترن ئي ٻين هل هنگامن سان گڏ تصوف جو به چرچو آهي، اڳ ته اهو آواز ڇٺي ڇماهي (ٻارهين مهيني) ۽ اُڙيو ٿُڙيو ٻڌبو هو پر هاڻي جڏهن کان دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ (حقيقي طرح نه) بنياد پرستيءَ خلاف سرڪاري سطح تي آواز (ڳالهين جي حد تائين) اٿڻ لڳو آهي، تڏهن کان مختلف ڌريون سرڪاري ڪارندن وٽ تصوف جي نالي ۾ پاڻ وڻائڻ ۽ مستقبل ٺاهڻ واري ڪم ۾ رڌل آهن. حد ته اها آهي جو اڪثر پروگرام سرڪار جي سرپرستيءَ هيٺ ٿي رهيا آهن ۽ اهي منعقد ڪرائڻ ۾ وقت جا اسسٽنٽ ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس پي سطح جا آفيسر سرگرم نظر اچن ٿا. ايئن پيو لڳي ڄڻ فيلڊ مارشل ايوب خان جو دور اچي ويو هجي، جڏهن ايوب خان جي شان ۾ ضلعي عملدار، وڏيرن کان ميڙاڪا ڪرائي سندس شان ۾ قصيدا پڙهندا هئا. هاڻ کڻي قصيدن جو طريقئه ڪار تبديل ڪيو ويو آهي پر اصل مقصد ته ساڳيو آهي ته عوام کي مصروف رکجي جيئن سندن پنهنجي بنيادي حقن ۽ ضرورتن لاءِ سجاڳ ٿي جدوجهد ڪرڻ طرف لاڙو نه ٿي پوي. تصوف جي نالي ۾ هلايل اها لهر ته هاڻ درگاهن کان نڪري فائيو اسٽار هوٽلن تائين پهتي آهي.

P-01

اسان سنڌ جي جنهن اعليٰ ادراڪ واري تصوف تي فخر ڪندا آهيون اها ڳالهه ئي ٻي هئي، جنهن جو بنياد گرهوڙي صاحب جي لفظن ۾ ان ڳالهه تي هيو ته:

متان کائين کچڻي، حاڪماڻي هنڌا

رڌي هوندائون رت ۾ ماري مسڪينا.

جڏهن حاڪمن جي دستر خوان کي پٺي ڏبي ته ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ان جا اثر ته پوندا، جي ٻيو ڪجهه نه به ٿئي تڏهن به سرڪاري آشيرواد گهٽبي ۽ سڌي اڻسڌي طرح ٿيندڙ سهڪار جهڪو ٿيندو، اهڙي طرح سلامي نه ڪرڻ وارن کي ڀت سان لڳايو ويندو. اهڙي ئي صورتحال جي مدِنظر شاهه لطيف کي چوڻو پيو هو:

صوفي لاڪوفي، ڪو نه ڀائين ڪير،

مَنجهان ئي مَنجهه وڙهي، پَڌرِ نه آهي پير،

جَنين ساڻس وير، ٿئي تنين جو واهرو.

منجهان ئي منجهه وڙهي، پنهنجو پاڻ کي بهتر ڪري، پنهنجو عمل ۽ ڪردار اعليٰ رکي، پنهنجو اعليٰ مرتبو، حيثيت ۽ فرض منصبي سڃاڻي، اهو ئي صوفيءَ جو مَنُ مارڻ ۽ خواهشن کي ختم ڪرڻ وارو سبق آهي، اندر جون سڌون ۽ خواهشون جيڪي انسان کي خود غرضي، لالچ ۽ مفاد پرستيءَ واري اوڙاهه ۾اُڇلڻ جو سبب ٿين ٿيون،صوفيءَ جو سبق ان کان پري رهڻ جي تلقين ڪري ٿو.

صوفي چائين سڌ ڪرين، صوفن ايءُ نه صلاح،

ڪاتي رک ڪُلاهه، وجُهه اڇلي آگ ۾. (شاهه)

ماڻهوءَ جو مَنُ جيڪو اندر وارين خواهشن ۽ لالچي تصورن، معتبرائپ، وڏ ماڻهپو ۽ نام نهاد ڏاهپ وارو پٽڪو ٻڌڻ لاءِ اڪسائي ٿو. هن جي اثر ۾ اچڻ بجاءِ ان کي صوفيءَ جي صلاح موجب اڇلي آگ ۾ وجهڻو آهي. اهڙي ئي خيال ۾ ڀٽائي فرمايو هو:

اندر تون اجار، پنا پڙهندين ڪيترا

سائين جي ايم سيد بزم صوفياءِ سنڌ وارن خطبن ۾ تصوف کي جديد دور جي تقاضائن موجب بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ڪيڏي نه شاندار ڳالهه ڪئي هئي ته: “انسان ۾ ڪي حيواني خواهشون فطري طور موجود آهن، جن مان حصولِ مال ۽ اقتدار جي خواهش مکيه آهي، جنهن جو بنياد نفس “اماره” (خوديءَ) تي بيٺل هو ۽ انهيءَ حالت ۾ ماڻهوءَ کي سواءِ شخصي نفعي جي مجموعي نفعي ۽ نقصان جي تميز ڪا نه ٿي رهي. پوءِ جڏهن ماڻهوءَ ۾ آهستي آهستي ٿي تجربي بعد، اُن مجموعي نفعي ۽ نقصان جي تميز پيدا ٿئي ٿي ته هن جو نفس ترقي ڪري “لوامه” جي درجي تي پهچي ٿو… اصل تصوف جو چوڻ آهي ته “ ماڻهوءَ ۾ حيواني (شيطاني) ۽ انساني (ملڪوتي) لاڙا ساڳئي وقت ڪم ڪندا رهن ٿا. هنن حيواني لاڙن کي نفس امارو سڏيو آهي جو ماڻهو کي خودي ۽ خود مطلبيءَ ڏي نيئي مجموعي مفاد جي خلاف هلڻ لاءِ ترغيب ڏئي ٿو ۽ هنن انساني لاڙن کي نفس مطمئنه سڏيو آهي جو ماڻهوءَ کي مجموعي مفاد لاءِ ايثار ۽ قربانيءَ ڪرڻ لاءِ تيار ڪري ٿو.” اڄوڪي دور ۾ تصوف جي اظهار جو جيڪو طريقئه ڪار نظر اچي پيو تنهن ۾ وڏي اڪثريت نفس اماره (خودي/خود مطلبي) جو شڪار آهي. صرف زبان درازي ۽ قلمي قوت سان تقرير توڙي تحرير رستي پنهنجو پاڻ کي صدقي جي اصطلاح نفس “مطمئنه” جو پرچارڪ ظاهر ڪندي نظر اچي ٿو، اهڙن لاءِ ئي ڀٽائيءَ فرمايو هو:

P-02

ڪوڙو تون ڪفر سين، ڪافر م ڪوٺاءِ

رڳو جڻيو، ڪٺمال يا گيڙو ڪفني پائڻ يا مي رقصم چوڻ سان، مقصد حاصل ٿيڻو ناهي. مقصد صرف تڏهن حاصل ٿيندو جڏهن وجود جو ورق خود غرضي ۽ خود مطلبي کان خالي، صاف سٿرو هوندو تڏهن ته ڀٽ ڌڻي فرمايو:

صوفيءَ صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو،

تهان پوءِ ٿيو، جيئري پسڻ پرينءَ جو.

غور ڪري ڏسبو ته سنڌ جي تصوف جو رنگ ۽ ڍنگ ئي نرالو نظر ايندو. جنهن ۾ حب الوطني، عوام دوستي، سيڪيولر روايتون، حاڪماڻين حرڪتن کان بيزاري ۽ نِرا واريون صفتون نمايان نظر اچن ٿيون. اهڙن عوام سان همدردي ڪرڻ ۽ سجاڳي ۽ بيداريءَ وارا سبق ڏيندو رهڻ جهڙن عملن ڪري سندن لاءِ حڪمرانن کان پاسيرو رهڻ لازمي ٿي پئي ويو. انڪري ئي انهن پنهنجا تڪيا، ڀٽن جهنگن ۽ پهاڙن ۾ وڃي ٺاهيا ته جيئن اُهي معاشري جي اصلاح، سجاڳي ۽ ساڃاهه وارو پيغام سرڪاري ڪارندن ۽ خوشامدڙين درٻاري ماڻهن بدران عام ماڻهن تائين پهچائين ۽ سندن ذريعي باقي عوام ۾ پکيڙي سگهن.

اڳ واري دور ۽ اڄوڪي دور ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. اڳ ترقي پسند روشن خيال سياسي ورڪرن  عالمن اديبن تصوف جي سجاڳيءَ واري پهلوءَ جي اڳواڻي پئي ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ بزم صوفياءِ سنڌ واري تحريڪ دوران ڪجهه سجاده نشينن سندن ساٿ ڏنو هو. هاڻوڪي دور ۾ تصوف جون ڳالهيون هجن يا ترقي پسندي ۽ روشن خياليءَ واريون خبرون پس پرده سڀ (وڏي اڪثريت) حاڪمن جي آشيرواد وٺڻ ۽ خوشنودي حاصل ڪرڻ طرف ڍوڙ آهي. وڏي ڳالهه ته ان ڊوڙ ۾ هاڻ ساڄي ڌر ۽ کاٻي ڌر، ترقي پسند ۽ رجعت پسندي وارن تصورن جو به ڪو فرق ناهي رهيو، جيڏانهن ٿي نظر ڪجي ته چوڌاري سياسي ورڪر، سماجي سرواڻ ۽ ساڃاهه وند مختلف نالن ۽ حوالن سان ساڳي مقصد لاءِ هڪ ٿيا پيا آهن. اهڙي ريت تصوف وارا پروگرام سندن مقصد جي حاصلات لاءِ هڪ ذريعو ٿي ڪم پيا اچن. تصوف واري بنيادي مقصد لاءِ ڪيتريون ٿا ڪوششون ڪن سا ڳالهه سڀني جي سامهون آهي.

اڇو پاڻي لڙ ٿيو ڪالوريو ڪنگن،

ايندي لڄ مرن، تنهن سر مٿي هنجڙا. (شاهه)

عجيب فيشن ٿي ويو آهي. چي: “مذهبن منجهائي ڇڏيو هو، تصوف بچائي ورتو” يا ايئن چوڻ ته “دنيا کان دور ٿي ويو آهيان، هاڻ مان صوفي آهيان،اهي سڀ لفظي هيراڦيريون آهن جڏهن ته حقيقي تصوف لفظن ۽ جملن جي ادائگيءَ بدران قدرن ۽ عملن جو نالو پئي رهيو آهي. هاڻ ته قدر ۽ عمل ختم ٿي چڪا آهن رڳو لفاظي ۽ جملي بازيءَ تي زور نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته تصوف جي آڙ ۾ بدعتن ۽ بڇڙائيءَ وارن ڪارنامن،آسائشن ۽ خود پسنديءَ وارن عملن عوام جي حقيقي همدردين کان پري ڪري ڇڏيو آهي. نتيجي طور پنهنجو اثر رسوخ ڏيکارڻ لاءِ کين سرڪار جو سهارو بڻجڻو پيو. اهڙي ريت اُهي صوفي جيڪي انقلابي ۽ عوام جا هڏڏوکي تصور ڪيا ويندا هئا انهن جا جانشين سردار جا سهڪاري سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪرڻ لڳا. وقت جي حڪمرانن جي به اها ضرورت هئي ته سجاڳي ۽ روشن خيالي واري لهر کي روڪڻ لاءِ انهن تي ئي هٿ رکي، انهن کي وڌائي ويجهائي مضبوط ڪري ۽ ان سان گڏوگڏ درگاهي ڪلچر کي هٿي ڏيئي عوام کي تصوف جي نالي ۾ ان ناسور واري نشي تائين محدود رکيو وڃي ته جيئن عوام ذهني طرح سجاڳ ٿي حڪمرانن لاءِ مسئلا نه پيدا ڪري. بس ايئن درگاهون آباد ۽ پير پرستي زندهه آباد ٿيندي پئي رهي جنهن کي سرڪار جو هر طرح جو سهڪار حاصل آهي. ان سان گڏ مختلف نالن ۽ حوالن سان مختلف مڪتبئه فڪر جي مولوين جي گروهن کي پڻ مدد ڏيئي سگهارو ڪيو پيو وڃي. اهڙي ئي ساڳي صورتحال تصوف جي نالي ۽ حوالي سان پيدا ڪرائي ويئي آهي. تصوف جو فڪر جنهن جو مقصد حڪمرانن کان وڌيڪ عوام سان ويجهڙائپ ڪرڻ پئي رهيو آهي، صوفين جو شعر لکڻ توڙي ڳائڻ وارو عمل عوام مٿان ٿيندڙ ظلمن ۽ ڏاڍاين خلاف عوام جي دلين تي پها رکڻ،سندن ڏکن ۾ شريڪ ٿي راهون ۽ رستا ڏسڻ هوندو هو، جنهن ڪري صوفين جا آستانا عوام کي آسيس ڏيندڙ ۽ رستو ڏسيندڙ مرڪز هوندا هئا.

پيئي جا پرڀات، ماڪ نه ڀانيو ماڻهئا،

روئي ڏنو رات، ڏسي ڏکوين کي (مخدوم نوح)

پر هاڻ تصوف جا دعويدار وقت جي حاڪمن جا ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان سهڪاري ٿيڻ واري عمل ۾ رڌل آهن. ايتري قدر جو مُلائپ ۽ تصوف ٻه متضاد فڪر هئڻ جي باوجود حاڪمن ٻنهي کي ساڳي صِفَ ۾ آڻي بيهاري ڇڏيو آهي. اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته رڳو گيڙو ڪپڙا پائڻ ۽ مي رقصم چوڻ سان ڪو به شخص صوفياڻي رنگ ۾ رڱجي صوفي ٿي ڪو نه ٿو پوي. ايئن ته ناچ ۽ رقص خدائي مخلوق جا ڪيئي ساهه وارا، ڪيترن ئي نمونن سان ڪندي نظر اچن ٿا. اصل ڳالهه ته اهو ڪردار آهي جيڪو صوفي پنهنجي قول ۽ فعل جي هم آهنگيءَ سان ايندڙ دور جي انسان لاءِ ثبوت طور ڇڏي ويا آهن، اهو لالچ، مفاد پرستيءَ ۽ خود غرضيءَ کان آجائي وارو مٿاهون مقام آهي جيڪو صوفيءَ کي سماج ۾ اعليٰ درجو ڏياري ٿو. اهڙي ريت صوفي ۽ عوام ۾ وچ وارو ويڇو ختم ٿيو وڃي.

صوفي سير سڀن ۾، جئن رڳن ۾ ساهه،

سا نه ڪري ڳالهڙي، جئن پويون پروڙي پساهه،

آهِس ايءُ گناهه، جي ڪا ڪري پڌري. (شاهه)

اها خود غرضي، لالچ ۽ مفاد پرستي ئي آهي جيڪا حاڪمن جو سڌي يا اڻسڌي طرح سان سلامي ٿيڻ تي آماده ڪرائي ٿي. هاڻوڪي دور ۾ تصوف جو نماءُ ڪندڙ اهو ئي ڪجهه ڪري رهيا آهن، ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته ان ڏيکاءَ واري بازاري قسم واري پرچار حقيقي تصوف واري اثر ۽ آواز کي ڌنڌلو ۽ غير ميسر ڪري، پير پرستي ۽ درگاهي ڪلچر کي وٿي پئي ڏني آهي جيڪو سماج کي برباد ڪندڙ هڪ خطرناڪ ناسور آهي. ”

اهڙي لاڙي کي نظر ۾ رکندي علامه اقبال کي به چوڻو پيو هو ته “يوناني تصوف، فارسي تصوف ۽ هندستاني تصوف ڪو به فلسفو يا مذهبي تعليم جيڪا انسان جي شخصيت کي اجارڻ ۽ ڪارآمد بڻائڻ کان روڪي اها بيڪار آهي.” مجموعي طور سچو صوفي عوام جو همدردو ۽ هڏڏوکي هئڻ ڪري، حاڪم قوتن جو مخالف پئي رهيو آهي تڏهن ته حاڪمن جي به انهن سان ڪا نه پئي، ڇاڪاڻ ته حاڪمن جو دٻدٻو ۽ دستر خوان ماري مسڪينا واري سوچ ۽ عمل تي رکيل پئي رهيو آهي. اهو صوفي ڪهڙو جيڪو حاڪمن جي اشاري جو محتاج هجي، حاڪماڻين حرڪتن تي آواز اٿارڻ ۽ مسڪينن جو مددگار ٿيڻ بدران تصوف جي تصور کي به پنهنجي ذاتي ۽ گروهي مقصدن لاءِ وقت جي حاڪمن اڳيان وڪرو ڪندو هجي. سائين جي ايم سيد هاڻوڪي دور ۾ حقيقي تصوف جو نمايان ڪردار هو جنهن جي عملي زندگي مان اسان کي سرڪاري ۽ عوامي تصوف وارو فرق نمايان نظر اچي ٿو، ڄام ساقي تجربن بعد جڏهن پنهنجي پروگرام کي خيرباد ڪري تصوف جو رخ اختيار ڪيو، تڏهن هِن ملڪ جي باني محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڀرڻ بعد جڏهن سائين جي ايم سيد وٽ آيو تڏهن سيد کيس چيو “ڄام صاحب اوهان تصوف جي شروعات جناح جي مزار تي حاضري ڀرڻ سان ڪئي آهي جڏهن ته مون تصوف جي شروعات جناح سان ٽڪر کائڻ سان ڪئي هئي.”

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو