Home / ايڊيٽوريل / سوشل ميڊيا هيڻن جو هٿيار!
above article banner

سوشل ميڊيا هيڻن جو هٿيار!

ڪو زمانو هو جTitleو فاتح کوپڙين جا مينار تعمير ڪندا هئا ۽ ماڻهو ڀت نه ڪُڇندا هيا. انارڪلين کي جيئري ديوار ۾ دفن ڪندا هيا ۽ مزي خاطر ماڻهن کي هاٿين جي پيرن هيٺان لتاڙائيندا هيا پر خلق خوش رهندي هئي ته اسان بچي وياسين. ڪو شهر فتح ٿيندو هيو ته ٻنڌڻن وارا ٻار به ڪُهندا هيا. وقت مٽيو، فاتح ۽ ظالم نه مٽيا، وقت هيئن مٽيو ته هاڻ ڀل ڪو هلاڪو يا تيمور لنگ چاهي به ته به ماڻهن جا ڳاٽا لاهي کوپڙين جا مينار نه ٿو اڏي سگهي. فاتح هيئن نه مٽيا ته انهن پنهنجو طريقئه واردات ته تبديل ڪيو پر ظلم جي روايت تبديل نه ڪئي. پوليس ۽ ٻين ادارن معرفت ماڻهن جا جسم ۽ ذهن قيد ٿيڻ لڳا. ظلم سئولو نه ٿو ڦٻي. ميڊيا ماڻهن کي ڀُڻ ڀُڻ ڪري ظلم وائکو ڪرڻ جي سگهه ڏيئي ڇڏي آهي.

تنهن ڏهاڙي ڪراچي ۾ ارشاد رانجهاڻي سان جيڪو ڪُجهه ٿيو سو ڇو ٿيو سو شايد اڃا ڪجهه وقت کانپوءِ پڌرو ٿئي  پرسندس ساڻي جسم جيڪي احساس اسان اندر جاڳايا تن طاقتور قوتن جا ڀاري برج لوڏي کين ان تي مجبور ڪيو ته اهي ڪريل سان گڏ بيهن. ڏيڍ ڏينهن جي سوشل ميڊيا ايڪٽوزم سنڌ سرڪار کي مجبور ڪيو ته ڌاڙيل قرار ڏيئي قتل ڪيل ارشاد جي رت سان انصاف ڪن.

سنڌ جا به عجيب مزاج آهن. جي ماٺ آ ته ڀل ون يونٽ ٺهي وڃي يا ڀٽو ڦاهي چڙهي وڃي پر سنڌ اگهور ننڊ ۾  ۽ جڏهن جاڳي ٿي ته ڀٽي جي قتل جو پلاند به ڪري ڄاڻي ته ڪاري ڊيم جو ڪنڌ به مروڙي ڄاڻي. سنڌ جي ان نرالي مزاج جا ساکي سوين واقعا آهن. ٿل ڪئنال وهائڻ جو جڏهن جنرل مشرف اعلان ڪيو ته سنڌ ۾ ڪک به نه چريو هو پر مشرف سنڌين جي دلين تان تڙجي ويو.  پ پ جڏهن ٻٽي مڪاني نظام جو اعلان ڪيو ته ان اعلان بعد پ پ قيادت سنڌين لاءِ ضيا ۽ مشرف جو ٻيو روپ ٿي پئي.

ارشاد رانجهاڻي ۽ اهڙا واقعا هڪ ئي ڳالهه ٻڌائن ٿا ته ماڻهن جي ڳالهه ۾ وزن آهي. اهي جڏهن ڀُڻ ڀُڻ ڪن ٿا ته جن جي مغز ۾ طاقت جو تڪبر ڀريل آهي تن جي ڪنن جا پردا ڦاٽي پون ٿا. سنڌ ۾ ميڊيا مختلف شڪلين ۾ ارتقا ڪئي آهي. ورهاڱي کان اڳ الوحيد جهڙين سنڌ پرست اخبارن سنڌ جي حقن جي وڪالت ڪئي. ورهاڱي کانپوءِ ڏيپلائي صاحب، طارق اشرف، سراج، گرامي صاحب ۽ پوءِ ف-م لاشاري، انور پيرزادي سنڌ جي ڪيس کي ميڊيا رستي اڳتي وڌايو. ان کان سواءِ به هزارين نالا آهن جن پنهنجي قلم رستي سنڌ جي اهنجن جو علاج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

سنڌ ۾ سوشل ميڊيا اڃا ايتري منظم ناهي ٿي. پر پوءِ به سنڌ ۾ لکين ذهن گڏجي سنڌ لاءِ سوچن ۽ لوچن ٿا.  فيس بوڪ ۽ واٽس ايپ کانپوءِ ٽوئيٽر تي سنڌي هٿ سنڌ جي سياسي توڙي سماجي ۽ ٻين مامرن تي هڪ راءِ جوڙڻ ۾ ڏينهن رات جُنبيل آهن. اڳ روايتي ميڊيا ڀيري هڪ طرفو معاملو هيو. هڪڙا لکندڙ هيا ۽ ٻيا پڙهندڙ هيا. لکندڙ پاڻ کي عقل ڪُل سمجهندا هيا. ايڊيٽر صاحبان يا ڪالم نگار جيڪا راءِ ڏيندا هئا تنهن تي ٽيڪا ٽپڻي جو اختيار ان کي ئي ملي سگهندو هيو جيڪو وٽن رسائي ڪري سگهي. معنيٰ هڪ طرفي ٽريفڪ. پر هاڻ سوشل ميڊيا اهي فرق، اهي وٿيون هٽائي ڇڏيون. امر جليل يا نورالهديٰ شاهه جيڪا ڳالهه ڪنديون تنهن کي پسند يا رد ڪرڻ جو اختيار علو ولو وٽ آهي. ان ئي سبب اسان وٽ صاحب راءِ وڌن پيا. عام شهري به جڏهن ڪو واقعو ٿيندي ڏسي ٿو ته ان کي ٻين تائين رسائڻ لاءِ پنهنجو سمارٽ فون کيسي مان ڪڍي ٿو. اڄ سنڌ ۾ صاحب راءِ ٿيڻ ۾ ڪنهن جي هڪ هٽي ناهي. ڪاوش يا افيئر جيڪڏهن ڪنهن ليکڪ جي ڪالم کي نه ٿا ڇاپين ته ان سان ڪو آسمان نه ٿو ڪري. فيس بوڪ تي اهو ليک وائرل ٿي وڃي ٿو.

سوين سال اڳ جڏهن فاتح پنهنجن گهوڙن جي سُنبن هيٺان روءِ زمين کي لتاڙيندا هيا تڏهن مخلوق جون رڙيون وقت جي ٻوڙن ڪنن تي ڪري لڇي پڇي ساڻيون ٿي ڪري پونديون هيون. پر اڄ ڪنهن عام ماڻهو جي دانهن پڙاڏي ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي.

يقينن ان صورتحال مان اهي قوتون جيڪي اظهار جي آزادي جون دشمن آهن سي خوش نه هونديون. هاڻ مختلف ٽلن ۽ بهانن سان ان آزادي کي سلب ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن. وفاقي سرڪار في الحال ته مسلم ليگ نواز جي ڪارڪنن کي ڪوڙڪين ۾ ڦاسائڻ ۾ رڌل آهي پر جلد ئي انهن مان واندي ٿي سنڌ جو رخ ڪندي. سنڌ جا جمهوري، قومپرست ۽ صوفي مزاج کين ڪونه ٿا وڻن. ان ڪري جيڪي به ماڻهو سوشل ميڊيا رستي ڪا راءِ جوڙڻ يا ماڻهن کي باخبر رکڻ جي ڪِرت سان لڳل آهن تن کي ان آزادي جي سمجهداري سان استعمال کان به واقف ٿيڻو پوندو ۽ ان حق جي استعمال کي بچائڻ لاءِ به تيار رهڻو پوندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو