Home / ايڊيٽوريل / سويلين بالادستي جي نازڪ ٽاري!
above article banner

سويلين بالادستي جي نازڪ ٽاري!

ايڊيٽوريل

صورتحال جيئن 51346406_2181242418581402_4469130749588537344_nجو تيئن آ. تحريڪ انصاف جي سرڪار قائم ٿئي سوا پنج مهينا ٿي ويا آهن. پارليامينٽ ۾ سواءِ ٻن مني بجيٽن جي ٻيو ڪجهه پيش نه ٿيو آ. حڪومت وٽ ڏيکارڻ لاءِ قرض ۽ امداد کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي. نه وساريو ته تحريڪ انصاف اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ اڳوڻين حڪومتن کي قرض پنڻ جو مهڻو ڏيندي رهندي هئي. باقي رهي زبان، سو تحريڪ انصاف جا اڪابر زبان سان جيڪي تير هلائي سگهن ٿا سي هلائن پيا. مراد سعيد وغيره جهڙن وزيرن کي هدايت مليل آهي ته مخالف ڌر کي چور ۽ ڦورو سڏڻ جي رينگٽ کي جاري رکندا اچو. ان حڪمت عملي مان تحريڪ انصاف جا ٻه مقصد پورا ٿين ٿا: هڪ ته جيڪي ماروئڙا جهانگيئڙا آهن تن کي اهو مغز ۾ ويهارجي ته اصل سياسي صف بندي ڪارڪردگي بدران فقط سکڻي زباني ڪلامي دعوائن تي هجڻ کپي. اهل چور کان نااهل ساڌ ڀلو. ٻيو ته ملڪ ۾ هاڻوڪي خرابي اڳوڻن چور حڪمرانن سبب آهي. ان ڪري جيڪڏهن ملڪ جي معاشي حالتن ۾ ڪو سڌارو ناهي آيو ته ان جو سبب اڳوڻا حڪمران آهن.

پر سوال ته ٿيڻ شروع ٿيا آهن. آءِ ايم ايف ڏي وڃبو يا نه؟ وڃبو ته ڪهڙن شرطن تي. دوست عرب ملڪن جي مدد پٺيان ايران بابت ڪا پاليسي ۾ تبديلي آهي يا ان مدد پٺيان رڳو خير سگالي جو جذبو آهي؟ڀارت لاءِ نواز شريف واتان جيڪڏهن ٻه چڱا اکر نڪري ويا هئا ته مٿس مودي سان ياري جي تُهمت لڳي ته پوءِ ڪرتار پور راهداري تقريب ۾ عمران خان جي ڀارتي اڳواڻن کي قرب جي ڪوٺ ڇا آهي؟ فريال ٽالپر ۽ مريم نواز جيڪڏهن ملڪيتون ٺاهي چڱو ناهي ڪيو ته پوءِ عليمه خان ڪيئن حلال جي ڪمائي مان اربين رپيا جوڙيا آهن؟ نيب مخالفن کي ڪورٽن ۾ گهلي ته احتساب ۽ جيڪڏهن عمران خان کان هيليڪاپٽر بابت پڇاڻو ڪري ته وزرات عظميٰ جي عهدي جي وقار جي توهين.

هن سڄي ماجرا ۾ ملڪ پنڊ پهڻ ٿي ويو آهي. جيڪي ڊالر امداد ۾ اچن ٿا سي قرض جي ادائيگين ۾ اڏري وڃن ٿا. اڃا ته سي پيڪ هيٺ مليل قرض جي ادائيگين ۾ سال ٻه پيا آهن.جڏهن اها اوڌر لهڻ شروع ٿي ته گهڻين ويهين سئو جي خبر تڏهن پوندي. ملڪ ۾ برآمد وڃي ٻُڙي کي رسي آهي. قطر آسرو ڏنو آهي ته اهي هتان چانور خريد ڪندا. آمريڪي ۽ يورپي مارڪيٽ ۾ ڪاٽن جا ڪپڙا برآمد ٿيندا آهن. ڪجهه ملڪ مڇي وٺندا آهن. ٻيو مڙئي خير. جڏهن ته هر ٻئي استعمال جي شئي درآمد ٿئي ٿي. ان صورتحال ۾ ملڪي معيشت ڪٿي بيهندي. ملڪ پيرن تي ڪيئن بيهندو سو سمجهه ۾ نه ٿو اچي.

مٿان تحريڪ انصاف جو اڻکٽ کٽراڳ. جنهن کي ڏس سو هٿ ۾ سروٽو کنيو گهمي. سياسي اڻ سهپ جا نوان مثال قائم ٿي رهيا آهن. سياسي ڪوتاهه نظري جا به نوان مثال قائم ٿي رهيا آهن. صوبائي خودمختياري کي قومي سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏيندي صوبائي خودمختياري ڏي وڌندڙ هڪ وک، ارڙهين آئيني ترميم  کي بي اثر ڪرڻ جون ڳالهيون وڏي واڪي ٿي رهيون آهن. جنهن ون يونٽ کي دفن ٿئي اڌ صدي ٿي وئي تنهن کي وري جيئارڻ جا سانباها آهن.

مثال طور آئيني طور تي زمين صوبن جي ملڪيت آهي. زمين جو هڪ انچ به وفاق الاٽ نه ٿو ڪري سگهي. پر بحريه ٽائون جي ڪيس جي ٻڌڻي توڙي سمنڊ ۾ تيل ۽ گيس جي ذخيرن جي ڳولا بابت وفاقي اختيارين جي بيانن مان اهو ٿو لڳي ته سنڌ زمين  ۽ سمنڊ واري پنهنجي جائز دعويٰ کان محروم ٿي ويندي. سنڌ ۾ پ پ حڪومت ڪيرائي انصافي سرڪار جوڙڻ جي هام هڻندي اها به ڳالهه ڪري وڃن ٿا ته ڪراچي کي ٻهراڙي جي غلامي مان نجات ڏياربي.

سڀ کان ڀلي ڳالهه اها ٿي آهي ته مخالف ڌر جون پارٽيون تحريڪ انصاف جي حڪومت ڪيرائڻ نه ٿيون چاهين. اها سندن سياسي پختگي جي نشاني آهي. ڀل عمران خان ڪن قوتن جي ڪلهي تي چڙهي ڪرسي تي پهتو آهي پر پهتو ته آهي نه! ٽين دنيا ۾ اهي ٽڪساٽ عام آهن. سو، نظام جو فائدو ان ڳالهه ۾ آهي ته جيڪا حڪومت جڙي آهي سا پنهنجو مدو  آئيني طرح پورو ڪري.

سياسي بي يقيني جو فائدو جمهوريت مخالف قوتون کڻن ٿيون. سياستدانن کي پاڻ ۾ ويڙهائي سندن ويڙهه کي جواز بڻائي آمريتون قائم ٿينديون رهيون آهن. پ پ ۽ نواز ليگ وڙهي وڙهي اهو سبق پرايو. تحريڪ انصاف اڃا ونواهه کائي پئي. پر جڏهن ان پاڻ کي واقعي به حڪمران جماعت سمجهي فيصلا ڪرڻ شروع ڪيا ته کيس خبر پئجي ويندي ته وٽس ڪيترا اختيار آهن.

ان ڪري کڻي جو تحريڪ انصاف جنهن ٽاري (پارليامينٽ) تي آکيرو جوڙيو ويٺي آهي تنهن کي ڪپڻ جي قائل آهي پر جمهوريت پسندي جي تقاضا اها ئي آهي ته کين اتان ڪرڻ نه ڏجي. کين سکڻ جو، پرائڻ جو موقعو ڏجي. اڄ ان ٽاري تي اهي ويٺا آهن ته سڀاڻ ڪو ٻيو هوندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو