Home / ڪور افيئر / سياست جي شطرنج:  صدارتي نظام آڻڻ جون تياريون!
above article banner

سياست جي شطرنج:  صدارتي نظام آڻڻ جون تياريون!

رزاق کٽي

Razak Khati

پاڪستان ۾  اسٽيبلشمينٽ کان پرڀري بيٺل سياست ۽ صحافت انتهائي تيزي سان زوال پذير آهي. صحافت ۾ اڳي رڳو فوج، عدالت، ڪشمير، هندستان، سعودي عرب يا ٿورو گهڻو آمريڪا جي باري ۾ کلي لکڻ ۽ ڳالھائڻ تي پابندي هوندي هئي پر پوءِ انهي پابندين پنهنجيون حدون وڌايون ۽ هاڻي اوهان بلوچستان، پشتون تحفظ موومينٽ ، تازين عام چونڊن جي نتيجن تي نٿا ڳالھائي سگهو، اوهان کي چين جي پاڪستان ۾ آهستي آهستي ٿيندڙ والار تي به لکڻ جي اجازت ناهي.

ماڻهن سمجهيو ته خير آهي!

سوشل ميڊيا اوهان جي سياسي  اظهار جو ڀلو ذريعو آهي، اتي ويهي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري سگهجي ٿو. پهرين اظهار ڪندڙن کي مانيٽر ڪيو ويندو هو، بلاگرن جي گم ٿيڻ ۽ ان بعد ان عمل تي ٿيندڙ شديد تنقيد بعد طريقو تبديل ڪيو ويو. هاڻي هاڻي انٽرنيٽ تي به سينسر شپ لاڳو ڪئي وئي آهي. جيڪي متحرڪ ماڻهو آهن، انهن کي سوشل ميڊيا تي “پنهنجون حدون” اورانگهڻ جا نوٽيس جاري ٿين ٿا، نتيجي ۾ پاڪستان اندر هڪ “ايڊوائيزري سينسر شپ” جي نتيجي ۾ ميڊيا جي ساک متاثر ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي. سمارٽ فون جي صارفين ۾ اضافي ۽ انٽرنيٽ جي مناسب پيڪيجن جي ڪري عام ڏسندڙ جو رخ هاڻي ٽي وي تان گهٽجي رهيو آهي. نتيجي ۾ ميڊيا هائوسز جو ڌيان به ڊجيٽيل ميڊيا طرف وڌي رهيو آهي. پاڪستان ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت سياست ۽ ميڊيا جي ڦوڪڻي مان هوا ڪڍڻ جو سڀ کان وڏو سبب بڻي آهي. پر ان جون تياريون تحريڪ انصاف جي حڪومت اچڻ کان اڳ ۾ ئي ٿي چڪيون هيون. سياست ڏانهن اچڻ کان پهرين پاڻ جيڪڏهن سراسري طور جائزو وٺون ته اسان کي خبر پوي ٿي ته ن ليگ جي پنجن سالن جي دور اندر پاڪستان جي ميڊيا ۽ خاص ڪري اليڪٽرانڪ ميڊيا کي سرڪاري سطح تي ٻوريون ڀري پئسا ڏنا ويا، ن ليگ پنهنجي  روايت مطابق سياسي مخالفن ۽ پنهنجي ڪوتاهين کي لڪائڻ لاءِ وڏي پئماني تي ناڻي جي سيڙپ ڪئي. ظاهر آهي ته اها مهرباني سڀني ميڊيا هائوسز تي ڪرڻ ممڪن نه هئي ۽ جن مٿان مهرباني نه ٿي يا جيڪي ن ليگ جا مخالف هئا انهن ٽي وي چينلن حڪومت خلاف وڏي پئماني تي مهم هلائي، ان حد تائين جو ڪجهه ٽي وي چينل نواز شريف لاءِ “ نااهل وزيراعظم نواز شريف” جو جملو استعمال ڪندا هئا ۽ اڃا به ڪن ٿا. ن ليگ جو دور جيئن ختم ٿيو ته ان مٿان هڪ طرف عتاب وڌڻ شروع ٿيو ته ٻئي طرف ن ليگ ڏانهن نرم رويو رکندڙ ميڊيا گروپ به بظاهر عتاب ۾ نظر آيا، ن ليگ جي حڪومت دوران ئي سپريم ڪورٽ ڊسپلي اشتهارن تي پابندي هنئي، نتيجي ۾ وڏي پئماني تي اشتهارن جو سلسلو تحريڪ انصاف جي حڪومت اچڻ کان اڳ ۾ ئي ختم ٿي ويو هو، انهي اشتهارن جي خاتمي جو گهڻو اثر ان ڪري به محسوس نه ڪيو ويو ته مٿان عام چونڊون اچي ويون ۽ اشتهارن جو نئون سلسلو شروع ٿي ويو. نئين حڪومت اچڻ ساڻ پنهنجا ايجنڊا کڻي آئي هئي، جنهن ۾ هڪ ايجنڊا اها به هئي ته ميڊيا کي سوڙهو ڪري هڪ حد اندر آڻڻو آهي. سپريم ڪورٽ جي ڊسپلي اشتهارن مٿان پابندي واري فيصلي حڪومت کي فائدو ڏنو ۽ حڪومت واضح اعلان ڪيو ته هو هاڻي ميڊيا کي اشتهار نه ڏيندي. پاڪستان ۾ موقعي پرست سرمائيدار ميڊيا ۾ ٻن فائدن لاءِ سيڙپ ڪئي هئي، هڪ طرف هو ميڊيا ۾ اچي نه رڳو پنهنجا ٽيڪس بچائي رهيا هئا پر ميڊيا جي اوزار هٿ ۾ اچڻ سبب ٻين ادارن جي بليڪ ميلنگ کان بچي ويا هئا، ٻيو فائدو اهو ته وڏي پئماني تي دولت حاصل ڪري اها ٻاهر منتقل ڪئي ۽ انهن کان ڪير به پڇڻ وارو نه هو. ميڊيا اندر موجود پاپولر چهرا مني لانڊرنگ جو سڀ کان وڏو ذريعو به هئا.

P-01

تحريڪ انصاف  پهرين سياسي پارٽي هئي جنهن پاڪستان جي سياسي پارٽين ۾ سوشل ميڊيا جي استعمال جي شروعات ڪئي هئي، ان بعد ن ليگ ،پيپلزپارٽي ۽ ٻين سياسي پارٽين ان قسم جا ونگ قائم ڪيا، جيئن عام ماڻهو تائين پنهنجو پيغام پهچائي سگهجي يا مخالفن خلاف پروپيگنڊا ڪري سگهجي.

تحريڪ انصاف جو سربراھ عمران خان پاڪستان جو اڪيلو سياستدان آهي، جنهن جا ٽوئيٽر تي 80 لک کان وڌيڪ فالوورز آهن، ظاهر آهي ته 80 لک ۾ گهڻو تڻو انگ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جو به آهي، پر هو هڪ ٽوئيٽ ذريعي انهي ئي لمحي پنهنجو پيغام اسي لک ماڻهن تائين پهچائڻ جي سگهه رکي ٿو. تحريڪ انصاف ان ڪري به ميڊيا جي ڪاڻ نه ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو.

نئين حڪومت جي اچڻ ساڻ ئي ميڊيا مان وڏي پئماني تي نه رڳو ورڪرن جي برطرفين جو سلسلو شروع ٿيو ته ٻئي طرف پگهارن ۾ به 10 کان 30 سيڪڙو تائين ڪٽوتي ڪئي وئي، اسٽيبلشمنيٽ مخالف اينڪرن کي نيڪالي ڏني وئي. انهي سڄي مرحلي ۾ صحافتي يونينون، جيڪي اڳي ئي گروپن ۾ ورهايل ۽ ڪرپشن جي گند ۾ گتل هيون اهي سواءِ ڪن ڳڻائڻ جي، ڪوبه موثر احتجاج نه ڪري سگهيون. ميڊيا جي مالڪن جي ايڊيٽوريل ڪانٽينٽ اندر سڌي مداخلت پاڪستان اندر صحافت کي ڌڪي ڇڏيو هو، مٿان اليڪٽرانڪ ميڊيا جا قانون نه هجڻ جي ڪري به ميڊيا هائوسز جا مالڪ فائدي ۾ رهيا.

هن وقت پاڪستان ۾ ميڊيا مڪمل طور تي لانجهي ٿي چڪي آهي، پاڪستان جنرل ضيا واري بدترين دور کان پوءِ هڪ اهڙي سينسر شپ کي منهن ڏئي رهيو آهي، جنهن ۾ گهڻو تڻو لکندڙ ۽ ڳالھائيندڙن ان کي پاڻ قبول ڪيو آهي، ان جو وڏو سبب ملڪ ۾ ڪمزور ٿيندڙ سياسي پارٽيون آهن. جن جي قيادت ڪرپشن ۾ پاڻ کي ايترو ٻوڙي ڇڏيو جو هاڻي انهن جي وڪالت ڪرڻ به گناھ بڻجي ويو آهي.

تحريڪ انصاف جي هاڻوڪي حڪومت، جنهن اچڻ ساڻ عام ماڻهو کي ٽانڊا ڏئي ڇڏيا آهن، اها ايندڙ ڏينهن ۾ عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ ته ضرور چاهي ٿي پر هو هن ملڪ جو سياسي نقشو به تبديل ڪرڻ واري ايجنڊا جو سڀ کان وڏو ذريعو بڻجڻ وڃي رهي آهي. معاملو رڳو ارڙهين ترميم ۾ تبديلي يا ان جي خاتمي جو هجي ها ته به ٺيڪ هو، پر منهنجو خيال آهي ته پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ هن ملڪ اندر جنهن صدارتي نظام جي سدائين خواهشمند رهي آهي، ان جي پورائي ڪرڻ جو سڀ کان وڏو ذريعو عمران خان جي صورت ۾ ان کي ملي ويو آهي، پاڪستان ۾ صدارتي نظام ڪيئن آڻي سگهبو، اهو ڪامياب ٿيندو يا نه؟ ان جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا ؟ اهي سڀ سوال هڪ طرف، پر ان طرف خاموش اڳڀرائي ضرور شروع ٿي وئي آهي.

پاڪستان جي آئين ۾ ارڙهين ترميم جي شامل ٿيڻ بعد ٻه حڪومتون پنهنجو مدو پورو ڪري چڪيون آهن. ملڪ جي طاقتور اداري کي شڪايت رهي آهي ته آئين مان 58 ٽو بي نڪرڻ جي ڪري هاڻي حڪومتون ختم ڪرڻ جو صدارتي اختيار به نه رهيو آهي، صوبن اندر وفاق جي مداخلت ختم ٿي وئي آهي. گورنر راڄ واري مرضي هاڻي نٿي هلي سگهي.

ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ جي سويلين اقتدار ۾ وڌندڙ مداخلت بعد ملڪ جون ٻه وڏيون سياسي پارٽيون هڪ ٻئي کي رستو ڏئي انهيءَ نظام کي بچائينديون رهيون آهن، پر هاڻي معاملو عمران خان  جي پويان ويٺلن جي هٿ هيٺ سڌي ريت اچي ويو آهي.

پاڪستان جي سياسي منظرنامي ۾  ن ليگ جي اهم قيادت  وڏي عتاب ۾ اچي چڪي آهي، شهباز شريف واري معاملي ۾ اڃا فيصلو نه ٿي سگهيو آهي ته ان لاءِ ڇا ڪرڻو آهي، شهباز شريف ڪنهن به صورت ۾ ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ خلاف آخري حد تائين وڃڻ لاءِ تيار ناهي، ذريعا ٻڌائن ٿا ته شريف خاندان اندر به گهڻا معاملا خراب ٿيندا پيا وڃن. شهباز شريف پنهنجي وڏي ڀاءُ نواز شريف جي ارڏائي جي پوئلڳي ڪري سندس پُٽ حمزا شهباز جو مستقبل خراب ڪرڻ نٿو چاهي، ان ڪري شهباز شريف وارو معاملو ٿورڙو منجهيل آهي.

جنهن حساب سان اڳڀرايون ٿي رهيون آهن ان حساب سان پيپلزپارٽي لاءِ به هي سال چڱو نٿو لڳي، سپريم ڪورٽ پاران جعلي اڪائونٽن واري ڪيس ۾ جوڙيل جي آءِ ٽي جي رپورٽ واري ڪيس ۾ بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ جا نالا اي سي ايل مان ٻاهر ڪڍڻ واري حڪم تي اطمينان جو اظهار ڪرڻ پيپلزپارٽي جي خوش فهمي چئي سگهجي ٿي، ڇاڪاڻ ته سپريم ڪورٽ اي سي ايل مان نالا ڪڍڻ واري فيصلي سان گڏ اهو معاملو به نيب ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي، هاڻي اهو ڪيس اڳتي وڌندو. جڏهن ته آصف زرداري جي نيويارڪ ۾ فليٽ جي ملڪيت واري انڪشاف کان پوءِ جيتوڻيڪ تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن مان زرداري خلاف نااهلي جي درخواست واپس وٺي ڇڏي آهي پر هو سپريم ڪورٽ وڃي رهي آهي، جيڪڏهن سپريم ڪورٽ انهي درخواست کي ٻڌي ٿي ته زرداري مٿان نااهلي جي تلوار ڪنهن مهل به ڪري سگهي ٿي.

P-02

موجوده سال ۾ ان ڳالهه جي ڪوشش ڪئي ويندي ته هڪ طرف معاشي طور تي ملڪ کي بحران مان ڪڍجي ته ٻئي طرف ملڪ اندر سياسي قوتن کي بحران جو شڪار ڪجي، جيئن سياسي قوتون ورهائجن ۽ مرضي موجب انهن کان فيصلا ڪرائي سگهجن. تحريڪ انصاف ان سڄي معاملي ۾ ملڪ جي اسٽيبشلمينٽ جي سياسي پروگرام جي عملدرآمد جي هڪ ونگ آهي. ڇاڪاڻ ته ملڪ اندر ڪرپشن ۽ مرڪزيت واري نقطي ٻئي هڪ آهن.

پاڪستان جي موجوده سياسي نظام کي ان وقت تائين تبديل ڪرڻ ممڪن ناهي جيستائين اوهان ان جي سول سوسائٽي کي ڪمزور نه ڪريو، هن وقت سياسي ڌريون ڪمزور ٿي رهيون آهن، ميڊيا انتهائي تيزي سان زوال پذير آهي، سياست يا پارليامينٽ کانسواءِ  سپريم ڪورٽ سميت ملڪ جا اهم رياستي ادارا هڪ پيج تي آهن، ان ڪري اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته ملڪ جي هاڻوڪي سياسي منظر نامي جو برقرار رهڻ سولي ڳالھ ناهي.

پر ڇا اهو سڀ ڪجهه هڪ سوچ تحت ممڪن به ٿي سگهندو؟ ان جو جواب فوري طور تي هاڪار ۾ نٿو ڏئي سگهجي. پاڪستان ۾ ملڪ جي طاقتور اسٽيبشلمينٽ هيستائين جيڪي به سياسي تجربا ڪيا اهي ڪامياب نه ٿي سگهيا آهن. پاڪستان جي مختصر سياسي تاريخ ان جو وڏو مثال آهي. 1947ع کان پاڪستان اندر سياسي نظام تي بدنيتي جي بنياد تي جيڪي تجربا ڪيا ويا اهي ناڪام رهيا آهن، ملڪ جي پهرين آمر ايوب خان جي سڌارن کان متاثر عمران خان بنيادي طور تي سياست جو شاگرد ناهي، هو هڪ طرف برطانوي طرز حڪمراني کان متاثر نظر اچي ٿو  ته ٻئي طرف سخت گير اسلامي نظام لاڳو ڪرڻ جو قائل به آهي، هو ڪرپشن جي خلاف نفرت ڪندي ديانتداري جي ڳالهه ڪري ٿو پر موثر سياسي نظام جي هڪ ٺوس تصور کان به عاري آهي. ان ڪري ان قسم جو سياسي اڳواڻ ملڪ جي طاقتور اسٽيبلشمينٽ لاءِ بهترين چونڊ آهي، پاڪستان جي ٻن طاقتور سياسي اڳواڻن جي ڀيٽ ۾  سياسي ورثو اولاد ڏانهن منتقل ڪرڻ واري معاملي کان به عمران خان  آجو آهي، ان ڪري اهڙو اڳواڻ هڪ وڏي عرصي کان پاڪستان جي اسٽيبشلمينٽ کي هٿ آيو، جيڪو سويلين به هجي ۽ اهو ئي ڪجهه ڪرڻ چاهيندو هجي جيڪو هو چاهي ٿي.

هن وقت مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي جي وچ ۾ ڀروسي جو شديد ترين فقدان آهي.

 پيپلزپارٽي  ميان نواز شريف جي اوچتي خاموشي تي ان شڪ ۾ ورتل آهي ته نواز شريف هڪ دفعو وري ڪو نئون اين آر او وٺي ملڪ ڇڏي نه هليو وڃي. جڏهن ته مسلم ليگ ن آصف زرداري مٿان اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ڇاڪاڻ ته ن ليگ جي بلوچستان ۾ صوبائي حڪومت ختم ڪرائڻ ۽ ان بعد سينيٽ ۾ ملڪ جي اسٽيبشلمينٽ جي ماڻهو کي چيئرمين چونڊرائڻ ۾ آصف زرداري مُک ڪردار ادا ڪيو هو.

(ن) ليگ سمجهي ٿي ته پاڪستان جي سياسي نظام کي آصف زرداري سڀ کان وڌيڪ نقصان رسايو آهي، جيڪڏهن هو بلوچستان جي صوبائي حڪومت نه ختم ڪرائي ها ۽ بلوچستان عوامي پارٽي جي نالي ۾ نئين ڪنگ پارٽي نه جوڙائي ها ته شايد سينيٽ ۾ ٻنهي ڌرين جي اڪثريت هوندي هڪ اقليتي پارٽي جو غير معروف ماڻهو ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي اداري جو چيئرمين نه بڻجي ها، ان ڪري ان ڳالهه جي ڪهڙي ضمانت آهي ته هن دفعي به آصف زرداري دغا نه ڪندو. اهو ئي سبب آهي ته ملڪ جي ٻن وڏين پارٽين اندر هڪ وڏي وڇوٽي جي ڪري تحريڪ انصاف ڪنهن به وڏي سياسي پريشاني کان آزاد نظر اچي ٿي. آصف زرداري نواز شريف جي ڀيٽ پنڊي وارن کي مهڻا ڏيڻ شروع ڪيا آهن، ڪجهه مهينن اندر جيڪو ڪجهه هن سان ٿيو آهي، ان تي هن پاران مهڻا ڏيڻ جائز به لڳن ٿا، پر عوامي سطح تي هو جيڪو ڪجهه اظهاري رهيو آهي ،حقيقت ان جي بلڪل ابتڙ رهي آهي، هن کي ڀلي سياست جي شطرنج جو شاهڪار کيڏاڙي قرار ڏنو وڃي ، پر گذريل هڪ سال اندر جيڪو سياست کي نقصان آصف زرداري ڏنو آهي، ان جو وڏو فائدو تحريڪ انصاف ۽ ان جي پويان موجود ڌرين کي ٿيو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو