Home / اسپيشل افيئر / سُونڊا: قَديم قَبرسِتان جِتي صَديُون دَفن آهن
above article banner

سُونڊا: قَديم قَبرسِتان جِتي صَديُون دَفن آهن

 ابوبڪر شيخ

Abu Bakar Shaikh

اسان جڏهن پاڻيءَ جي وهي ويل وَهڪري وانگر گذريل وقت جو تصور ڪريون ٿا ته، هڪ پُراسرار ڪيفيت جي ڌنڌ ۾ ويڙهجي وڃون ٿا، ماضيءَ جو تصور جيترو قديم هُجي ٿو ڌنڌ ۾ سحر جو رنگ ايترو گهرو ٿيندو وڃي ٿو ۽ پوءِ اهو جادوئي سحر اسانکي اُنهن پُلن جي دروازن تي وٺي اچي ٿو جيڪي اسان ڪڏهن به ڪو نه ڏٺيون، پر انهن جا تصور اسان جي ذهنن ۾ تاريخ جي اُنهن ڪتابن اُڻيا جن کي اسين پنهنجي دل جي اکين سان پڙهون ٿا، اِها اسانجي پنهنجي ماضيءَ سان عشق جي انتها ئي آهي… ٿورو تصور ڪريو جڏهن رچرڊ برٽن، سخت ٿڌ جي ڏينهن ۾ هن علائقي ”سونڊا“  مان گذريو هوندو اُن زماني جا صبح ۽ شامون، ڏينهن ۽ راتيون ڪهڙيون هُونديون؟ برٽن صاحب لکي ٿو:”…اسين صبح کان ٽي دفعا رستو ڀُلجي چُڪا آهيون، سيءُ تمام گهڻو آهي، اَسين جابِلو ٽَڪرين تان لهون ٿا ته، سامهون زرخيز زمين اچي ٿي وڃي، چوڌاري ماٺ آهي، بس مُختلف پکين جون ٻوليون آهن جيڪي اسان کي ٻُڌڻ ۾ اچن ٿيون اَلبته ڪِٿي ڪٿِي ڪڻڪ جو خُوبصورت فصل پوکيل نَظر اچي ٿو…”

پر هاڻي مَنظرنامو بدلجي ويو آهي، هاڻي هِتي خامُوشي نالي ڪا شيءَ ڪا نه بچي آهي، رستا آهن جيڪي ايندڙ ويندڙ گاڏين جي گوڙ سان ڀريل آهن، گڏوگڏ گاڏين مان نڪرندڙ ڪارو دُونهون اوهانجي ڦڦڙن ۽ اکين لاءِ شديد هاڃيڪار آهي پر ڇا ڪجي ترقي جو ٿي رهي آهي..مونکي خبر ناهي ته ”تحفته الڪرام“ جي مصنف جي انهي تحرير ۾ ڪيتري سچائي آهي ته، هن شهر جو نالو ۽ شهرت هتي رهندڙ هڪ ڪامل بزرگ ڪري ئي ملي آهي جيڪو ”سُر سونڍر“ جي راڳ کي پنهنجي دل ۽ روح سان پسند ڪندو هو ۽ خوش ٿي جيڪي دعائون ڏيندو هو  اُهي پوريون ٿينديون هيُون. اهڙيءَ ريت انهيءَ راڳ جي نالي سان هي ڳوٺڙو مشهور ٿي ويو، چون ٿا جڏهن ڄام تماچي هن شهر جو بنياد رکيو ته انهيءَ ساڳي نالي کي جاري رکيو..مونکي خبر ناهي ته انهيءَ بزرگ جي آخري آرامگاه ڪٿي آهي پر هو يقينا هڪ ذهين ۽ الله وارو انسان هوندو.

P-01

”طغي“ جيڪو هڪ موچي ۽ غلام هو اُهو ترقي ڪندو حڪومت جي سگهارن عهدن تي پهتو، کيس جڏهن 1347ع ۾ هڪ اهم ذميداري ڏيئي گجرات موڪليو ويو ته هن اُتي ‘قتلغ خان’ سان گڏجي پنهنجي مُحسن ‘محمد تُغلق’ سان بغاوت جي ڀير تي ڏونڪو هنيو ۽ ’ڪاڏي‘ واري جنگ هارائي ڪڇ طرف ڀڄي نڪتو جتي سمن جاڙيجن جو راڄ هو ۽ انهن جا سنڌ جي سُومرن ۽ سَمن سان سٺا واسطا هئا جنهن ڪري جاڙيجن، طغي کي ننگر ٺٺي موڪلڻ ۾ وڏي مدد ڪئي. محمد تغلق، طغيءَ جي پٺيان هو ۽ ٺٺي تي حملي ڪرڻ جي جنون ۾ هتي ’سونڊا‘ تائين اچي پهتو. برساتن جي موسم هئي، چون ٿا ته محمد تغلق پلو مڇي کاڌي جنهن ڪري سندس طبيعت خراب ٿي پيئي، علاج لاءِ گهڻا حڪيم آيا پر ڦَڪين فرق نه ڪيو ۽ اهڙيءَ ريت 21 محرم، 20 مارچ 1350ع ۾ هن جي ساه جي تند هنن پٽن تي ٽٽي پيئي ۽ گڏوگڏ سومرن سردارن جي ڀاڳن جي آسمان تي چمڪندڙ بادشاهي جي چنڊ کي به گرهڻ لڳو ۽ سومرن جي صاحبيءَ وارو زمانو پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو.

هر زماني جُون پنهنجون خوُبصورتيون ۽ بدصوُرتيون هجن ٿيون، ڪجهه زمانن جي جهولي ۾ مثبت عملن جا سُرها گل وڌيڪ هجن ٿا ۽ ڪجهه زمانن جي جهولين ۾ ڪنڊن جا ٿوهر گهڻا هجن ٿا، بس نصيب نصيب جي ڳالهه آهي. پاڻ جيڪڏهن تعمير جي حوالي سان هڪ سراسري جائزو وٺون ته، موهن جي دڙي ۽ هڙاپا کان وٺي ٻارهين صدي عيسوي جي آخر تائين فن تعمير جي پنجن هزارن ورهن تي مشتمل هڪ شاندار تاريخ موجود آهي. تاريخ جي وَرقن مان خبر پوي ٿي ته، آرين جي اچڻ کانپوءِ، فن تعمير تي ماٺار ڇانئجي ويئي، انهيءَ جو بنيادي سبب اِهو هو جو، آريا مقامي ماڻهن کان وڌيڪ تيز مزاج، هٿياربند ۽ ويڙهُو هئا. تيرهن سو کان پنج سو قبل مسيح تائين مٽيءَ مان ٺهيل سرن ۽ ڪاٺ مان عُمارتون جُڙنديون رهيون جن جو هاڻي ڪو نالو نشان ڪونه ٿو ملي. ’اشوڪ‘ جي زماني ۾ تعمير جي هُنر کي هڪ نئون رستو ۽ حياتي ملي، انهيءَ زماني ۾ نازڪ گُلن ٻُوٽن جي سنگتراشي جو فن پنهنجي ڪمال تي پهتو.

ڊاڪٽر احمد حسن داني لکي ٿو:”سنڌ، هندستان جو اُهو حصو رهي آهي جتي انساني تهذيب سڀ کان پهرين پنهنجي اک اوپٽي. جيئن ته سنڌ ۾، ٻُڌ مت، جين مت ۽ برهمڻ سماج جا اثر موجود هئا ان لاءِ انهن سڀني جو اثر اسلامي فن تعمير تي به پيو. اسين جيڪڏهن قديم مسجدن جي تعمير کي گَهرائِيءَ واري اَک سان ڏسون ته انهن ۾ اسانکي تُرڪي، ايراني، مصري توڙي هندوستاني تعمير جو اثر چٽيءَ طرح نظر ايندو…“

ٺٺي کان حيدرآباد وڃڻ واري رستي تي جڏهن آئون 35 ڪلوميٽر پنڌ ڪري اُن جابلو ٽڪري تي پهتس جنهن جي ڏکڻ ۾ سونڊا جو ننڍڙو شهر ۽ اُتر ۾ سونڊا جي نالي سان مشهور وسيع قبرستان آهي، هزارين قبرون آهن جيڪي هئڊي رنگ جي پٿر ڪري سڀ هڪ جهڙيون ڏسڻ ۾ اَچن ٿيون، اُها ٻي ڳالهه آهي ته هر قبر جو درد پنهنجو آهي..خبر ناهي ته ڪيترن تَتل ڪاڙهن، بَرساتن، بَهارن ۽ سياري جي ٿڌين راتين ۾ اِهي قبرُون پنهنجون اکيون پُوري اِتي ئي آرامي آهن ۽ انهن قبرن تي نازڪ نفيس ۽ پنهنجي خُوبصورتيءَ ۾ لاجواب پٿرن تي ڪيترا منظر تراشيل آهن، جن کي هيل تائين لکين اَکيون ڏسي چُڪيون آهن، سنگتراشيءَ جي هڪ ڪائنات آهي جيڪا انهن قبرن تي آباد آهي.

P-02

هَر قبر پَنهنجي ڪٿا پاڻ ٻُڌائي ٿي، بس اوهان وٽ دِل سان ٻُڌڻ وارا ڪَن ۽ اکيون هئڻ کپن جيڪي صدين تائين ڏسي سگهن. قبر کي ڏسڻ سان خبر پئجي ٿي وڃي ته، قبر ڪنهن سردار، ڪنهن عورت، ڪنهن فنڪار يا وري ڪنهن جنگي جوڌي جي آهي. ڊاڪٽر غلام الانا پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو؛”قبرستان ۾ جوڙيل ڪجهه قبرن جي ڏاوڙ طرف گهوڙيسوارن جون تصويرون تراشيل آهن، جن جي هڪ هٿ ۾ ڍال ۽ ٻئي هٿ ۾ نيزو جهليل آهي، ڪجهه قبرن تي پَٽڪي نما تصوير چٽيل آهي جن متعلق مسٽر ’ڪارٽر‘ جو خيال آهي ته، اِهي قبرون سَردارن جون آهن، عورتن جي قبرن تي، کجيءَ جي ڦڙهن جون تصويرون آهن جڏهن ته ڪُجهه اهڙيون به قبرون آهن جن تي ڇهن کان ستن فٽن جا پٿرن جا پٽيا کوڙيل آهن جن مان ڪن تي گهوڙن ۽ نيزن وغيره جون تصويرون تراشيل آهن اهي قبرون شهيدن جون آهن…“

انهيءَ قسم جا سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڪيترائي قبرستان آهن، سلمان رشيد انهن بابت لکي ٿو ته:”… اسين جيڪڏهن سراسري اندازو لڳايون ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ مَڪلي، سُونڊا، جِهرڪ، راڄ مَلڪ، شاهَڪپوُر، چوڪُنڊي، ميمڻ ڳوٺ (ملير) ۽ تونگ جهڙا هڪ سو کان وڌيڪ قبرستان اسانکي ڏسڻ لاءِ ملي ويندا.“ تاريخ جا ورق اسانکي ٻُڌائين ٿا ته: ڪلمتي، جوکيا ۽ نُومڙيا (بُرفت) مُغلن جي زماني ۾ طاقتور قبيلا هئا، انهن قبيلن جو ذڪر اسانکي سَمن جي زماني ۾ به ملي ٿو..جيڪڏهن ڪلهوڙا دور تي نظر ڪجي ته، گبول، لاشاري، پنهور ۽ جاکرا به انهن جا مددگار رهيا، انهن قبيلن جي يادگار قبرن ۽ قبرستانن جي حوالي سان ڏٺو وڃي ته هي قبرستان گهڻن حوالن سان تاريخي اهميت رکندڙ آهن.

سڀ محقق انهيءَ ڳالهه تي مُتفق آهن ته، انهيءَ قسم جي تعمير جو فن سَمن جي زماني ۾ آيو ۽ اِنهي فَن تي گُجرات جي فن تعمير جو مُڪمل اثر آهي، سَمن جو زمانو فن تعمير جي حوالي سان سنڌ لاءِ هڪ شاندار، يادگار ۽ خوبصورت زمانو هو، ننگر ٺٺي توڙي مڪلي ۾ گهڻيون تعميرات انهيءَ زماني جون يادگار آهن.سونڊا جي انهيءَ قديم قبرستان جي حوالي سان منهنجي جڏهن ننگر ٺٺي جي آرڪيالاجي جي ماهر محقق ڊاڪٽر محمد علي مانجهي سان ڳالهه ٻولهه ٿي ته هن چيو:”اسين جڏهن سما دور جي ڳالهه ڪريون ٿا ته اهو ذڪر هڪ تاريخي دور جو ئي هجي ٿو، اهو ئي دور آهي جنهن سنگتراشيءَ جي فن کي هتي ڪمال جي حدن تي پهچايو، هن قبرستان ۾ توهان کي ٽن زمانن جون قبرون ملنديون.. پر هڪ ڳالهه ضرور ذهن ۾ رکڻ کپي ته هي قبرستان ڪنهن مخصوص ذات يا قبيلي جو ناهي، هتي چوطرف جيڪي قومون ۽ قبيلا آهن اُنهن جو گڏيل قبرستان آهي، هتي جيڪڏهن جنگ ۾ شهيد ٿيلن جون قبرون آهن ته عام ماڻهن جو به هي آستان آهي…“ مون ڊاڪٽر صاحب کان جڏهن هن قديم قبرستان جي ننڌڻڪپائي واري حالت بابت سوال ڪيو ته جواب آيو؛“ گهڻو وقت اڳ هتي آرڪيالاجي کاتي وارن طرفان چوڪيدار رکيل هو پر هاڻي شايد نظر رکڻ وارو ڪو به ڪونهي، ننڌڻڪا گهوڙا غيباڻا هسوار وارو قصو آهي..” ڊاڪٽر صاحب جي لفظن ۾ هڪ درد هو جنهن جي ڪيفيت مون تائين به پهتي.

P-03

سترهين صديءَ ۾ قبرستانن ۾ سنگتراشيءَ جو هي فن انتهائي تيزيءَ سان پکڙيو، پٿرن جي تختن تي گهوڙيسوارن توڙي ٻين علامتن جون تصويرون ٺهڻ لڳيون، سمن سردارن هن فن کي گجرات کان آندو، ارغونن، ترخانن ۽ بلوچ سردارن هن فن کي عروج تي پهچايو. پر اُهو ئي ٿيو جيڪو هر ڪمال سان ٿيندو آهي، ارڙهين صدي جي آخر ۾هي فن زوال جون هِڏڪيون کائڻ لڳو، سبب گهڻا ٿي سگهن ٿا انهيءَ زوال جا پر ڳالهه اتي اچي ختم ٿئي ٿي ته هن فن تي زوال جي سانجهي اچي ٿي.

مُون پنهنجي زندگيءَ جا جيترا به ڏينهن، صُبح ۽ شامون انهن قبَرستانن، مُقبرن ۽ قلعن ۾ گذاريون آهن، پوءِ اُهو سخت سيارو هجي يا جُون جولاءِ جون ساهه ٻُوساٽيندڙ گرميون، آئون جڏهن به اِنهن ماڳن تي آيو آهيان، مون پاڻ کي هڪ عجيب سحر واري ڪيفيت ۾ محسوس ڪيو آهي. آءٌ سوچيان ٿو، جڏهن هي منظر تِراشجڻ واري عمل مان گُذري رهيا هوندا اُن وقت اُن سنگتراش جي چهري جي ڪيفيت ڪهڙي هوندي؟ اُن سَمي موسم ڪهڙي هوندي؟ ڪيتري خاموشي هوندي جنهن جا ٿوهر حد نگاه تائين ڦُٽندا هوندا؟ اُن سَمي ڪهڙا پکي ٻوليندا هوندا ۽ شهر جي گهٽين ۾ سياست متعلق ڪهڙيون ڳالهيون گردش ۾ هونديون!؟ هي فقط قبَرستان،مُقبرا يا قلعن جا آثار ناهن بلڪ انهن ۾ صدين جي موسمن ۽ شورشن جون ڪِيهون قيد آهن ۽ اِنهن جي وجُود ۾ هڪ سَحر لڪيل آهي جيڪو اوهان کي مُسلسل پاڻ ڏانهن ڇِڪيندو رهي ٿو ۽ اَسين انهيءَ سحر ۾ مَدهوش ٿي مُسلسل اتي ايندا رهون ٿا..اِهو سَحر اَسان جو عظيم ماضي آهي جيڪو اسانکي ڀلي نظر نه به اچي پر اِن سان اَسانجو هڪ اڻ ٽُٽ رشتو آهي جنهن کي اسين پاڻ کان الڳ نٿا ڪري سگهون.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو