Home / پروفائيل / سچل جنجهي، ٿر ۾ تعليم لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ڪردار!
above article banner

سچل جنجهي، ٿر ۾ تعليم لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ڪردار!

 نور  احمد جنجهيWriter

 ٿر ۾  سائين سچل، چند اُنهن فردن مان آهي جن جو ٿرجي تعليمي تحريڪ ۽ جاڳرتا ۾ انتهائي اهم ڪردار رهيو آهي. ايڪڙ ٻيڪڙ اسڪول ته ڪافي  ڳوٺن ۾ اڳ ئي موجود هُئا. پر سائين سچل ،جيئن جنجهي ۾ تعليمي ماحول قائم ڪيو، تنهن جو مثال باقي ٿر م ڪٿي به نه ملندو. ٿر ڇا شايد گهڻي پٽ ۾ اِهڙو ڪو هنڌ ورلي لڀي جتي ڪنهن غريب مسڪين ماستر ماڻهو، بُحراني زندگي ڪاٽيندي، ايئن اسڪول وسيلي تعليم قائم ڪئي هُجي. سرندي پُڄنديءَ وارن ماڻهن لاءِ اِهو ڪم ته ڏائي هٿ جو کيل آهي. پر هڪڙي نوڪري پيشه ماستر لاءِ بي مُندائتا ميوا آڻڻ جي برابر آهي. سائين سچل جي اِن تعليمي وڻ جي ڇانو ۾ سوين نه پر هزارين خاندانن پنهنجا آهيرا  اڏيا ۽ اڄ تائين ان گهاٽيءَ ڇانوَ ۾ سندن اولاد سک جا بي اونا ڏهاڙا گذار يندي، سائين سچل جي روح کي دُعائون ڏيئي رهيو آهي، سائين جي انهيءِ علمي آکاڻيءِ جووستار ڪرڻ کان اڳ اچو ته سندس حياتيءَ جي هڪڙي جهلڪ ڏسندا هلون.

ڳوٺ جنجهي، ڇاڇري تعلقي جي وڏن ڳوٺن مان هڪ آهي جنهن کي “جنجهين جو تڙ ”۽ ڍاٽڪيءَ۾ “جنجهان رو تڙهو” چون ٿا. سائين سچل انهيءَ ڳوٺ۾ سيپٽمبر جي پنجين تاريخ سال 1922ع ۾ الهڏني المعروف ڏني جنجهيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. مائٽن سندس نالو سچل رکيو جيڪو پوءِ ڪڏهن “ماستر سَچُو” ته ڪڏهن“ سائين سچل” سڏجڻ لڳو. اِن قسم جا نالا رکڻ پويان سنڌي ماڻهوءَ جي چڱائيءَ وارن قدرن سان اڻ ٽُٽ وابستگي نظر اچي ٿي جو هُو پنهنجي اولاد کي به سچل ڏسڻ چاهين ڇاڪاڻ ته سندن گُمان آهي ته وڌيڪ اثر نه ٿيو ته به نالي جو چاليهون حصو شخصيت تي اثر ٿئي ٿو. سائين سچل ابتدائي  تعليم پهريائين “ڪانڪهيئي” جي ڳوٺ ۾ ۽ پوءِ گُل محمد تڙ ۾ ماستر گل محمد رند ۽ شير محمد رند وٽ حاصل ڪئي. جتي چار درجا پاس ڪرڻ کان پوءِ، سائين سچل، ڳوٺ واگهي جي ويري ، پڙهڻ لاءِ ويو جتي سندس اُستاد، محترم عبدالصمد سنگراسي هو جيڪو پاڻ به انتهائي لائق فائق اُستاد هو. سندن والد الهڏنو کيس ڳوٺان هر روز ماني پهچائڻ ويندو هو. اسڪول ۾ سچل جي سُڃاڻپ جلدي ۽ سٺي نموني بيت برزبان ياد ڪندڙ شاگرد طور ٿي ويئي. قرآن شريف جي تعليم سائين سچل پهريائين حاجي الهداد جنجهي جي والد حافظ ميگهه کان ۽ تنهن کان پوءِ ڳوٺ راوتسر جي مولوي عبدالحق کان پرائي. ميان عبدالحق رحمته الله عليه جي صحبت  هيٺ  منجهس خدمت خلق جو جذبو بيدار ٿيو.  سنڌي فائنل جو امتحان، سائين سچل 1944ع  ۾ پاس ڪيو ۽ پاڻ پهرين آڪٽوبر 1945ع  تي  پڙهائڻ جهڙي پيغمبري پيشي سان لاڳاپجي ويا. اپريل 1949ع تي سائين سچل اُستادن جي سکيا واري اداري ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ داخلا ورتي ۽ 1951ع ۾ ڪاليجي سکيا مڪمل ڪري واپس آيو اُن وقت ڪاليج جو پرنسپال نامور تعليمدان محترم  غلام حسين جعفري هو. اهڙي طرح سائين سچل تربيت يافته اُستاد ٿي واپس پنهنجون خدمتون سر انجام ڏيڻ لڳو. 70ع واري ڏهاڪي دوران سندس گهر تي ڇاپو لڳو ۽ ڪُجهه گهر ڀاتين سميت گرفتار ٿيو ۽ سندس گهر مان اٺن آنن ۾ خريديل ڪتاب “هيمو ڪالاڻي” هٿ آيو. مٿس ڪيس داخل ٿيو جنهن ۾ ضمانت ڪرايائين.

P-01

1971ع واري پاڪ ـ هند جنگ دوران سائين سچل اباڻا اجها ڇڏي، اسلام ڪوٽ کان اولهه طرف ڳوٺ راڻا ترائيءَ ۾ اچي پڊوسايا جتي ڪُجهه وقت رهي، پنهنجي ڀائرن کي آباد ڪري، پاڻ وري سنڌ جي “دل” جهڙي شهر حيدرآباد ۾ اچي موجود ه سچل سرمست آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج پويان پاڙي ۾ رهيو.

 سائين سچل کي  اولاد جي روپ ۾ ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءَ پيدا ٿيا. ٽيئي پنهنجي ميدان ۾ نام ڪٺا ثابت ٿيا آهن. سندن وڏو فرزندڄام ساقي ڇاڇري جهڙي ننڍڙي شهر جي هاءِ اسڪول ۾ سائنس ۾ داخلا نه ملڻ باوجود دنيا جو وڏو ليڊر  ٿيو ، دنيا ۾ بازاري معيشت واري مافيا روس کي ٽڪرا ٽڪرا نه ڪرائي ها ته ڄام ساقي پاڪستان جي وڏي اڳواڻ طور دنيا ۾ ڇوڙيون نبيريون ڪري ها، هن  2018 ع ۾ لاڏاڻو ڪيو آهي .  سندس سياسي ڪَٿَ اهڙي ته تُز هوندي هئي جو  جڏهن پاڻ سياست تي راءَ ڏيندو هو  ته وڏن وڏن جا ڍڪر وڄي ويندا هئا . جمهوريت ۽ ترقي پسندي لاءِ سندس ڪيل خدمتون برصغير جي سياسي تاريخ جو سُنهري باب آهن .سندن ٻيو فرزند محمد سلطان ڊاڪٽري جي شعبي سان وابسته آهي ۽ ٻارن جوڊاڪٽر آهي. غريب غربي جو هڏڏوکي آهي، اوکي سوکي  ۾ هيڻن جي سار لهندڙ آهي ۽ خاموشي سان  خدمت ڪندڙ آهي. سائين جي اڪيلي ڌيءَ “مارئي” استاديءَ جي پيشي سان لاڳاپيل آهي ۽ سائين ڳوٺ ۾ جڏهن ڇوڪرين جي اسڪول کولرايو ته مثال قائم ڪرڻ لاءِ پهريائين پنهنجي ڌيءَ کي ان ۾ داخل ڪرايو.   هاڻي موٽون ٿا سائين سچل جي وڏي ۽ اهم ڪارنامي يعني جنجهي هاءِ اسڪول ڏانهن، جنهن ڪري اڄ ڪيترائي ماڻهو انتهائي وڏن عهدن تي فائز آهن ۽ هزارين خاندان پنهنجي مڇي ماني ۽ رٻ روٽيءَ وارا آهن.  ڳوٺ ۾ هلندڙ پرائمري اسڪول ۾ سائين سچل 1960ع ۾ انگلش ڪلاس کولرايو، جتي پهريون استاد بختاور سنگهه ٺڪرمقرر ٿي آيو ۽ انهن ڪلاسن جي شروعاتي شاگردن مان سنڌ جو ناميارو صحافي سهيل سانگي به هڪ آهي. 1961ع ۾ نئين پاليسي تحت اسڪول جو درجو وڌائي مڊل  اسڪول ڪيو ويو ۽ 1974ع ۾ ترقي ڪندي ،اسڪول، برانچ هاءِ اسڪول طور ڪم ڪرڻ لڳو، جنهن جي ڪارڪردگي کي مدنظررکندي، سرڪار سڳوريءَ مهرباني ڪندي 1979ع ۾ هاءِ اسڪول جو مڪمل درجو ڏنو پر اسڪول کي ڪا به سرڪاري عمارت نه هئي ۽ سائين سچل ڳوٺاڻن جي سهڪار سان خانگي عمارتن ۾ اهو اسڪول هلارائيندو هو. نيٺ جڏهن هاءِ اسڪول جي عمارت منظور ٿي ته معاملو ان هنڌ اچي ڦاٿو ته ڪو به پلاٽ ڏيڻ لاءِ تيار نه ٿئي، سڀني سرنديءَ وارن موقف اختيار ڪيو ته اسڪول جي عمارت ٻئي ڪنهن هنڌ شفٽ ٿئي ته ڀلي ٿي وڃي پر اسان وٽ ڪو به پلاٽ ناهي، تڏهن سائين سچل ڏونري تي هٿ هڻي چيو، ”زوراور! منهنجي اباڻي ٻني سروي نمبر 44 ڳوٺ جي آسپاس آهي، اِها آئون اسڪول لاءِ عطئي طور ڏيان ٿو ۽ کاتو لکي سمورا حق اسڪول کي منتقل ڪريان ٿو.“ اِها ٻني به سائين جي والد صاحب ڪنهن دور ۾ 60 روپين ۾ ٻاراچن کان ورتي هئي.

ايئن سائين سچل پنهنجي واحد غير منقوله جائداد جي قرباني ڏئي، اسڪول جي ٺهيل موجوده عمارت کي منتقل ٿيڻ کان بچائي ورتو. هر ڪنهن ماڻهوءَ جي همت ناهي ته تعليمي ادارن لاءِ پنهنجي زمين سڀ جي سڀ ارپي ڇڏي پر سچل سمورو سچ هو ۽ کيس پنهنجي مقصد سان عشق هو، اٽوٽ وابستگي هئي. ان جذبي کيس سڄي عمر جوان، تازو توانو ۽ نوبنو رکيو. پاڻ تعليم لاءِ تمام وڏا وڏا ڪم ڪندو رهيو. اسڪول جي شروعاتي ڏهاڙن جي يادگيري بيان ڪندي مشهور صحافي سهيل سانگي هيئن بيان ڪري ٿو ته اسڪول لاءِ شروع ۾ جڏهن ڪکايون لانڍيون ٺاهڻ لاءِ وڃي ميدان ۾ پهتاسون ته ڳوٺاڻن سخت اعتراض واريو، جنهن تي سائين سچل جو والد “ڏنو” مرحوم پاڻ سڀني ننڍڙن شاگردن کي گڏ ڪري لٺ کڻي پڙ ڪڍي بيٺو ۽ للڪاريندي سڀني کي چيائين ته اسين اسڪول اڏيون ٿا توهان کي موڪل آهي وڻي جيڪي ڪريو، اسان کي هتان ڪير به مرڻ مارڻ کان سواءِ هٽائي نه ٿو سگهي. اسين هن اسڪول لاءِ پنهنجي رت جي قرباني ڏيڻ لاءِ به يار آهيون، پوءِ انهن لانڍين ۾ سائين سچل پاڻ ڇيڻو گڏ ڪري اڱڻ وجهندو ۽ راڳو ليپو ڪندو هو. هينئر ته گڏهين گج وڌا آهن، هر ڳوٺ ۾ وستيءَ ۾ رڳو اسڪول ئي اسڪول آهن پر تعليم غائب آهي.هاءِ اسڪول ٿيڻ کانپوءِ،ماڻهو پنهنجي ٻارن کي هاءِ اسڪول جنجهي موڪلڻ لڳا.

ائين ٻاهران ايندڙ ٻارن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌندو ويو. انهن سڀني ٻارن جي مناسب  رهائش لاءِ سائين سچل هڪڙو فارمولو جوڙيو ته جنهن جا جيترا ٻار اسڪول ۾ پڙهن ٿا اهو پنهنجي ٻارن سان گڏ اوترن ئي ٻاهرين ٻارن کي رهائيندو ۽ جهڙو پاڻ کائيندو اهڙو ئي ٻاهرين ٻارن کي کارائيندو پياريندو. ان کان پوءِ به جيڪي ٻار بچيا تن کي سائين سچل پنهنجي گهر رهايو جن لاءِ سمورو کارائڻ ۽ پيارڻ جو انتظام سندس گهر واري مرحومه مينهن ٻائي ڪندي هئي ۽ ان حد تائين جو جيڪي شاگرد اگهائي سگهائي ۾ يا عادتا بستري ۾ پيشاب ڪري ڇڏيندا هئا ،تن جا ڪپڙا به پاڻ هٿن سان ڌوئيندي هئي. سڄي ڳوٺ ۾ رهندڙ شاگردن جي نظرداري سائين پاڻ ڪندو هو ۽ پوءِ جڏهن اِهي ٻار خيرن سان ميٽرڪ پاس ڪري وٺندا هئا ته کين اڳتي داخلا وٺي ڏيڻ ۾ مدد ڪرڻ ۾ به سائين پيش پيش هوندو هو .

ان حد تائين جو انهن مان ڪي غريب مسڪين ڇوڪرا پروفيشنل ڪاليجن ۽ ٻين ادارن ۾ ويندا هئا ته سائين سچل مختلف ماڻهن جي سهڪار سان انهن شاگردن جي مالي مدد به ڪندو هو، اهڙي طرح اسڪول ۾ پڙهائيندڙ استادن جو به هر طرح خيال رکندو هو ۽سڀني کي انتهائي تاڪيد ڪندي چوندو هو ته زوراور متان ڏسو ڪنهن استاد کي ڪو ايذاءُ ۽ اهنج نه رسي نه ته مون کان “بُڇڙو ماڻهو نه ڏسندو!”. تعليمي ميدان ۾ هيڏيون ساريون خدمتون سر انجام ڏيندڙ  سائين سچل کي ڪِن سياسي ترجيحات جي ڪري ضلعي بدر ڪندي، پهريائين چوڌري عنايت الله،پوءِ  پرائمري اسڪول عارف ڪاڪا تعلقو حيدرآباد ۽ ان کان پوءِ جرار ٿيٻو تعلقي ٽنڊو الهيار ۾ مقرر ڪيو ويو. سائين ايتريون بدليون ٿيڻ باوجود نه مايوس ٿيو نه ورچي ويٺو، بقول لطيف سرڪار جي :

جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي،

سو جتي ويو اتي اسڪولن کي ترقي وٺرائڻ ۽ پوسٽ آفيس کولرائڻ، سائين سچل جي سرگرمين جو مکيه محور رهندا هئا. پوسٽ آفيس کولرائي، ان کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ پاڻ لفافا وٺي مختلف دوستن ڏانهن خط لکندو هو جيئن پوسٽ آفيس بند نه ٿي وڃي .ان عرصي دوران ڪامريڊ ڄام ساقيءَ کي حڪومت ڪاٺ ۾ قابو ڪيو ته سائين سچل جي  ڪُلهن تي ڄام جي ننڍڙن ٻارن جي پرورش جي ذميواري به اچي ڪڙڪي ،پر سائين انهن ٻارن کي انتهائي شفقت ۽ محبت سان سانڍي، کارائي پياري وڏو ڪيو. سجاد ظهيرا نجنيئر آهي ۽ بختاور ڊاڪٽرياڻي آهي، اها هئي سائين سچل جي همت جنهن اهڙين اڻوڻندڙ ۽ اعصاب شڪن حالتن ۾ به همت نه هاري ۽ ڪُتن جي ڀونڪڻ باوجود فقير پنهنجي رُخ ۾ رمندا رهيا. سائين سچل نه رڳو سٺو استاد، لگن رکندڙ سماجي ڪارڪن، شفيق مائٽ هو پر ان  سان گڏوگڏ ِ سائين سچل انتهائي ظريف طبيعت رکندڙ انسان به هو. هونئن ته ڪنهن کي ڪجهه ڪين چوندو هو پرجيڪڏهن کيس ڪوئي ڇيڙيندو  هو ته پوءِ ان جي جواب ۾ مڙئي اهڙي هڻي ڇڏيندو هو، جو سامهون وارواُها ڳالهه سڄي عمر ياد ڪندورهندو هو.جڏهن ڄام ساقيءَ تي ملٽري ڪورٽ ۾ ڪيس هلندو هو، محترما بينظير ڀٽو شهيد، غوث بخش بزنجو ۽ ولي خان جهڙا نامور سياستدان بچاءَ جا شاهد هئا. سائين سچل به شنوائي واري ڏينهن ويندو هو جيئن پنهنجي پٽ سان ملي سگهي. پهريون دفعو ويو ته سادي لباس ۽ ٽٽل چپل ۾ ڏسي حاضرين مان ڪنهن  پڇيو ته هي پوڙهو ڪامريڊ جو ڇا ٿو ٿئي. سائينءَ کي به اِها چُنگ اُهنجي محسوس ٿي سو ٺهه پهه چيائين ته “ڪامريڊ ! ٻيو ته آئون ڪي ڪين ٿو لڳان باقي سندس والده سان  منهنجو نڪاح ٿيل آهي،“ تنهن تي ولي خان وارا ته سمجهي ويا پر چوندا آهن ته “جهڙا ڪانو تهڙا ٻچا”، سو ڪامريڊ ڄام جي حس ظرافت ڀڙڪو کاڌو ۽ پاڻ نهايت ادب وچان گستاخي معاف ڪرڻ لاءِ عرض ڪندي لاءِ عرض ڪندي ٺهه ڦهه وراڻيائين ته “بابا سائين اِهو قرض ڏاڏو اڳ ئي لاهي چڪو هو” ۽ ائين محفلزعفران زار بڻجي ويئي.

ٻيو دفعو جڏهن سجاد ظهير کي ڌاڙيلن اغوا ڪيو ته ڄام صاد ق علي جو دور هو. چون ٿا ته سائين چيو ابا منهنجي ڄام صادق علي صاحب سان ڳالهه ڪرايو ته کيس سجاد لاءِ عرض ڪريان. سو فون ملائي ڏنائونس ته مخاطب ٿيندي ئي فارسي جو هي شعر پڙهيائون.

                  گُرگ ميرو سگ وزير و مُوش ديوان مي شود،

                     زاغ   ضابط  خر تنابي، مُلک ويران مي شود،

يعني جتي بگهڙ بادشاهه، ڪتو وزير۽ ڪوئو وڪيل هوندو، ڪانءُ ضابطو رکندڙ ۽ گڏهن نگهباني ڪندڙ هوندو ته ملڪ ويران نه ٿيندو ته ٻيو ڇا ٿيندو، تنهن تي ڄام صادق عليءَ کيس دلداري ڏيندي چيو بابا وڏي دل ڪر تنهنجو پٽ جلدي تو کي ملندو. پوءِ سجاد ظهير ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ٿي جلد ئي موٽيو.  اهڙيءَ طرح انيڪ واقعا آهن جيڪي سائين سچل جي زنده دلي، حاضر جوابي جو چٽو ثبو ت آهن. سائين سچل سڄي ڄمار تعليم ۽ غريبن لاءِ ِ جاکوڙيندو رهيو ۽ عمر جا آخري ڏهاڙا حيدآباد ۾ اچي پنهنجي اولاد وٽ رهيو. سندس ۽ سندس گهر واري جي پينشن مان ٻنهي پٽن (ڪامريڊ ڄام ساقي ۽ محمد سلطان) کي گهر اڏائي ڏنائين ۽ آخري عمر ۾ کيس گردن جي تڪليف ٿي پئي جنهن ڪري پاڻ 31 ڊسمبر ڇنڇر جي ڏينهن صبح سويل 1991ع ۾ حيدرآباد ۾هن فاني جهان کي الوداع چيائين. سندس آخري آرامگاه  حيدرآباد جي بابن شاهه واري قبرستان ۾  آهي . مٿس شل الله جي رحمت هجي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو