Home / اسپيشل افيئر / سچل ۽ رومي جي شاعري: غير مشروط محبت جو اظهار
above article banner

سچل ۽ رومي جي شاعري: غير مشروط محبت جو اظهار

شبنم گل

Shabnam Gul

فطرت ۽ ڪائناتي شعور اِهي ٻه اهڙيون فڪري ڌارائون آهن جيڪي انسان جي باطني اک کي روشن ڪري ڇڏين ٿيون. فطرت جي مظهرن وٽ هڪ الهامي رويو ملي ٿو، برسات کان اڳ ۾ گُهٽ، ٻُوسٽ برسات جي اڳڪٿي هوندي آهي. فطرت جي زندگي ۾ هم آهنگي، رابطو ۽ برداشت نظر اچي ٿو، جنهن کان پوءِ انسان تي ڪائنات جي سمجهه جا بند دروازا کلندا وڃن ٿا. اِهو سڀ ڪجهه ماوراءِ جماليات جي شعور جو مظهر آهي، تصوف يا صوفي ازم جي ڳالهه ڪئي ويندي آهي ته ان کي فطري يا فلسفي جي طور تي سماجي زندگي سان سلهاڙيو ويندو آهي ۽ ان جو روحاني توڙي ماوراءِ پهلو نظرانداز ڪيو ويندو آهي. روحانيت به روز مرهه جي سوچ سمجهه جو رد عمل ئي آهي. صوفي جو علم سمجهه ۽ مشاهدي تي ٻڌل آهي. هُو روز مرهه جي زندگي کان گهڻو ڪجهه سِکي ٿو، فطرت سندس لاءِ کليل ڪتاب وانگر آهي. فطرت جو پنهنجو الڳ رويو آهي، مختلف عنصرن وچ ۾ هڪجهڙائي هوندي آهي، فطرت اجتماعيت جو اظهار آهي، گڏجي سڏجي رهڻ ۽ ٻين کي رستو ڏيڻ فطري زندگي جو سونهري اصول آهي. فطرت جا رستا متضاد برابر هجن ٿا پر انهن ۾ گهري معنيٰ موجود هوندي آهي.

حضرت سچل سرمست ۽ مولانا جلال الدين رومي جي شاعري ۾فطرتي زندگي جا نوان رُخ دريافت ٿيندي نظر اچن ٿا. توهان جي سوچ کي ڪو نه ڪو مثبت رُخ ملي ٿو، ڪا اهڙي سچائي اڳيان اچي بيهي رهي ٿي جنهن کان اسان اڻ واقف آهيون. ٻنهي شاعرن جي سوچ ۽ خيال ۾ فطرت جو قانون راڄ ڪري ٿو. اِها بين الاقوامي سچائي ۽ فطري حقيقتون زندگي جو نچوڙ سڏجن ٿيون. سچل جي شاعري، رومي جي تخيل وانگر ڪارڻ ۽ اثر جي حقيقت جي چوڌاري سفر ڪري ٿي. ان جو اظهار سچل جي شاعري ۾ ملي ٿو.

P-01

اهو فڪر جہ ارتقائي سفر آهي جڏهن شيون رنگ بدلائينديون آهن ته اُهي بنياد کان اڳتي سفر ڪنديون آهن پر انسان هر فائدي جي شئي ياد رکندو آهي ليڪن پنهنجو نج پڻو کانئس وسري ويندو آهي. سوال اِهو آهي ته ڪير پنهنجي بنياد جي ڪيترو ويجهو بيٺو آهي. پنهنجي بنياد کان هٽيل هر شئي کوکلي آهي ۽ پنهنجي اهميت وڃائي ويندي آهي. خالص سوچ، زميني حقيقتن جي ويجهو هوندي آهي، زمين جي ويجهڙائپ عملي سوچ عطا ڪندي آهي، بنجر زمين ۾ گل ناهن ڦٽندا جڏهن ته زمين جي زرخيزي نگهباني جي طلبگار هوندي آهي، زرخيز زمين جي سار سنڀال نه ڪئي وڃي ته اها بنجر زمين سڏبي. ان لحاظ کان خيال انسان جي عمل جي نگهباني ڪن ٿا. رومي جي بقول “ڪائنات جي هر شئي انسان جي اندر جنم وٺندي آهي، ان کي پاڻ کان سوال ڪرڻ گهرجي، کيس بهتر جواب ملندو.”

انسان جو زوال ان وقت شروع ٿيندو آهي جڏهن هو ماحول کان لاتعلق ٿي ويندو آهي. وجود جي هم آهنگي ان وقت ممڪن آهي جڏهن انسان پنهنجي اندر تعلق جي روشني محسوس ڪري. سچل وانگر رومي جو لهجو به ڪنهن به مصلحت کان مٿانهون آهي؛

پھول خزاں سے خوفزدہ ہیں

مگر تم ایک بے خوف گلاب ہو

جو یخ بستہ ہواؤں میں مہکتا ہے

خوف هڪ منفي جذبو آهي جيڪو سوچ جو جمود آهي، بي يقيني جو سرچشمو آهي جيڪو بدگماني جو اظهار ڪري ٿو، ڪوڙ جي پاڙ آهي ۽ فريب جو ثمر آهي، لاتعلقي جي اونداهي اُن سان گڏ هلندي آهي، سچل سرمست منفي روين خلاف مستقل آواز اٿاريندو رهيو، سنڌ واسين کي خبردار ڪندو رهيو ته پُرفريب خيالن ۽ وهمن کان ٻاهر نڪري اچو، اجايون ڳالهيون حقيقتن کان پري ڪري ڇڏينديون آهن. ذات جي خوداعتمادي ۽ منطقي سوچ نجات جو رستو آهن، پنهنجو پاڻ تي ڀاڙيندي اڳتي وڌو، اندر جو آواز توهان جي رهنمائي ڪندو. اِهو اندر جو آواز ئي توهان کي راهه ڏيکاريندو، سچل چوي ٿو ته “جسم گهر وانگر آهي، جيڪو ڏسڻ ۾ خوبصورت آهي، اهو گهر بُت خانو آهي جتي خواهشن ۽ نظرين جا تمام گهڻا بُت رکيل آهن، اُن بت خاني کي ڀڃي ڀورا ڪر، روح سِپيءَ ۾ بند موتي وانگر آهي، روح جي خوبصورتي وڌيڪ اثرائتي آهي، ذات جي نفي سان عرفان حاصل ٿيندو آهي ۽ سوچ سمجهه جا بند دروازا کلندا ويندا آهن. هجڻ جو ضد مڃرائڻ جي ڌُن سموري فساد جي پاڙ آهي.”

P-02

رومي پاڻ کي فطرت جو حصو سمجهي ٿو، فطرت کيس ذات جي فريبي رستن تي هلڻ کان روڪي ٿي، کيس لامحدود ڪري ڇڏي ٿي. فطرت آزاد ۽ بيباڪ آهي. رومي جو چوڻ آهي ته “هڪ ڪهڪشان آهي جيڪا سندس ذهن ۾ گهمي رهي آهي. اهو ذهانت جو ارتقائي عمل آهي جتي خيال جي زرخيز زمين آهي، خيال عمل جي آبياري ڪندو آهي، خيال ئي تصور کي جنم ڏيندو آهي ۽ اهو تصور حقيقت ۾ بدلجي ويندو آهي. شاعر جو احساس پاڻ کي ڪڏهن صبح جي دنڌ ۾ ويڙهيل محسوس ڪندو آهي ته ڪڏهن شام جي مهڪندڙ ساهن جو ترجمان. ڪڏهن هوا جو خوشبودار جهوٽو بڻجي وڻن جي مٿان ترڻ لڳندو آهي، ڪڏهن لهر جيڪا جبل سان ٽڪرائبي آهي اِها بي خودي کيس ڪائنات جي خالق تائين وٺي ويندي آهي.

ڪانٽ، ماوراءِ جمالت جي ڳالهه ڪري ٿو ڇو ته حُسن جو هر پل غير فاني احساس رکندڙ آهي. انڪشاف بذات خود معجزاتي محرڪ رکندڙ آهي، انڪشاف ذهن ۽ روح جي شفافيت جو رد عمل آهي، شفافيت، رستو نه روڪيندي آهي بلڪه فطري توانائي کي رستو ڏيندي آهي، وليم ورلڊز ورٿ، وليم بليڪ، حافظ، شاهه لطيف لفظ جي سچائي ۽ طاقت جا معترف آهن، جيڪي ذهن جي وحدت سان جلا حاصل ڪن ٿا.

سچل سرمست لاءِ عشق بنا ڪناري حسن جو مظهر آهي، اِهو خيال فڪر جا لامحدہد زاويا عطا ڪري ٿو ۽ وجود جي وحدت جي هنر کي وڌائي ٿو. خوبصورتيءَ سان مستقل منهان منهن هججي ته نظر کي پرک جي ڪا ڳڙکي ملي وڃي ٿي، اِها پرک فطرت جي زندگي جي گونا گون پهلو اڳيان کڻي اچي ٿي پر محبت جي نظر ڌهيمي ۽ تنقيد کان مٿانهين هوندي آهي. تنقيدي طور تي جاچڻ يا پرکڻ مشروط رويو آهي جيڪو محبت کي متضاد بڻائي ٿو، محبت غير مشروط ٿيندي آهي جنهن جا ڪيترائي روپ ۽ حوالا آهن، جيڪي مستقل ڌيان چاهين ٿا. رومي انسان کي اَنا جي حال کان ٻاهر نڪرڻ جي راهه ڏيکاري ٿو. سچل به ٻهروپيت مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ درس ڏي ٿو. حقيقت ۾ ٻهروپيت ماديت پرستي جو وکر آهي، مادي پرستي آدم کي هستي جي توهين سيکاري ۽ انسان کي روح جي خالص پڻي کان پري ڪري ڇڏي ٿي. انسان کي زمين تي گهلڻ سان اَنا کي تسڪين ملڻ لڳي، ان جو وهندڙ رت اَنا کي اطمينان بخشڻ لڳو، انهيءَ جو زوال دلين کي خوشي مهيا ڪرڻ لڳو. اسان بُلي شاهه، لطيف ۽ سچل کي وساري ويٺاسين، ماديت پرستي جي ڄار ۾ ڦاٿل انسان روح جي تقاضائن کان منهن موڙي ويو ۽ خود فراموشي جي عالم ۾ ڪٿي گم آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو