Home / سياسي افيئر / شاهه لطيف جو فڪر ۽ سنڌ جا سياسي ڏاها!
above article banner

شاهه لطيف جو فڪر ۽ سنڌ جا سياسي ڏاها!

محمد قاسم مير جت

Writer

سال 2018ع موڪلائڻ وقت 27 ڊسمبر تي محترمه بينظير صاحبه جي شهادت ٿي جنهن جي پيپلز پارٽي ورسي ملهائي. نئين سال 2019ع جي جنوري مهيني ۾ اسانکان وڇڙي ويل اهي سياسي، سماجي ۽ قومي اڳواڻ جن پنهنجي زندگي ۾ لکين ماڻهن جو پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪايو ۽ سندن جلسن، جلوسن، مظاهرن جي سڏ تي يا محفلن ۾ ماڻهو گڏ ٿي ويندا هئا ۽ عوام لاءِ سندن خدمت، قربانين ۽ ان سفر ۾ هلندي شهيد ٿي ويا يا زندانن ۾ عزرائيل اچي ويو يا استاد جمن جيان ٻين جو روح وندرائيندي سندن روح پرواز ڪري ويو. جنوري جي مهيني ۾ ڪيترا ڀلا ماڻهو اسانکان ڌار ٿي ويا، جي ايم سيد ۽ رسول بخش پليجي جي سالگرهه ملهائي وئي. خان عبدالغفار خان، شهيد فاضل راهو جي ورسي ملهائي وئي. هيمون ڪالاڻي جي شهادت 21 جنوري تي ملهائي وئي.

مٿي ڄاڻايل اڳواڻ پنهنجي پنهنجي وقت ۽ ماحول ۾ ڪيتريون سختيون سٺيون، ڪشالا ڪٽيا ۽ انسان هئا ڪي فرشتا نه هئا، ڇا اهي سڀ ماضي جو حصو ٿي ويا آهن ۽ انهن کي ڇڏي ڏجي ڪا نئين ڳالهه ڪجي، تازو عطا محمد ڀنڀرو صاحب فرمايو آهي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي ٿي گذريو، هاڻ ان جي ياد جي غلامي مان نڪرو ۽ اڳتي وڌو.؟! حفيظ ڪنڀر صاحب ته عمر ماروي جي قصي کي ڏند ڪٿا چئي سُر ماروي کي رد ڪيو پر ڀنڀري صاحب ته شاهه جي رسالي کي ئي رد ڪري ڇڏيو. مظلوم محڪوم ماڻهن توڙي قومن جڏهن پاڻکي ظلم، بک، بيماري، غلامي جهڙي ذلت واري زندگي ۾ جڪڙيل ڏٺو تڏهن اسان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ جڏهن وٽن ان عذاب جو ڪو علاج ڪونه هو ته هنن ماضي ڏانهن رجوع ڪيو ته ساڳين عذابن ۾ ورتل انسانن ۽ قومن ڪهڙي واٽ وٺي ڇوٽڪارو حاصل ڪيو ۽ ان ۾ ڪهڙيون غلطيون ڪيون. انهن تجربن جن ۾ لکين جانين جون قربانيون شامل آهن، انهن تجربن مان سکڻ کانسواءِ معاشرو اڄ جي ترقي يافته دور تائين نه پهچي سگهي ها.

P-01

شهيد بينظير ڀٽو جنهن جو پيءُ شهيد ٿي ويو، هڪ ڀاءُ رات گڏ ماني کاڌي ۽ ڏاڍو خوش هو، صبح خبر پئي ته گذاري ويو، ٻيو ڀاءُ جلاوطن، ان کي به مارڻ لاءِ ڪيترا دشمن ان جي پويان، بيمار ماءُ ماڻهن کي رستن تي آڻڻ لاءِ لاهور ۾ پوليس هٿان تشدد جو نشانو بڻي. پيءُ جا سينيئر ساٿي به بهانا بڻائي ساٿ ڇڏي ويا. ٻيا جنرل ضيا جي ڊپ ۽ لالچ ۾ اچي ماٺ ڪري پاسيرا ٿي ويهي رهيا، ڪنهن به طرف کان ڪو اتساهه ڏياريندڙ ماحول نه هو. پوءِ به پنهنجي پيءُ جي واٽ تي اڏول ٿي بيهي رهي. اها صورتحال عوام آڏو هئي. جيتوڻيڪ هو ماٺ هئا پر کين ڪنهن وقت اچڻ جي تاڙ هئي. پوءِ جڏهن بينظير جلاوطني ختم ڪري لاهور ايئرپورٽ تي لٿي ته انسانن جو سمنڊ اٿلي پيو. پنهنجي پيءَ جيان مخالفن سان ڄمي مقابلو ڪرڻ ۽ پيءَ جو بدلو نه وٺڻ جي خاطري تي حڪمران طبقن نه چاهيندي به عوامي دٻاءُ کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ کيس ٻه ڀيرا حڪومت ڏني. ٻئي ڀيرا کيس حڪومت جو مدو پورڻ ڪرڻ نه ڏنو ويو پر سندس حوصلي، همت، جرئت ۽ عوام سان رابطي ۾ رتي برابر فرق نه آيو. ان ڪري حڪمران طبقن بينظير کي مارڻ کانسواءِ کانئس جان ڇڏائڻ جو ڪو چارو نه هو. جڏهن کيس شهيد ڪيو ويو ته عوام بنا ڪنهن احتجاج جي سڏ ڏيڻ جي سموري ملڪ خاص ڪري سنڌ ۾ جيڪا شيءِ جتي هئي اها ڦٽل گهڙيال جي ڪانٽن جيان اتي بيهي رهي. آءٌ ان وقت جدي ايئرپورٽ تي هئس، ٽن ڏينهن لاءِ پاڪستان ڏانهن بين الاقوامي هوائي اڏامون به بند ٿي ويون. بسون، ريلون، ڪارون، جتي هيون اتي بيهجي ويون پر عوام پنهنجي ڏک، غم ۽ غصي جو بدلو بي قصور مسافرن کان رڳو ڦرلٽ ڪانه ڪئي، پاڻ اڃا بکيا روئندا پٽيندا رهيا پر مسافرن جي حفاظت به ڪيائون ۽ کين کاڌ خوراڪ به پڄائيندا رهيا.

پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو ۽ بينظير جي حياتي تائين وفاق جي علامت هئي. ٽي صوبا ڇو هٿان نڪري ويا، سنڌي به متبادل پارٽي لاءِ ڇو ٿا واجهائين؟ اهو عوام ۽ پيپلز پارٽي لاءِ هڪ سواليه نشان آهي.

سائين جي ايم سيد، سنڌ جي سياست جو يڪتا، نرالو ۽ يگانو ڪردار آهي. روايتي اقتدار خاطر سڀ قربان ڪندڙ سياستدان پر سچو پچو قومي اڳواڻ هو. ننڍي کنڊ جي جاگرافيائي صورتحال کي تبديل ڪرڻ ۾ سندس ڪردار کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. انگريزن سنڌ کي هڪ آزاد ملڪ طور فتح ڪيو ۽ 1940ع جي لاهور  ٺهراءُ موجب پاڪستان ۾ صوبا هڪ خودمختيار رياست هوندا. جي ايم سيد سنڌ کي ساڳي حيثيت ۾ بحال ٿيڻ جي اميد تي مسلم ليگ ۾ ايڏي جانفشاني سان ڪم ڪيو جو 1943ع ۾ سنڌ اسيمبلي اها واحد اسيمبلي هئي جنهن پاڪستان جي حق ۾ ٺهراءُ پاس ڪيو. وري جڏهن دهلي ۾ ورڪنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ قرارداد پاڪستان ۾ صوبن جي خودمختيار رياست واري حيثيت کي مٽائي صوبن کي انتظامي يونٽ واري حيثيت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته جيتوڻيڪ حڪومت ٺهندي نظر آئي پئي پر جي ايم سيد اقتدار جي لالچ ۾ سنڌ جي حيثيت تي ڪو سودو ڪرڻ بدران مسلم ليگ کي ڇڏي ڏنو. جي ايم سيد سنڌي عوام جي سياسي ۽ نظرياتي تربيت ڪرڻ لاءِ عملي طرح به سرگرم رهيو. سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو-ريڊيو پاڪستان حيدرآباد قائم ڪرائڻ سان گڏوگڏ لکڻ، ڪتاب ڇپائڻ جو ڪم به جاري رکيو، انهن ۾ جيڪو شاهه عبداللطيف ڀٽائي درگاهه جي فقيرن جي راڳ، سالياني سرڪاري عرس،

P-02

پهتل پير ۽ سندس بيتن جو روحاني راز يا سنڌ جي سامونڊي پٽي ڪڇ ڀڄ تائين شادي مرادي ۾ ڪچهري شاهه جي بيتن سان ٿيندي هئي ۽ ماڻهو جي مري وڃڻ تي عورتون گوڏا کوڙي لطيف جا وڇوڙي ۽ ڏک وارا شعر اوسارينديون هيون ۽ اڄ تائين اوسارين ٿيون. مگر شاهه جو شعر قومي سجاڳي ۽ ظلم خلاف بهادري سان مزاحمت ڪرڻ واري رخ کي جنهن نموني سائين جي ايم سيد پيغام لطيف ۽ بزم صوفياءِ سنڌ ذريعي سنڌين تائين پڄايو جو سچ پچ جي ايم سيد شاهه جي شاعري اسان لاءِ قومي سجاڳي ۽ رهنمائي جو در بڻجي پئي. لطيف جو هر سر ٻين معنائن سان گڏ وطن ۽ عوام جي محبت، خوشحالي جون دعائون به آهي ته غربت، غلامي، ڦرلٽ کان پنهنجي وطن ۽ عوام کي آجو ڪرڻ لاءِ اتساهه به ڏياري ٿو ۽ اڪيلي سر جدوجهد ڪندي جيڪڏهن هڻي هڻي ٿڪجي پيا آهيو ته:

ٿڪيائي ٿر ٿيلهه، چڙهه چڪيائي ڇو ٽيئين،

واجهائي وطن کي ساري ڏيان ساهه،

سورهيه مرين سوڀ کي ته دل جا وهم وسار

کامان پڇان پڄران لنجان ۽ پوڄان.

جي ايم سيد شاهه جي شاعري جو عملي مظاهرو ڪيو جيڪي سچ پاڻ جيڪي صحيح سمجهيائون ان تي پهاڙ جيئن ڄمي بيٺا. مڱ نه مڙيا، مختلف طريقن سان ماڻهن کي ميڙڻ شروع ڪيائون ڪڏهن ڪانگريس، مسلم ليگ، بزم صوفياءِ سنڌ، اينٽي ون يونٽ تحريڪ، پوءِ گهربل نتيجا نه نڪري سگهيا، ان جا ڪيترا سبب ٿي سگهن ٿا. سائين جي لائق فرزند سائين امداد محمد شاهه قاضي فيض محمد تي تاثر لکندي ٻڌايو ته قاضي فيض محمد ۽ سائين جي ايم سيد ۾ ٽي ڳالهيون هڪ جهڙيون هيون، ايماندار هئا، جذباتي هئا ۽ چار ڄڻا گڏجي کين منجهائي ويندا هئا. (ڏسو سڄڻن سار لڌي، صفحو 98)

رسول بخش پليجو انتهائي ذهين، قلم جو ڌڻي، تقرير ۾ لکن جي مجسمي کي پنڊ پهڻ ڪري ڇڏي. بک ۽ جيل جو ڏاڍو، ڪارڪن ساڻس بي پناهه محبت ڪندا هئا. ڪميونسٽ پارٽي، بزم صوفياءِ سنڌ، سنڌي ادبي سنگت، سنڌ هاري ڪاميٽي، نيشنل عوامي پارٽي، سنڌي عوامي پارٽي، ايم آر ڊي، سنڌي عوام جو قومي اتحاد، سنڌ اتحاد، عوامي نيشنل پارٽي وري قومي عوامي تحريڪ ۾ وڏي سورهيائي ۽ محنت سان جاکوڙ ڪئي. ڪڏهن ڪڏهن تخليقڪار پنهنجي ئي تخليق جو عاشق ۽ دشمن ٿيو پوي. سندس پنهنجي شعر جي سٽ “ڊاهيو پوءِ ٺاهيو” ان ڊاهه ڊوهه ۾ عمر گذاريائين.

نقش تي عاشق آپ نقاشي

جامي چانڊيو، رسول بخش پليجو کي ڀيٽا، پليجي صاحب جي تعريف ڪندي لکي ٿو“هن جي تدبيرن جو علم ۽ عمل سن زوءِ. حضرت محمد مصطفيٰ، لينن، مائو ۽ لطيف جي تصورن جو تخليقي ميلاپ هو پر ڀيٽا جي پئرا نمبر 6 ۾ لکي ٿو ته نام چومسڪي واري نهٺائي نه هئي. تنظيمي ٽوڙ ڦوڙ کي روڪي نه سگهيو، بي پناهه ذهانت ۽ چالاڪي به هن جي ذات جو حصو هئي، زندگي ۾ هر ڪنهن سان اختلاف رکيائين پر پاڻ سان اختلاف برداشت نه ڪري سگهندو هو. هو ڪنهن تي اعتبار نه ڪندو هو، ذاتي زندگي ۾ ڪنن جو ڪچو هو. تاريخ انهن تضادن جو ذڪر ضرور ڪندي پر انهن کي سندس تاريخي ڪردار مٿان حاوي ڪڏهن به ڪري نه سگهندي. (افيئر 29 جون 2019ع)

شهيد فاضل راهو ڏکي ڏيهه جو هڪ ڏاتار ماڻهو هو، سادو ماڻهو، ٿور پڙهيو، سانگين سان سچو، سازشن کان پري پر سازشن جو شڪار ٿي شهيد ٿي ويو. خان عبدالغفار خان اول مذهب کي ڇوٽڪارو سمجهندو هو، هم خيال عالمن، مولوين سان گڏجي اسلاميه ڪاليج ۽ ان جون برانچون قائم ڪيائين. پختون قوم پرست هو، کيس هر وقت پختونن جي فلاح ۽ ڀلائي جو اونو هوندو هو. سياسي طرح هن ڪانگريس سان گڏجي انگريزن خلاف جدوجهد ڪئي، جيل به ڪاٽيا. ورهاڱي جي خلاف هو پر ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان ۾ رهڻ پسند ڪيائين ۽ هن عوام جي خدمت لاءِ هڪ خدائي خدمتگار تحريڪ شروع ڪئي ۽ ان لاءِ هي باقي عمر ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ سندن خدمت لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي. وڏي جرئت ۽ بهادري سان عوام دشمن قوتن خلاف وڙهيو، ان لاءِ کيس جلاوطن ٿيڻو پيو يا جيل وڃڻو پيو پر ڪڏهن به نه ڪيٻايائين. هو غريب ماڻهن جي دلين جو بادشاهه هو انڪري کيس بادشاهه خان سڏيو ويندو هو. سائين جي ايم سيد سان به سندس ڀرت جو ناتو هو جيڪو هن آخري گهڙي تائين نڀايو. کيس پختونن جو ورهاڱو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه هو انڪري پختون علائقا جيڪي پنجاب ۾ شامل ڪيا ويا انهن کي به پختونخواهه ۾ شامل ڪرڻ لاءِ جهيڙيندو رهيو. ڪالاباغ ٺهڻ سان پختون علائقا ٻڏي ويندا ان ڪري ڪالاباغ خلاف پهريون ۽ مضبوط آواز خان غفار خان جو هو. پختونن جي وچ ۾ ڊورند لائن کي نه مڃڻ جو ثبوت هن مرڻ کان پوءِ به ڏنو جو پاڻ کي جلال آباد ۾ دفن ڪرائڻ جي وصيت ڪئي.

P-03

21 جنوري تي هيمون ڪالاڻي جي شهادت جو ڏينهن آهي. حب الوطني ۽ قرباني ڏيڻ لاءِ ڪنهن ذات، زبان، مذهب، عمر جو شرط آهي. هيمون ڪالاڻي ننڍي عمر ۾ پنهنجي وطن ۽ عوام جي غلامي جو درد محسوس ڪيو ۽ ان عشق ۾ سر ڏيئي سرخرو ٿيو پر ان شهيد کي ڪير ياد ڪري. ڪير ان جي ورسي ملهائي، هڪ ورسيون ۽ سالگرهون انهن جون ملهايون وينديون آهن جن جي قوم سجاڳ هجي يا ان جا مائٽ ۽ ساٿي موجود هجن.

ٻيون ورسيون انهن جون ملهايون وينديون آهن جن جي نالي ۾ ماڻهو گڏ ڪري انهن کي ڏاڪڻ ٺاهي اقتدار حاصل ڪن. سنڌ جي ساڃهه وند اديبن، دانشورن، شاعرن کي هند ۾ رهندڙ سکين سنڌي هندو ڀائرن جي تمام گهڻي سڪ ۽ انهن کي مضمون مقالا پر هيمون جي ارتي جو ڪهڙي شمشان ۾ اگني سنسڪار ٿيو اها خبر نه آهي.

24 جنوري تي استاد جمن جي ورسي هئي. استاد جمن سنڌي موسيقي کي نوان موڙ ڏنا. نيون ڌنون ٺاهيون، سنڌ جي حڪيمن لاءِ مشهور آهي ته مرندي مري ويا پر ڪنهن کي پنهنجو هنر ڪونه ڏنائون. مگر استاد جمن اهڙو سخي راڳي هو جنهن ڪيترائي ناليرا شاگرد سنڌ کي ڏنا. اڄ به سندس ٺاهيل ڌنن تي ڳايو وڃي ٿو. مگر استاد ۾ جيڪو آلاپ، فن ۽ گهرائي هئي انکي اڃا ته ڪو نه پهتو آهي، مثال طور عثمان فقير جي ڪافي

يار ڏاڍي عشق آتش لائي هي

هزارين راڳين ان ڪافي کي ڳايو آهي پر جمن جي ڳائيڪي کي نه پهچي سگهيا. لطيف جا بيت ۽ وايون انهن جون ڌنون جمن کان پوءِ به ڳائين ٿا ۽ تمام سٺو ٿا ڳائين. جيڪڏهن مذڪوره قومي شخصيتون قوم جو سرمايو آهن ته قوم کي گهرجي ته انهن جي مالڪي ڪن، چار ماڻهو ئي سهي گڏجي قومي ڪاڄ ڪن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو