Home / سنڌ افيئر / شهيد فاضل راهو جي ورسي:  آصف علي زرداري ۽ مراد علي شاهه ڏڪاريل بدين لاءِ ڪنهن پئڪيج جو اعلان نه ڪيو!
above article banner

شهيد فاضل راهو جي ورسي:  آصف علي زرداري ۽ مراد علي شاهه ڏڪاريل بدين لاءِ ڪنهن پئڪيج جو اعلان نه ڪيو!

الهه بچايو جمالي

Writer

 17 جنوري 2019ع تي عظيم پورهيت اڳواڻ شهيد عوام فاضل راهو جي 32 هين ورسي راهوڪي ۾ شهيد فاضل راهو يادگار ڪميٽي طرفان ملهائي وئي. ورسي تقريب ۾ آصف علي زرداري 32 سالن کان پوءِ پهريون دفعو خاص طور تي شرڪت ڪئي، جتي هن شهيد فاضل جي قبر تي گلن جي چادر چاڙهي. راهوڪي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي آصف علي زرداري وزيراعظم عمران خان ۽ ٻين کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهين اسانکي ڀت سان نه لڳايو. متان عوام منهنجي هٿ مان نڪري وڃي. هن چيو ته حڪومت ۽ انهن ادارن جي مون سان جنگ فقط ارڙهين آئيني ترميم تي آهي، انهن سگهارن ادارن ڏانهن اشارو ڪندي هن چيو ته انهن سازشن ذريعن ذوالفقار علي ڀُٽي، فاضل راهو ۽ بينظير ڀٽو کي قتل ڪرايو ويو. هن چيو ته ملڪ ۾ وڏا سازشي آهن، قدرتي وسيلا ۽ ذخيرا انهن ختم ڪري ڇڏيا آهن، هاڻ سنڌ جي تيل ۽ گئس تي انهن جون نظرون آهن جيڪي زخيرا اُهي اسان کان ڦرڻ ۽ ڦٻائڻ چاهين ٿا. هن چيو ته سنڌ جو عوام اسان سان گڏ آهي، انڪري اسين انهن کي سنڌ جي تيل ۽ گئس جي ذخيرن کي ڦرڻ ۽ ختم ٿيڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته سنڌ جو پاڻي بند ڪيو ويو آهي ۽ سنڌ کي تيل ۽ گئس جي پيداوار جو حصو نٿو ڏنو وڃي. روايت مطابق آصف زرداري، سنڌ جي اڳوڻن ۽ هاڻوڪن وڏن وزيرن جيئان پاڻي جي کوٽ سبب ڏڪار جي وڪڙ ۾ آيل بدين ضلعي جي تباهي جو پنهنجي تقرير ۾ ڪو به ذڪر نه ڪيو ۽ نه ئي بدين لاءِ ڪنهن پئڪيج جو ڪو اعلان ڪيو.

واضح رهي ته نيب ۽ ايف آءِ اي جهڙن ادارن سپريم ڪورٽ جي حڪم تي پ پ قيادت خلاف اربين روپين جي ڪرپشن جا ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا آهن، انهن ڪيسن ۾ آصف زرداري، فريال ٽالپر، بلاول ڀٽو ۽ مراد علي شاهه کي پڻ جوابدار طور شامل ڪيو ويو آهي جنهن سان گڏ اومني گروپ جي سربراهه انور مجيد کي گرفتار ڪري اڊيالا جيل ۾ واڙيو ويو آهي. جنهن کان سواءِ بحريا ٽائون جي ملڪ رياض جو گهيرو پڻ تنگ ڪيو ويو آهي، جنهن کي سنڌ حڪومت گذريل ڏهن سالن دوران ڪراچي ۾ سنڌ جي اٽڪل 20 هزار ايڪڙ زمين تين وال ڪري ڏني آهي.

P-01

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته وفاقي حڪومت منهنجو نالو اي سي ايل ۾ وڌو آهي پر مونکي ان جو ڪو به ڊپ ڪونهي. هن بدين ۾ پاڻي جي کوٽ جي ذميوار وفاقي حڪومت کي قرار ڏيندي چيو ته جيڪي ماڻهو پ پ سان غداري ڪري وفاقي ڪابينا ۾ وڃي شامل ٿيا آهن، انهن کي وزيراعظم عمران خان کان بدين لاءِ پاڻي گهرڻ گهرجي. وڏي وزير ڏڪار هيٺ آيل بدين ضلعي لاءِ ٻئي ڪنهن به پئڪيج ۽ رليف جو ڪو به اعلان نه ڪيو. هن پنهنجي تقرير ۾ جيڪي فقط ٻه اعلان ڪيا انهن ۾ پهريون سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي بدين ۾ ڪئمپس قائم ڪئي ويندي. ٻيو بدين جي آبپاشي جا واهه پڪا ڪيا ويندا، ان بابت هن ڪا به وضاحت نه ڪئي ته بدين جي ٻن آبپاشي ڊويزنن اڪرم واهه ۽ نيو گوني ڦليلي جي ڪهڙين سب ڊويزنن جي سوين واهن مان پهرين مرحلي ۾ ڪهڙا واهه پڪا ڪيا ويندا؟ ڇا مراد علي شاهه جي سنڌ حڪومت فقط پنهنجي پ پ اڳواڻن جي جاگير کي آباد ڪندڙ واهن کي پڪو ڪرائيندي يا اڪرم واهه ڊويزن جي ٽيل وارين سب ڊويزنن ڪڍڻ،قاضيه، بدين ۽ شادي لال سب ڊويزن جي انهن آبپاشي کاتي جي واهن راڄواهه، سنهي گوني، مور شاخ، علي واهه، شير واهه، پاڏر شاخ، ڪامارو شاخ، گنج بحر، نور واهه ۽ گُڙهو مائينر وغيره جهڙن واهن ۽ شاخن کي پهرين مرحلي ۾ اوليت جي بنياد تي پڪو ڪرايو ويندو جن واهن جي پڇڙي ۾ گذريل 21 مهينن کان پيئڻ جي پاڻي جو هڪ ڦڙو به نه پهتو آهي.

P-02

باقي جيڪڏهن سنڌ حڪومت فقط حڪمران ڌر جي جاگيردار وڏيرن ۽ ڀوتارن جي زمينن تائين پاڻي پهچائڻ لاءِ علي پور ۽ 30 ميل ريگيوليٽر وٽان پنهنجا ذاتي واهه پڪا ڪرايا، جنهن جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته پوءِ بدين جي عوام جون همدرديون مرزا خاندان ڏانهن وڌي وينديون، جنهن مرزا خاندان جو بدين ۾ وڏو ووٽ بئنڪ آهي ۽ 2015ع جي مڪاني چونڊن ۾ مرزا گروپ پ پ جي اميدوارن کي شڪست ڏني هئي.

پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري گذريل مهيني ٻه دفعا بدين ۾ اچي جلسن کي خطاب ڪيو. 7 جنوري تي ڪپري موري ۽ 17 جنوري تي راهوڪي وارن ٻنهي جلسن ۾ هن عمران خان جي وفاقي حڪومت کي ڏوراپا ۽ ڌمڪيون ڏنيون پر ڏڪار جي سٽيل بدين جي عوام کي ڏيڻ لاءِ هن جا ٻئي هٿ خالي هئا. ساڳي طرح سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه خالي هٿين بدين ۾ آيو ۽ خالي هٿن سان آصف زرداري سان گڏ جهاز ۾ چڙهيو هليو ويو. هوڏانهن ساڳي مهيني 10 جنوري تي سينيٽ ڪميٽي جو چيئرمين عثمان ڪاڪڙ مسئلا معلوم ڪرڻ لاءِ بدين پهتو. جتي هن سياسي، سماجي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪرڻ کانسواءِ بدين بلاڪ مان تيل ۽ گئس ڪڍندڙ ڪمپنين جي اهلڪارن ۽ بدين جي ضلعي انتظاميا سان پڻ گڏجاڻيون ڪيون. ان دوري ۾ عثمان ڪاڪڙ سان ڪميٽي جا 6 سينيٽر پڻ هئا. سينيٽ ڪميٽي جو چيئرمين ۽ ميمبر تيل ۽ گئس جي پيداوار ۾ ملڪ جي شاهوڪار ترين ضلعي بدين جي شهرن ۽ ڳوٺن جي حالت زار کي ڏسي دنگ رهجي ويا ۽ توبهه توبهه ڪندي واپس هليا ويا. دوري تي آيل سينيٽ ڪميٽي بدين جي چونڊيل عوامي نمائندن کي پڻ طلب ڪيو پر بدين جي ٻن ايم اين ايز، چار ايم پي ايز، ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين ۽ سوين ڪائونسلرن مان ڪو هڪڙو به نمائندو سينيٽ ڪاميٽي جي گڏجاڻي ۾ نه پهتو جنهن تي ڪميٽي افسوس جو اظهار ڪيو.

سينيٽ ڪميٽي جي چيئرمين عثمان ڪاڪڙ مقامي ميڊيا کي ٻڌايو ته بدين مان تيل ڪڍندڙ هڪ ڪمپني جي اهلڪارن کان جڏهن هن معلومات ورتي تڏهن انهن کيس ٻڌايو ته هن وقت بدين مان ڏهاڙي 25 کان 29 هزار بيرل تيل نڪري ٿو، جڏهن اسان ان کان پڇيو ته اوهان کي تيل جي پيداوار مان 5 سيڪڙو مقامي ضلعي جي سماجي ڀلائي وارن ڪمن ۽ ضلعي جي ترقي تي خرچ ڪرڻو آهي، اوهان هيل تائين بدين ۾ ڪهڙا ترقياتي ۽ سماجي ڀلائي وارا ڪم ڪرايا آهن؟ ان سوال جي جواب ۾ تيل ڪمپني جي اهلڪار چيو ته اسان يوسي ڀڳڙا ميمڻ جي هڪڙي ڳوٺ ۾ هڪڙي پرائمري اسڪول جي عمارت ٺهرائي آهي. تڏهن مون ان کي چيو ته اوهان کي بدين ۾ ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ جون يونيورسٽيون ٺهرائڻ گهرجن ها پر اوهان هيل تائين بدين ۾ فقط هڪڙي پرائمري اسڪول جي هڪ عدد عمارت تعمير ڪرائي آهي جيڪا افسوس جوڳي ڳالهه آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو