Home / اسپيشل افيئر / صادق فقير، سنڌ جو وڪٽر جارا!
above article banner

صادق فقير، سنڌ جو وڪٽر جارا!

Khalid Kunbhar

خالد ڪنڀار

وڪٽر جارا چلي جو انقلابي فنڪار ئي نه بلڪه گهڻو ڪجهه هو، هُو نهايت خوبصورت شاعر هو، ٿيٽر ڊائريڪٽر، استاد ۽ هڪ سياسي ڪارڪن پڻ هو. ان ئي وڪٽر جو والد جارا اڻپڙهيل هاري هو، سندس خواهش هئي ته پٽ ساڻس گڏ هارپي ۾ مدد ڪري پر وڪٽر جيڪو پنهنجي امڙ کان ٻالڪپڻي کان چليءَ جي لوڪ شاعري ٻڌندو رهيو هو، اڳتي هلي اُها شاعري سندس آواز بڻجي وئي. اهو ئي وڪٽر جو آواز اڳتي هلي چلي جي قوم جو آواز بڻجي ويو. انهيءَ انقلابي فنڪار کي چلي جي فوج گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ سندس لاش کي شهر جي گهٽي ۾ اُڇلائي ڇڏيو.

 اهو وڪٽر جارا پوءِ سنڌ ۾ اياز جي شاعري جي هڪ ڪردار ۾ نمايان ٿيو، اياز کان ٿيندي اهو ئي ڪردار عبدالواحد آريسر تائين پهتو، آريسر صادق فقير تي جيڪو مضمون لکيو آهي ان ۾ لکيو آهي ته “آءٌ صادق فقير کي سنڌ جو وڪٽر جارا چوندس.“ حالانڪه مٺي واري صادق فقير ۽ چلي واري وڪٽر جارا جي زندگيءَ ۾ ڪا گهڻي هڪجهڙائي ناهي پر آريسر صاحب جون اکيون ان اندر وڪٽر جارا کي ڳولينديون رهيون هيون، انهن ئي اکين شايد وڪٽر جارا کي ڏٺو ۽ محسوس ڪيو هو. اهو ئي آريسر صاحب جو وڪٽر جارا شيخ اياز ۽ نياز همايوني جي شاعري جو آواز بڻجندو هو، تڏهن بنا ڪنهن شڪ جي ڌرتي ٻڌندڙن جي نه رڳو دل جي ڌڙڪن بڻجي ويندي هئي بلڪه کين جهومڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندي هئي. ڪٿي ڪٿي سندس درد ڀريو آواز ڌرتيءَ جي عاشقن کي روئڻ تي پڻ مجبور ڪري ڇڏيندو هو.

P-01

شيخ اياز انهيءَ آواز لاءِ چيو هو ته مونکي جنهن آواز جي ڳولا هئي اُهو مونکي منهنجي شاعري وسيلي ملي ويو. پوءِ هو پنهنجي سموري زندگي اياز جي خوبصورت شاعري جو آواز بڻجي ويو. آريسر صاحب جيترو اياز جي شاعري جو عاشق هو ايترو ئي صادق فقير جي آواز جو مداح هو. اُن آواز جي اثر ۾ رڳو آريسر صاحب ۽ اياز جهڙا جبل نه هئا بلڪه هُن جو آواز سنڌ جي هر دل جي گهراين تائين پهچي چڪو هو. 27 هين فيبروري تي آريسر صاحب جي وڪٽر جارا ۽ اياز جي شاعري جي آواز جي ٽين ورسي هئي. انهن ٽنهي ورهين ۾ دليون درد جي ڪيفيت ۾  ٻڏل رهيون، انهن ٽنهي سالن ۾ واريءَ جي دڙي تي موجود ان قبر طرف ويندڙ سوڙهو پيچرو ڪنڊن ۽ وڻن مان گذري قبر تائين وڃي ٿو، سندس آواز جي سحر ۾ ورتل ماڻهو اهو سوڙهو پيچرو پار ڪري قبر تائين وڃن ٿا. سنڌ ۾ ڪيترن ئي شاعرن جا مقبرا ٺهيل آهن پر اهڙو هڪ به ناهي جيڪو ڪنهن گائڪ جي لحد تي ٺهيل هجي. صادق جي قبر تي به مقبرو ناهي ان ڪري هتي ڪير به اولاد لاءِ دعا ڪرائڻ ناهي ايندو ۽ نه ئي اُتي اوقاف کاتي وارن ڪا پيتي رکي آهي پر ايترو ضرور آهي ته سنڌ جيترو مانُ ۽ عزت صادق فقير جي آواز کي ڏنو آهي ايترو مانُ مرتبو سنڌ ڪنهن به فنڪار کي ناهي ڏنو. جڏهن به صادق فقير جي قبر ۽ ان قبر طرف ويندڙ پير سوڙهي پيچري ۽ ان قبر تي بيٺل اداس دلين کي جڏهن توهان ڏسندا تڏهن اڪبر جي درٻار، تانسين جو آلاپ ۽ جاني بيگ ترخان جي هٿن ۽ پيرن ۾ ٻڌل زنجيرون ياد اچي وينديون.

P-02

رحيم خانان، جاني بيگ ترخان جي هٿن ۽ پيرن ۾ زنجيرون وجهي جڏهن کيس اڪبر جي درٻار ۾ پيش ڪيو هو تڏهن تانسين ڳائي رهيو هو، اڪبر هيرن جا ٿالهه ڀري تانسين کي ڏنا ۽ جاني بيگ ترخان کي مخاطب ٿيندي چيو ته: “ٻڌو آهي جنهن ڌرتيءَ تان تون آيو آهين ان ڌرتيءَ جا ماڻهو راڳ جا ماهر ۽ قدردان آهن، اڄ هن درٻار ۾ راڳ جو تمام وڏو گويو ڳائي رهيو آهي، ڏسڻو اهو آهي ته زمين جو بادشاهه ان کي ڇا ٿو پيش ڪري” جڏهن جاني بيگ ترخان تانسين جي چوڌاري ڦرڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو “اي راڳ جا ڪعبا، توکي ڏيڻ لاءِ مون غلام وٽ ته ڪجهه به ناهي پر جيئن مسلمان ڪعبي جي چوڌاري طواف ڪندا آهن ايئن ئي مان توهان جي چوڌاري چڪر هڻان ٿو.” ايتري ۾ تانسين اُٿي بيٺو ۽ هُن ڏانهن پنهنجو ساڄو هٿ وڌائيندي چيو “مون هي هٿ پنهنجي استاد کان سواءِ ڪڏهن اڪبر سان به ناهي ملايو پر اڄ جيڪو داد توهان کان مليو آهي اهو هن درٻار مان ته ڇا زندگيءَ ۾ به ڪڏهن ڪنهن ناهي ڏنو.” جاني بيگ ترخان جي داد کان به وڏو داد صادق فقير کي 3 سال اڳ ملي چڪو، جڏهن هو مقدس ۽ پاڪ مٽيءَ تي گذاري وڃڻ کان پوءِ هتي پهتو. ڪراچي کان مٺي تائين سندس مڙهه جي هڪ هيرو وانگر آجيان ڪئي وئي، سندس رستي ۾ ايندڙ هر شهر، هر ڳوٺ ۽ هر اسٽاپ تي سنڌ کيس گلن جا هار ۽ ڳوڙهن جو نذرانو پيش ڪيو. سنڌ مٿس گل نڇاور ڪندي اشڪبار هئي، هڪ فنڪار لاءِ شايد ئي ايتري محبت نصيب ٿي هجي، سندس موت کي سنڌ جي هر دل ۾ ڄڻ ته تڏو وڇايل هو.

مٺي شهر ۾ ان ڏينهن هولي جو ڏڻ هو ليڪن سڀ رنگ وساري شهر ڪاري چادر ويڙهي ڇڏي هئي، سوڳ ۾ ورتل عورتون گهرن جي ديوارن ۽ ڇتن تان صادق فقير جي مڙهه مٿان گل نڇاور ڪري رهيون هيون، سندس جنازي نماز ۾ هزارين ماڻهو بنا ڪنهن مذهبي فرق جي شامل ٿيا، صادق فقير سڀني کي هڪٻئي سان ڳنڍي ڇڏيو هو. ان وقت سنڌ جي صديون پراڻي تصوير سامهون اچي وئي هئي. صادق فقير جي جاءِ ڪو به نه وٺي سگهيو پر سندس ڇڏيل ورثو سڀني لاءِ اُميد جو ڪرڻو آهي. هُن عام ماڻهن وانگر پنهنجي گهروارن لاءِ به ورثي ۾ تمام گهڻو ڪجهه ڇڏيو آهي جنهن ۾ سندس اُهي لڳ لاڳاپا به آهن جيڪي پوري ڪٽنب سان غير مشروط محبت ڪن ٿا.

P-03

صادق جا وارث سندس نالو وٺندڙن سان اهڙو ئي پيار ۽ نڀاءُ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا جهڙو پيار کين صادق کان ملندو هو، صادق ورثي ۾ غير مشروط محبت ڪندڙن لاءِ قبر کان سواءِ پنهنجي ٻن پٽن جي ڳلي ۾ اهڙو سُريلو آواز ڇڏي ويو آهي جنهن کي ٻڌي ساڻس محبت ڪندڙ دليون ڪڏهن به صادق فقير کي وساري نه سگهنديون. نزاڪت ۽ راحت جي خوبصورت آوازن کان سواءِ صادق ورثي ۾ اڻ ڳڻيا گيت ڇڏيا آهن جيڪي گيت سنڌ جي عاشقن کان وٺي اهڙين معصوم دلين جي به ميراث آهن جيڪي ڪنهن سُهڻي ڳڀرو جي محبت ۾ ڌڙڪن ٿيون.

صادق سڄي سنڌ ۾ اهڙا ٽهڪ ڇڏيا آهن جيڪي هُن دوستن سان گڏ ڏنا، اڄ به صادق جا ويجها دوست سندس ڳالهيون دهرائيندا رهندا آهن، سندس حوالو ڏئي ڀرپور ٽهڪ ڏئي اُداس ٿي ويندا آهن، صادق ورثي ۾ ٿر جا اڻ ڳڻيا گائڪ به ڇڏيا آهن جيڪي سندس وڃڻ کان پوءِ تيزي سان منظر عام تي آيا آهن جن جو ڪنهن کي به علم نه هو ڇو ته هو پنهنجي اندر هڪ اڪيڊمي هو جيڪو پنهنجي موت کان پوءِ گائڪن جي شڪل ۾ ظاهر ٿيو.

صادق جي نالي سان مٺي ڪاليج کي منسوب ڪيو ويو آهي جيڪو سندس قبر جي بلڪل سامهون آهي. سرڪار ٿوري سنجيدگي ڏيکاري ۽ سندس نالي سان ڪا ميوزيڪل اڪيڊمي کولي ها ته ٿر جا اڻڳڻيا فنڪار فن سکي سگهن ها ۽ ان اڪيڊمي مان صادق فقير ۽ سندس ڳايل گيت ۽ ساڻس گڏ ٿر جي ٻين فنڪارن جا گيت پڻ محفوظ ٿي وڃن ها. ٿر راڳ جي ڌرتي آهي پر اهڙو ڪجهه به نه ٿي سگهيو، پوءِ به سرڪار کي سوچڻ ضرور گهرجي. هن وقت ٿر ۽ ان جي راڳ کي محفوظ رکڻ جي ضرورت آهي، صادق فقير سنڌ ۾ هڪ گيت ۽ احساس وانگر هميشه زندهه رهندو جيستائين سنڌ ۽ محبت آهي تيستائين صادق فقير زنده رهندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو