Home / ويندي ويندي / صدارتي نظام جا ٻورا سبجي رهيا آهن!  
above article banner

صدارتي نظام جا ٻورا سبجي رهيا آهن!  

ويندي ويندي

نواز شريف ڪوٽ لکپت جيل ۾ بيمار آهي، شهباز شريف نيب جي جوڊيشل ريمانڊ تي آهي ۽ وزيراعظم جي ڀيڻ عليمه خان جي دبئي کانپوءِ آمريڪا ۾ ملڪيت ظاهر ٿي آهي. معني جيڪو احتساب جو واچوڙو اسلام آباد مان اٿيو آهي سو سڀني جا ڏيئا وسائيندو!

ٻالP-01ڪپڻي ۾ اسڪول ۾ هڪ بيت پڙهيو هيو سين ته”وقت چوي، آءٌ بادشاهه!“ ڪو وقت هو جو لاهور جو شريف خاندان گلابن ۾  ترندو هيو. اسي جي ڏهاڪي ۾ ملڪ مٿان جنرل ضيا جي مارشل لا هئي. ڀٽي صاحب کي تابوت ۾ ڍڪي تازو تازو ڳڙهي خدابخش موڪليو ويو هو. ڀٽي صاحب جي نيشنلائيزيشن واري پاليسي کان متاثر ٿيل ڪارخانيدار مارشل لائي سرڪار جا دعاگو هئا. تڏهن لاهور جي هڪ لوهار خاندان جي چشم و چراغ، نواز شريف جي ٻانهن پنجاب جي گورنر جيلاني سندس والد ميان شريف کان گهري ورتي هئي.

جيئن ايوبي مارشل لا ڀُٽي کي اوج ڏنو تيئن ضيائي مارشلا نواز شريف کي عرش تي پهچايو. اڄ اهو نواز شريف ڪوٽ لکپت جيل ۾ پنهنجي قيد ڪوٺڙي کي ٻهاري ڏيندي فوٽو ڪڍائي ٿو. ۽ چون ٿا ته هاڻ اوج عمران خان جو آهي، کيس نئين پاڪستان اڏڻ جو شوق آهي. پر سندس اڏاوتي فرم جا مستري ۽ مزدور ڀلا ڪاريگر ناهن. اٻهرا ۽ اناڙي آهن. متان اڳيون نور به چٽ ڪري ڇڏين.

پاڪستان جي تاريخ ۾ ٽي وڏا سياستدان آمريتي قوتن جي ٽيڪ تي وزيراعظم جي ڪرسي تي رسيا.ڀٽي صاحب کي سٺ ۽ ستر جي زماني ۾ اوج مليو. نواز شريف کي اسي ۽ نوي جي ڏهاڪي ۾ ۽ هي زمانو عمران خان جو آهي. پر جي تاريخ کي سونهون ڪجي ته اهو معلوم ٿئي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ جي شينهن ڪلهي چڙهڻ جو انجام ڪو سٺو ناهي رهيو. جنهن ڀٽي تي سئو خون معاف هئا، سندس اکين جي ڳوڙهن اگهڻ واري رومال جي نيلامي ٿيندي هئي تنهن ڀٽي کي ڦاهي واري رات سوري تي نيڻ کان اڳ ٿُڏن سان مار ڏني وئي. نواز شريف جي جڏهن ڦِٽي ته اقامي تي کيس بنا ٽڪيٽ وزيراعظم هائوس کان جاتي امراءُ موڪليو ويو. هاڻ جڏهن هو قيد ۾ آ ته کيس علاج لاءِ به اپيلون ڪرڻيون پون ٿيون. سو، اسان دعا ئي ڪري سگهون ٿا ته ڪرڪيٽ سپر اسٽار جي انهن ٻنهي عوامي اڳواڻن جيان  قسمت نه ڦِٽي. ڪٿي سندس به اسٽيبلشمينٽ سان ٽاڪو نه ٽُٽي ۽ پوءِ هڪ ڏينهن هو به ڀُٽي ۽ نواز جيان ٽڪو ئي نه لهي.

کڻي جو سندس ڀاڳ جي ٽُٽي جا آثار هاڻي ئي پڌرا ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. سندس سرڪار جي هٿن تان ميندي ئي نه سُڪي آهي جو سس ننهن جو جهڳڙو شروع ٿي ويو آهي. جي آءِ ٽي جي رپورٽ جي روشني ۾ ڪابينا جيڪي نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ وڌا سي ڪڍڻ جا فرمان جاري ٿيا. سنڌ سرڪار کي هٽائڻ جو انگور کٽو ثابت ٿيو. هيليڪاپٽر مامري تي نيب جي جاچ کي فواد چوڌري وزيراعظم جي عهدي جي بي عزتي سمجهي ٿو. اسٽيٽ بينڪ پي ٽي آءِ جي ارڙهن لڪل پارٽي اڪائونٽس جا تفصيل اليڪشن ڪميشن کي ڏئي ڇڏيا آهن. عمران خان جي ڀيڻ جي ملڪيتن جا روز نوان انڪشاف آڏو اچي رهيا آهن. غلطين مٿان غلطيون ٿي رهيون آهن. ايئن پيو لڳي ته جن کين آندو آهي سي ئي سندن پيرن هيٺان تخت کسڪائي رهيا آهن. الائي دهمان ڪري رهيا آهن پر هڪ ڳالهه طئي آهي ته تبديلي واري سرڪار مزي ۾ ناهي.

اسان ته چئون ٿا ته جڏا سڏا مڙئي ڪم هلائن. ڇو ته سندن ناڪامي کانپوءِ اهو تخت الائي ڪنهن کي ملي. ڪو شوڪت عزيز يا معين قريشي اچي ڪرسي تي ويهي ان کان ته چڱو بني گالا جو لاڏلو آهي جو چار ڳالهيون ٻڌندو، هڪ مڃيندو به. نه ته افواهه ته اهي ئي آهن ته ملڪ مٿي صدارتي نظام آڻڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن.

عجب ڳالهه آهي ته جيتوڻيڪ اسان کي اها ڳالهه نه ٿي هضم ٿئي پر جن جي پيرن هيٺان زمين کسڪائي پئي وڃي سي تاڙيون وڄائي رهيا آهن. صدارتي نظام جا ٻورا سبجي رهيا آهن ۽ تبديلي جا اُٺ رڙڻ بدران  ماٺ آهن. مرضي اٿن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو