Home / پروفائيل / عظيم بنگالي آرٽسٽ زين العابدين جي ڪٿا!
above article banner

عظيم بنگالي آرٽسٽ زين العابدين جي ڪٿا!

P-01

حسنين جمالWriter

 ڪيترا ماڻهو مُئا؟

30 لک..

چرچل جو ريسپانس ڇا هو؟

“آءٌ هندستانين کان نفرت ڪريان ٿو، اُهي وحشي آهن ۽ سندن مذهب به جهنگلي آهي. بنگال ۾ ايندڙ ڏڪار سندن پنهنجي غلطي هئي، اُهي سيهڙن وانگر ٻار پيدا ڪندا آهن.”

ٻي مها ڀاري جنگ عروج تي هئي، انگريز فوج لاءِ کاڌ خوراڪ جي کوٽ ٿي رهي هئي، جتي جتي فوجون موجود هيون اُتان سپلاءِ لائين جاري رکڻ لاءِ هر ممڪن طريقي سان کاڌ خوراڪ گڏ ڪري موڪلي پئي وئي. هڪ امڪان اِهو به هو ته جاپاني، برما واري سائيڊ کان حملو ڪري بنگال ۾ نه داخل ٿي وڃن ۽ اُتان هندستان تي چڙهائي نه ڪري وجهن. 1943ع جي انهيءَ صورتحال ۾ چرچل سرڪار کي بهتر اهو لڳو ته بنگال جو سمورو اناج ٻاهر پنهنجي فوجين کي موڪليو وڃي. اهڙي ريت گهٽ ۾ گهٽ جنگ وڙهندڙن جي کاڌ خوراڪ جو مسئلو حل ٿي پئي ويو، ٻئي پاسي جاپاني جيڪڏهن حملو ڪن ها ته هُو اِتي برما ۾ بُکيا مرن ها، سيهڙن وانگر ٻار پيدا ڪندڙ بنگالين کي کائڻو ڇا هو، اهو چرچل جي مٿي جو سور ڪڏهن به نه رهيو. بنگال ۾ ڇهه ڏڪار ان کان اڳ ٻن صدين ۾ آيا هئا ليڪن اهڙي پٿر دل حڪمران کي هُو پهريون ڀيرو منهن ڏئي رهيا هئا. بنگلاديشي تاريخدان مڌوشري مکرجي موجب اُن وقت برطانوي حڪومت (چرچل اينڊ ڪو) ڪئناڊا ۽ آمريڪا کان خوراڪ امداد طور وٺڻ کان پڻ انڪار ڪري ڇڏيو هو.

P-02

ان دوران هڪ ڪتاب اچي ٿو ڊارڪننگ ڊيز (Darkening Days – Being a narrative of famine stricken Bengal) جيڪو افسانن تي ٻڌل آهي، اهڙا افسانا جيڪي ماڻهن جي حقيقي زندگي مان کنيا ويا آهن، ليکڪا ايلاسين آهي جيڪا مشهور عورت ليکڪا آهي، اُن ڪتاب ۾ ڪجهه ڊرائنگز به آهن، جيئن ڪپيل مارڪر يا ٿلهي پينسل، ڪنهن ڪجهه لائينون هنيون آهن ۽ خاڪو ٺاهي سموري ڏڪار جو درد يارنهن کان ٻارهن تصويرن ۾ سموئي ڇڏيو آهي. اِهو ڪتاب انگريزي ۾ لکيل هجڻ ۽ هر خاڪو طاقتور هجڻ سبب گوري صاحب جي دماغ تي اهڙو ته چڙهي ٿو جو اُن ڪتاب تي پابندي هنئي وڃي ٿي. ليڪن اُن جي باوجود اڳين ٽن ورهين ۾ اُن ڪتاب جا وڌيڪ چار کان پنج ايڊيشن شايع ٿين ٿا ۽ خاڪا ٺاهيندڙ مصور زين العابدين جي شهرت سڄي دنيا ۾ ڦهلجي وڃي ٿي. زين العابدين جا ٺاهيل خاڪا اهڙا ته مشهور ٿين ٿا جو بعد ۾ پوءِ جڏهن به دنيا ۾ ڪٿي ڪو ڏڪار جو ذڪر ٿئي ٿو ته اُن جي مڪمل تصوير ڪشي هر اُن ماڻهوءَ جي ذهن ۾ تازي ٿي وڃي ٿي جنهن زندگيءَ ۾ فقط هڪ ڀيرو به اُهي خاڪا غور سان ڏٺا هوندا. بنگالين جو لکڻ پڙهڻ شروع کان ئي وڌيڪ هو، هندو ٻار بزنس مين ٿيندو، مسلمان جسماني محنت واري ڪم کي اوليت ڏيندا هئا، بنگالي اُن ڪري بابو سڏبا هئا جو انهن وٽ شرح خواندگي ان وقت به سڀني کان وڌيڪ هئي. هاڻي هڪ قوم پڙهندي ته ذهين به هوندي، ذهانت هوندي ته سياسي سجاڳي به هوندي، سياسي طور تي سجاڳ هوندا ته آرٽ ۾ به ان جو اثر نظر ايندو، آرٽ ۾ سياسي سجاڳي نظر ايندي ته ان تي پابندي به لڳندي، جنهن تي پابندي لڳندي ته اُن کي مشهور ته بهرحال ٿيڻو ئي آهي، ته اها ورلڊ فين زين العابدين جي عروج جي شروعات هئي.

ميمڻ سنگهه (بنگلاديش جو هڪ علائقو) ۾ ڄمندڙ “جين الآبدين” پنهنجي گهر جي ڀرسان لنگهندڙ دريا ڪناري ويٺو تصويرون ٺاهيندو هو. انگريزي اخبار بمبئي ڪرانيڪل مصوري جو مقابلو ڪرايو ته هُن به پنهنجون تصويرون موڪلي ڇڏيون، کيس پهريون انعام مليو ته اسڪول جي هيڊ ماستر سندس ٻيون به ڪيتريون ئي تصويرون ڪلڪتي ۽ بمبئي جي مقابلي ۾ موڪلڻ شروع ڪيون. 1933ع ۾ اسڪول وارن جي ئي ڪيل بندوبست تي زين العابدين ڪلڪتا آرٽ اسڪول ۾ داخلا وٺي ٿو، انهي زماني ۾ بنگال آرٽ تي ٽيگور واري فلسفي جو رنگ حاوي هو. ٽيگور جي تعليم ۾ سادگي ۽ پنهنجي بنياد سان ڳنڍيل رهڻ بنيادي اصول هو ته زين به پنهنجي بنياد سان جڙيل رهيو ۽ بنگال جا مختلف منظر واٽر ڪلر ۽ ننڍين تصويرن ۾ پينٽ ڪندو رهيو. 1938ع ۾ زين العابدين انهيءَ اسڪول ۾، جنهن ۾ هو شاگرد طور پڙهندو هو، آرٽ جي استاد طور جوائن ڪري ٿو، پوءِ ان ئي سال کيس آل انڊيا نمائش ۾ مصوري جو “گورنرز گولڊ ميڊل” ملي ٿو ۽ ايئن ننڍي کنڊ ۾ زين العابدين کي سڃاڻپ ملڻ شروع ٿي وڃي ٿي.

“هڪ ڀيري مونکي خيال آيو ته وائلن وڄائڻ سکان، ڪنهن ڪهاڻي ۾ پڙهيو هو ته هڪ فنڪار سامهون ڀت تي لڙڪيل پنهنجي پينٽنگ ڏسي پيو وائلن وڄائيندو هو، اها ترڪيب مونکي پسند آئي، هڪ پراڻو وائلن ورتم ۽ ڪيترن ئي ڏينهن تائين خوب مشق ڪيم، پوءِ ڪنهن صلاح ڏني ته ستار وائلن کان بهتر آهي ۽ پنهنجي ديس جو ساز پڻ آهي. مون سوچيو ته ٺيڪ آهي ستار ئي سهي، ستار جي تار سان آڱر وڍجي وئي، هاڻي مون هڪ ٻيو ساز کڻي ورتو. جڏهن اهو ٿي چڪو ته هڪ دوست سمجهايو ته زين العابدين ڪهڙين ڳالهين ۾ پئجي ويو آهين، تنهنجو ڪم مصوري آهي بس اهو ئي ڪر، مون سوچيو ٺيڪ ئي ته چوي ٿو. مصوري ۾ ئي منهنجي نجات آهي، رنگن ۽ تصويرن جي لڪيرن ۾ جيڪو ڪجهه چوندس اهو ٻي طرح نه چئي سگهندس.” اهو واقعو بيان ڪيو زين العابدين الطاف گوهر سان، جيڪو هڪ بيورو ڪريٽ ۽ داناءُ ماڻهو هو، هِن فقير پڙهيو هڪ رسالي ۾ ۽ توهان جي حضور ۾ پيش ڪري ڇڏيو.

ڪو به فنڪار جڏهن پنهنجي ڪم جي شروعات ڪري ٿو ته هو حقيقت پسند هوندو آهي، حقيقت پسندي مان مراد اِها آهي ته جيڪو ڪجهه نظر اچي اهو ئي ڏيکاريندو، اهو ئي ٻڌائي ڇڏيندو. مصوري ۾ ريئل ازم جو مطلب ايئن سمجهو ته جيڪو سامهون منظر آهي اهڙو ئي پينٽ ڪيو وڃي ته زين العابدين به شروع ۾ بلڪل رومانٽڪ ريئلسٽ هو. خاڪن واري سيريز ۾ کيس امپريشن ازم يعني تاثراتي پينٽنگ ڏانهن ويندي ڏسي سگهجي ٿو. هي اهو دور آهي جڏهن هُو کاٻي ڌر سان سلهاڙجي چڪو هو، ايئن ته اهو به سندس ڪمال جو ڪم هو، ڪجهه لڪيرن ۾ اهڙو ته درد ڳوهيائين جو سڄي دنيا جون جهوليون ڦهلايو تڏهن به اُن کي سموئي نه سگهبو. گهڻو پوءِ هُن ايوسٽريسٽ پڻ ٺاهيا، جيڪڏهن تاريخن جي حساب سان ڏٺو وڃي ته اڳتي هلي ڪري سندس ڪو به ڪم ڪنهن مخصوص عرصي لاءِ نه هو. ساڳيون تصويرون، اسڪيچز، ايوسٽريسٽ، ٽنهي فارمز ۾ هُو سڄي عمر پينٽنگ ڪندو رهيو، سندس ٻولي ئي پينٽنگ هئي.

P-03

جڏهن پاڪستان ۽ هندستان ٺهيا ته هُو بنگالي هجڻ جي ڪري اوڀر پاڪستان هليو آيو. ڍاڪا ۾ اچي ترسيو، اُن وقت اُتي آرٽ اسڪول جهڙي ڪنهن شئي جو پري پري تائين ڪو نالو نشان ئي نه هو. هڪ ٻن سالن ۾ تمام گهڻين ڪوششن کان پوءِ زين العابدين پنهنجي ڪجهه ٻين دوستن جي مدد سان اُتي آرٽ انسٽيٽيوٽ شروع ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. 1951ع ۾ هُو ٻن سالن جي ڪورس لاءِ سليڊ اسڪول آرٽ آف لنڊن هليو ويو. سليڊ ۾ پڙهڻ اُن زماني ۾ اعليٰ مصوري جو اڪيڊمڪ معيار سمجهيو ويندو هو. لنڊن کان ياد آيو هڪ ٻيو به مزيدار واقعو پڙهي وٺو. ٻالڪ پڻي کان کيس اسپين وڃڻ جو ڏاڍو شوق هو. الحمرا ۽ مسجد ڪرطبا کان ته وليم ڊيل رمپل به متاثر آهي، زين ته پوءِ به مسلمان هو. هُو جڏهن پڙهڻ لاءِ انگلينڊ پهتو ته هُن اسپين وڃڻ لاءِ به معلومات گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي. نقشي تي ويهي هر هڪ آرٽ گيلري، هر ميوزيم ۽ هر روڊ رستي جو حافظ ٿي ويو. اسپين وڃڻ جو جڏهن انتظام مڪمل ٿي ويو ته کيس هڪ پريشاني اِها هئي ته اُتي يا ته ماڻهو فرانسيسي ڄاڻندا هئا يا اسپيني ٻولي، انگريزي يا اردو جو ڪو نالو نشان ئي نه هو. خير پوءِ به نڪري پيو.

ٻي مها ڀاري جنگ جا پڇاڙڪا ڏينهن هئا، ريلون ٽُٻا ٽُٻ ڀريل هونديون هيون، هُو به چڙهي پيو، ٻولي نه ڄاڻڻ جي پهرين سلامي ٽڪيٽ چيڪر ڏني. غلط دٻي ۾ هو ته سفر ٿورو پريشاني ۾ گذريو، هاڻي هو اسپين پهچي چڪو هو. نقشي تي ته لڳي ٿو ته سموري دنيا پنهنجي هٿ ۾ آهي ليڪن پيادل روڊ تي منزل ماڻڻ الڳ ڪم آهي. سفر آهي جيڪو ختم ئي نه ٿو ٿئي، رستو آهي جيڪو سمجهه ۾ نه ٿو اچي، بورڊ پڙهيا نه ٿا وڃن، عجيب معاملو آهي. ٽريفڪ پوليس واري کان پڇڻ جي ڪوشش ڪيائين اهو به انگريزي نه ڄاڻندو هو. فرانسيسي زين العابدين جي به صفا ٻُڙي هئي، هُن هٿ لوڏي لوڏي رستو سمجهائڻ چاهيو ليڪن نتيجو ٻُڙي پلس ٻُڙي.

مسافر کي اندازو ٿيو ته اصل مسئلو ماني جو آهي، نه کيس ڊشن جا نالا ايندا هئا نه فرانسيسي ماڻهو سندس دل جي ڳالهه ڄاڻي سگهن پيا. هوٽل ۾ ويٺو آهي، سامهون واري ميز تي مڇي آهي، هُو مزي سان کائي رهيو آهي، بنگالي نوجوان جي دل سٽ کائي رهي آهي، مڇي کائڻي آهي پر گهرائي ته گهرائي ڪيئن؟ ويٽر آيو، اچي مٿان بيهي رهيو، هُو آڱرين ۽ هٿ جي اشارن جي مدد سان سمجهائڻ لڳو، هوا ۾ مڇي تارڻ لڳو، ويٽر کي خاڪو سمجهه ۾ نه آيو. تنگ ٿي سامهون واري ميز ڏانهن اشارو ڪيائين ۽ چيائين “موسيو” ها اِها ئي! ويٽر هاڻي به نه سمجهيو، آخر هُن کيس چيو ته اُٿي ۽ مونسان گڏ هل، هُو کيس وٺي ڪچن ۾ اچي ويو، هڪ هڪ شئي ڏيکارڻ شروع ڪري ڇڏي، آخر مڇي نظر اچي وئي ۽ هُن خوشي مان رڙ ڪئي ۽ اُن ڏانهن اشارو ڪيائين. ڪچن ۾ موجود سڀ ماڻهو کلڻ لڳا.

اُن واقعي کان پوءِ زين العابدين کي هڪ آئيڊيا آيو ۽ رات جو کاڌي جي وقت اسڪيچ پيڊ ۽ پينسل کڻي وڃي ميز تي ويهي رهيو، پهرين ڳئون جي تصوير ٺاهيائين، پوءِ ان جي پوئين ڄنگهه کي تير سان ديڳڙي ۾ اُٻارڻ جي هڪ تصوير سان ملايائين، پوءِ هڪ ٻه تصويرون ٻيون ٺاهيائين ۽ ويٽر کي ڏيکاريائين. ان کان پوءِ بيضو، ڪڪڙ، سڀ ڪجهه وطن کان پري مسافر کي ملندو ويو ۽ پوءِ هُن ڄاڻي ورتو ته لڪيرن جي ٻولي ئي سندس اصل ٻولي آهي. اسپين ۾ هُن پڪاسو جو به ٺيڪ ٺاڪ ڪم ڏٺو. تڏهن ٿيو ڪجهه ايئن ته جڏهن هو اسپين کان لنڊن ۽ اُتان کان واپس وطن آيو ته سندس تصويرن ۾ هڪ واضح تبديلي محسوس ڪري سگهجي ٿي، اُها تبديلي جيڪا ماڊرن بنگال اسڪول آف آرٽ جو بنياد هئي، هاڻي انهن تصويرن ۾ ان وقت جي فيشن مطابق ڪيوبز، جيوميٽريڪل شڪليون ۽ ڪڏهن ڪڏهن تجريديت به نظر اچڻ لڳي. اهو سڀ ڪجهه مشرقيت ۽ پنهنجي ماحول جي مٽيءَ مان ڳوهيل هجڻ جي ڪري هڪ الڳ مقام ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ ماڊرن آرٽ آف بنگال جي شروعات اُتان ٿي.

اِها ڳالهه به ڌيان ۾ رکڻ جي آهي ته اهو ماڊرن آرٽ را ايبسٽريڪٽ يا سمجهه ۾ نه اچڻ وارو آرٽ هو، اڪثر ڪري ان ۾ قدرتي آفتون ۽ رياستي ڏاڍ خلاف مزاحمت ڪندڙ ماڻهو يا مسلسل جدوجهد جا ٻيا فيڪٽر نظر ايندا هئا. هوريان هوريان زين العابدين جون تصويرون قومي سطح تي اُڀري آيون، ماڻهو ساڻس ڳنڍيل رهڻ پيا چاهين، هاڻي اُهي کيس ڇلپا چاريا (فن جو امام/مها ڪلاڪار،) بنگلاديش ۾ هو اڄ به ڇلپا چاريا جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو) جو لقب ڏيندا هئا. ليڪن ڇلپا چاريا سان سڀ ڪجهه ٺيڪ نه ٿي رهيو هو. ڇلپا چاريا هڪ ته شروع کان ڪميونسٽ ونگ جو هو ۽ پوءِ پنهنجي آرٽ ۾ به مزاحمت جو رنگ رکندڙ هو، 1947ع کان پوءِ سندس ايڊجسٽمينٽ ڏاڍي ڏکي رهي. هاڻي اگر نيوٽرل ٿي ڏٺو وڃي ته ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ته يار بنگالين جو پنهنجو هڪ مضبوط ڪلچر هو، اهڙو ڪلچر جنهن جون پاڙون هزارين سال پراڻيون هيون، سندن پنهنجيون ريتون رسمون هيون، پڙهيل لکيل هجڻ ڪري اُهي سياسي طور تي وڌيڪ سجاڳ هئا ته پوءِ ڪهڙي ريت کين مجبور ڪري ٿو سگهجي ته توهان جيڪا آرٽ جي روايت ڪلڪتي مان کڻي آيا آهيو اُن کي ڇڏي ڏيو ۽ ڪجهه نئون ڪريو.

توهان کي پاڪستان جي منظرنامي تي شاڪر علي ۽ چغتائي ڇانيل نظر ايندا ليڪن زين العابدين بابت تمام گهٽ پڙهڻ لاءِ ملندو؟ ڇا سمورو آرٽ لاهور يا ڪراچي ۾ ترقي ڪري رهيو هو؟ اوڀر پاڪستان جي آرٽ جو ذڪر ڪنهن کي ڪرڻو هو؟ اهو آرٽ جنهن ۾ چيني، جاپاني ۽ تبتي فنڪارن جي نزاڪت نظر اچي ها، جنهن ۾ ڪنول هئا، جنهن ۾ سج هو، جنهن ۾ مور هئا، جنهن ۾ هاٿي هئا، جنهن ۾ چانورن جا فصل هئا ۽ جنهن ۾ ڊگهن خوبصورت وارن ۽ وڏين وڏين اکين وارين پرڪشش سانوريون ناريون هيون! زين العابدين بنگلاديش ۾ ڇلپا چاريا ان ڪري به سڏيو ويو جو هو حڪومت مخالف احتجاج ۾ 24 ڪلاڪ سوار هو. بُرش ۽ پينٽس کانسواءِ جتي ضرورت پئي عام ماڻهو وانگر لڪي نه ويٺو، سامهون آيو، روڊ رستن تي مظاهرن ۾ ويو، هر ممڪن طريقي سان مزاحمت ڪندو رهيو.

1969ع ۾ جڏهن اوڀر پاڪستان سياسي سجاڳي جي انتها تي هو ۽ فساد زورن تي هئا تڏهن زين العابدين 25 فوٽ ڊگهي هڪ پينٽنگ ٺاهي، جيئن پراڻي زماني ۾ قاصد بادشاهن جا خط ويڙهي کڻي ايندا هئا، هُو گول رول ٺاهي خط، هي جيڪا پينٽنگ هئي اُها به ان وانگر هئي. 65 فوٽ ڊگهي اها اسڪرول پينٽنگ واٽر ڪلر، ميڻ ۽ چيني انڪ واش طريقي سان ٺاهي وئي هئي (چيني انڪ واش صدين کان اهڙين پينٽنگز لاءِ استعمال ٿيندڙ طريقو آهي، شايد لاهور ميوزيم ۾ هاڻي به اسڪرولز موجود هجن) انهيءَ پينٽنگ جو نالو هُن “نبانا” رکيو. 1970ع اهو سال هو جڏهن بنگال هڪ ڀيرو ٻيهر شديد قدرتي آفتن جي وڪڙ ۾ هو، ان طوفان ۾ ڪلڪتي تائين لکين ماڻهو موت جو کاڄ ٿيا (ڇا اسان وٽ ڪتابن ۾ ان طوفان يا آفت جو ڪو ذڪر ملي ٿو؟) زين العابدين ان طوفان ۾ زندگي گوائيندڙ ماڻهن جي ياد ۾ 30 فوٽ ڊگهي هڪ ٻي تصوير ٺاهي، ان کي هُن “مان پورا” جو نالو ڏنو، اها به اسڪرول پينٽنگ هئي.

بنيادي طور تي بنگالي آرٽ ۾ آسپاس جي حالتن کان آگاهي شروع کان وڌيڪ هئي، جن ڏينهن ۾ چغتائي، صادقين ۽ شاڪر علي پرسڪون طريقي سان پينٽنگ ڪري رهيا هئا تن ڏينهن ۾ آخر بنگالي آرام سان ويهي چنڊ تارا ڇو نه ٺاهيندا هئا؟ گهڻو پوءِ سادقين تي تشدد ٿيو، ڪولن ڊيوڊ جون تصويرون ساڙيون ويون، اقبال حسين جون نمائشون پٽرايون ويون ليڪن تڏهن به ڪٿي ڪو خاص احتجاج نظر نه ايندو هو. شايد اسان جي خطي ۾ قدرتي آفتن جو زور اهو نه رهيو جيڪو شروع کان بنگال ۾ هو. خير قصو مختصر، ڏڪار جي تصويرن، قدرتي آفتن جي مصوري، عوامي احتجاج جي نمائندگي، اوڀر پاڪستان جي بنگالي آرٽ جي ترقي، بنگلاديش جي ثقافتي ورثي جي حفاظت (۽ باقاعده گڏ ڪرڻ جي مهم) اُهي سمورا ڪم هئا جن جي نتيجي ۾ اڄ به سندس سالگرهه بنگلاديش ۾ سرڪاري طور تي ملهائي وڃي ٿي. هتي ڇلپا آچاريا آرٽ گيلري آهي، زين العابدين ميوزيم آهي، ٻيو ته ڇڏيو مريخ جي سطح تي موجود 116 ڪلوميٽر ڊگهو زميني ٽڪرو به سندس ئي نالي پٺيان “عابدين” سڏجي ٿو.

جنرل ايوب خان 1959ع ۾ کيس پرائيڊ آف پرفارمنس ڏنو، پشاور يونيورسٽي جو فائين آرٽ وارو ڊپارٽمينٽ به هُن وڃي قائم ڪيو هو، لاڏاڻي کان پوءِ بنگلاديشي سرڪار کيس انڊپينڊنس ڊي ايوارڊ سان نوازيو، 1976ع ۾ ڪينسر سبب لاڏاڻو ڪري ويندڙ زين العابدين سموري زندگي ٽن قوميتن وچ ۾ ورهايل رهيو. ڄائو ته والاريل هندستان جو رهواسي هو، جوان ٿيو ته پاڪستاني بڻيو ۽ مرڻ کان 6-5 سال اڳ 1971ع ۾ بنگلاديش ٿي ويو. آرٽ جي مجبوري اِها آهي ته ان کي بهرحال نقشن جي ماتحت نه ٿو ڪري سگهجي. زين العابدين جون تصويرون اڄ جيڪڏهن ڪٿي ڏٺيون وڃن ته انهن ۾ سڀ کان پهرين ڏسڻ واري کي پاڻ جهڙا انسان ملندا، پوءِ سندن درد ملندو، پوءِ هو اهو ڏسي سگهندو ته اڄ به اُهي ئي آفتون آهن، اهو ئي مسلسل ڏاڍ آهي، اُها زندهه رهڻ جي جدوجهد، اُهي ئي ڏک آهن، اُهي ئي غم آهن، گهڻو پوءِ وڃي ڪٿي اُن کي علم ٿيندو اِها ته هڪ بنگالي آرٽسٽ جي تصوير آهي ۽ پوءِ اِها خبر ملڻ کان پوءِ زين العابدين جي تصويرن جو اثر گهٽجڻ بدران اڃا به شدت سان وڌي ويندو!

               © Dawn

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو