Home / سنڌ افيئر / عمران خان جو نئون پاڪستان: غيرقانوني افغانين ۽ بنگالين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ جي سازش!
above article banner

عمران خان جو نئون پاڪستان: غيرقانوني افغانين ۽ بنگالين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ جي سازش!

غلام حيدر برهماڻي

Ghulam Hyder Birhmani

تازو جڏهن وزيراعظم عمران خان پهريون ڀيرو ڪراچي آيو ته هُن اهڙو بيان ڏنو جنهن سان سنڌ جي ماڻهن کي سورنهن آنا پڪ ٿي ويئي ته هي همراهه به سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو خير خواهه ناهي. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ فرمايو ته اسان پاڪستان ۾ رهندڙ سڀني افغانين ۽ بنگالين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏينداسين. عمران خان جي پارٽي کي سواءِ جيڪب آباد ۽ ڪراچي جي ٻئي هنڌان ته ڪٿان به ڪا سيٽ نه ملي تنهن ڪري پنهنجو ووٽ بئنڪ وڌائڻ لاءِ هي حربو استعمال ڪيو پيو وڃي ته جيئن مستقبل ۾ ڪي ٻه چار سيٽون ملي سگهن.

بنگالين سان ته همدردي اسان جي ڪجهه ٻين دوستن کي به آهي، جيڪي جنرل (ر) مشرف جي دور کي ياد ڪري روئيندا آهن پر خان صاحب جو سندن تي مهربان ٿيڻ ته نظريه ضرورت آهي. جڏهن ته اخلاقي ۽ اصولي طور تي اهو ٿيڻ کپي ته هن ملڪ ۾ رهندڙ جيڪي به پناهگير، ڀڳوڙا، غير ملڪي آهن انهن کي ملڪ نيڪالي ڏني وڃي جيڪي جتان جا آهن اهي اوڏانهن هليا وڃن. سرڪار انهن جي مالي مدد ڪري افغاني، افغانستان هليا وڃن، بنگالي بنگلاديش هليا وڃن، برمي واپس برما هليا وڃن ڇو ته اسان دنيا جي پناهگيرن جو ٺيڪو ناهي کنيو، دنيا جو هر پناهگير پاڪستان ڇو ٿو اچي؟ ۽ جيڪڏهن اچي ٿو ته پوءِ اهو سنڌ ۾ ڇو ٿو آباد ٿئي.

سنڌ ڪا عالمي پناهگير ڪئمپ يا سنڌ ڪو عالمي يتيم خانو ڪونهي جو سڀئي هتي اچن. اسان پنهنجي نرم دلي ۽ مهمان نوازي جي ڪري تمام گهڻو ڀوڳيو آهي. هن وقت جي حڪمرانن کي جيڪڏهن هنن بنگالين ۽ افغانستان سان ايڏي همدردي آهي ته پوءِ انهن کي هن ملڪ جي ڪنهن به ٻئي صوبي ۾ آباد ڪري ۽ اتي انهن کي سموريون سهولتون مهيا ڪري ۽ اسان مسڪينن جي جان ڇڏائي وڃي ته جيئن اسان جا پنهنجا ماڻهو ڪو سک جو ساهه کڻن.

P-01

هڪ ٻي ڳالهه ته نيٺ ڪوئو ٻر مان ٻاهر نڪري آيو آهي. سنڌيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي ته: “هاٿيءَ جا ڏند ڏيکارڻ جا هڪڙا ۽ کائڻ جا ٻيا هوندا آهن.” اهڙي طرح ظاهري ۾ ته ماڻهن کان چندو گڏ ڪيو پيو وڃي، ديا مير مهمند ۽ ڀاشا ڊيم جي لاءِ ۽ راڳ آلاپيو پيو وڃي ڪالاباغ ڊيم جي لاءِ. هي ماجرا به سمجهه کان ٻاهر آهي. ڪالاباغ ڊيم واري مئل گهوڙي کي وري ٻيهر جيئرو ڪري توهان ملڪ جي ٽن ننڍن صوبن جي عوام ۽ پنهنجي ملڪ جي مقدس ايوان جي توهين پيا ڪيو. پاڪستان پيپلز پارٽي ته پنهنجي حڪومتي دور ۾ ڪالاباغ ڊيم خلاف قانون سازي ڪري هميشه هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيو هيو، جڏهن ته هن ملڪ جي اعليٰ ايوان جي اسيمبلين ۾ ويٺل چونڊيل نمائندا ان کي متفقه طور رد ڪري چڪا آهن ته پوءِ توهان عوام جي زخمن تي لوڻ ڇو ٿا ٻرڪيو ۽ هن ملڪ جي عوام کي ذهني عذاب ۾ ڇو ٿا مبتلاڪيو.

خان صاحب! سياست ۾ نوان تجربا ڀلي ڪريو پر ماڻهن جي زخمن تي مرهم رکو انهن جي زخمن تي لوڻ نه هاريو. انهن جون دليون کٽڻ سکو ۽ انهن جون دليون ڦٽڻ ڇڏيو، هي ڪهڙو نئون نظام آهي، هي ڪهڙي نئين تبديلي آهي جيڪا سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن جي لاءِ تباهي ۽ برباديءَ جي نويد کڻي آئي آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو