Home / اسپيشل افيئر / عمران خان چين کان متاثر،سکڻ کان نابري!
above article banner

عمران خان چين کان متاثر،سکڻ کان نابري!

زاهد حسين

Zahid Hussainزيراعظم عمران خان 80 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڇوٽڪارو ڏياريندڙ چين کان تمام گهڻو متاثر آهي ۽ هو اهو ئي ڪارنامو پاڪستان ۾ به سرانجام ڏيڻ چاهي ٿو. ليڪن ڦري گري ڳالهه اتي اچي وڃي ٿي، ايئن ڀلا ڪير نه چاهيندو؟ ملڪ اندر ۽ ملڪ کان ٻاهر سندس هر تقرير ۾  هر اڀرندڙ سپر پاور جي ساراهه شامل هوندي آهي. ليڪن لڳي ايئن ٿو ته کيس ان ڳالهه جو وڌيڪ فهم ناهي ته چين ۾ آخر ايئن ٿيو ڪيئن؟ چين جو اُڀار يقيني طور تي پنهنجي اندر زبردست ڪهاڻي رکي ٿو ۽ چين جنهن قدر غربت ۾ رڪارڊ گهٽتائي ڪئي آهي ان جو مثال سموري انساني تاريخ ۾ نه ٿو ملي. شايد ٻين ملڪن لاءِ چيني خواب جي تڪميل تائين پهچڻ ممڪن نه هجي. باقي اُهي چين جي “گريٽ ليپ فارورڊ” (وڏي ٻرانگهه) مان سبق ضرور حاصل ڪري سگهن ٿا. دنيا جي ڪُل آبادي جي پنجين حصي تي ٻڌل هن ملڪ ۾ اها تبديلي ممڪن نه ٿي سگهي ها جيڪڏهن 1949ع جو ڪميونسٽ انقلاب نه اچي ها، جنهن رجعت پسند سماجي ڍانچي کي تباهه ڪري ڇڏيو هو. هن انقلاب کان پوءِ ٻئي انقلاب جي راهه هموار ٿي جيڪو چين کي غير معمولي اقتصادي ترقي ڏانهن وٺي آيو.

P-01

1978ع ۾ چين ۾ ٿيندڙ سُڌارن جي شروعات ۽ پنهنجا دروازا کولڻ کان پوءِ چين پنهنجي سالياني ترقي جي شرح ۾ لڳ ڀڳ 9.5 سيڪڙو واڌ آڻڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي، اهڙي طرح گذريل چئن ڏهاڪن جي عرصي ۾ ترقي جي شرح ۾ 35 هوڻ تي واڌارو آيو آهي. اهڙي سگهاري اقتصادي ترقي جو ڪٿي به ڪو مثال نه ٿو ملي، اهڙو سياسي استحڪام، ويزن رکندڙ قيادت ۽ مضبوط رياستي ادارن کان سواءِ ممڪن نه ٿي سگهي ها. 1949ع جو انقلاب آڻيندڙ اڳواڻن ۾ هڪ ڊنگ زيائو بنگ جي اڳواڻي ۾ ئي انقلاب ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿيو جنهن جديد چين جي اڏاوت جي راهه هموار ڪئي. 1980ع جي ڏهاڪي ۾ ڊنگ جي ٻڌايل اصولن جي روشني ۾ چيني پاليسي ترتيب ڏني وئي، جنهن موجب 3 اهڙا معيار آهن جن جي مدد سان توهان اهو فيصلو ڪري سگهو ٿا ته آيه سياسي نظام يا پاليسي ڪنهن ملڪ لاءِ ٺيڪ يا موزون آهي يا نه آيه اهو سياسي استحڪام، اقتصادي ترقي ۽ زندگي جي معيار لاءِ فائديمند آهي يا نه. جيڪڏهن اهي ٽنهي لاءِ فائديمند آهي ته پوءِ هڪ سٺو نظام يا سٺي پاليسي چئبي.

غير معمولي اقتصادي ترقي جي پنهنجي ان پئماني سان چين، چيني عوام جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ تي به ڌيان ڏئي رهيو آهي. ان لاءِ سڌارن ۽ پنهنجا دروازا کولڻ کان پوءِ چين جي سڀ کان اهم ڪاميابي زندگي جي معيار ۾  زبردست حد تائين بهتري آڻڻ آهي. هڪ ملڪ جتي غريبن جو وڏو انگ شهرن جو رخ ڪندو هجي ۽ جن ۾ ڪيترائي ماڻهو شروعاتي طور تي نهايت بدحالي جي زندگي گذاريندا هجن، اهڙي صورتحال ۾ ان ملڪ جي اها غير معمولي ڪاميابي ئي چئبي. ٻيا اُهي عنصر جن جي ڪري چين کي اقتصادي ۽ سماجي ترقي ۾ مدد ملي، اُهي آهن تعليم ۽ آبادي تي ضابطو آڻڻ لاءِ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري. تقريبن چئن ڏهاڪن کان چين سختيءَ سان هڪ ٻار جي پاليسي لاڳو ڪري رکي آهي جنهن جي ڪري ملڪ کي غربت مخالف مهم ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ ۾ ڪافي مدد ملي آهي. ان پاليسي کي هاڻي وڌيڪ لچڪدار بڻايو ويو آهي ته جيئن ڦهلجندڙ معيشت جي گهرج کي پورو ڪري سگهجي.

سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته هر نئين ايندڙ چيني اڳواڻ نه رڳو اهو تسليم ڪيو ته اقتصادي ترقي ۽ سياسي استحڪام جو هڪٻئي سان گهرو ڳانڍاپو آهي جتي چين پنهنجو پورو ڌيان اقتصادي ترقيءَ تي ڏنو اُتي هُن پاڻ کي پرڏيهي تڪرارن کان پڻ پري رکيو ۽ ڀڙڪائڻ باوجود ڪنهن به تڪرار کان پاڻ کي پرڀرو رکيو. پنهنجي بطور هڪ سپر پاور پوزيشن باوجود پاڻ کي لو پروفائيل طور پيش ڪيو. جڏهن عمران خان چوي ٿو ته هُو چين کان سکڻ چاهي ٿو ته کيس سمجهڻ گهرجي ته اهڙي سماجي سطح جي تبديلي ان وقت اچي سگهي ٿي جڏهن توهان وٽ هڪ واضح ويزن هجن ۽ ڏکيا فيصلا ڪرڻ جو حوصلو پڻ. اها نهايت ساراهه جوڳي ڳالهه آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت انساني ترقي تي وڌيڪ زور ڏي ٿي پر ماڻهن جي فلاح بهبود جو دارومدار سياسي استحڪام ۽ اقتصادي ترقي تي پڻ هوندو آهي رڳو پرڪشش نعرا ۽ ڳالهيون هن ملڪ کي هاڻوڪي بدحالي مان ڪڍڻ ۾ مددگار ثابت نه ٿيندا.

P-02

يقيني طور تي پاڪستان هڪ الڳ حڪومتي نظام آهي ۽ قيادت ڪنهن انقلابي پارٽي جي هٿ ۾ به ناهي ليڪن معيشت کي سگهاري ترقي جي راهه تي آڻڻ لاءِ ڪجهه بنيادي سڌارا عمل ۾ آڻڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي. ان کانسواءِ هاڻوڪي سماجي ۽ اقتصادي ڍانچي ۾ پڻ تبديلي جي ضرورت آهي جيڪو ملڪ جي تبديلي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻيل آهي. تنهن هوندي به عمران خان جو نئون پاڪستان ٺاهڻ جي زبردست خيال جي باوجود پي ٽي آءِ هڪ اهڙي پارٽي رهي آهي جنهن وٽ تبديلي جي ڪا واضح حڪمت عملي  موجود ناهي، کيس اقتدار ملندي پنج مهينا ٿي چڪا آهن ليڪن حڪومت اڃا تائين واضح رخ جو تعين نه ڪري سگهي آهي جنهن مان منظم ناڪامي ظاهر ٿيندي نظر اچي رهي آهي. جتي پي ٽي آءِ حڪومت مقصد کان عاري ٿي هلي رهي آهي اُتي وڌندڙ سياسي عدم استحڪام پڻ نظام ۾ خرابي پيدا ڪري ڇڏي آهي.

حڪومت طرفان پنهنجي ٽڪراءُ واري پاليسي تبديل ڪرڻ جو اڃا تائين ڪو اشارو نظر نه ٿو اچي، ان کان به وڌيڪ ڳڻتي جوڳي ڳالهه اِها آهي ته حڪومت وٽ پاڻ کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪا واضح حڪمت عملي پڻ موجود نه آهي. بنا ڪنهن شڪ جي ڪرپشن هڪ سنجيده مسئلو آهي ليڪن لڳي ٿو ته حڪومت رڳو اُن هڪ ئي مسئلي تي ڌيان ڏئي رهي آهي. عمران خان اِها دعويٰ وڏي پئماني تي ڪئي آهي ته اقتصادي ۽ سياسي بدحالي جو سڀ کان وڏو سبب ڪرپشن آهي. انهيءَ بي معنيٰ مهم اقتصادي ۽ سياسي غير يقيني کي اڃا وڌائي ڇڏيو آهي جنهن جي ڪري ڪو هڪ سڌارو آڻڻ به ڏکيو ٿي پيو آهي. عمران خان اڪثر ڪري چين جي ڪرپشن خلاف مهم جو مثال ڏيندو رهندو آهي، هُو اهو سمجهڻ ۾ ناڪام رهيو آهي ته چين پنهنجي معيشت سگهاري ڪرڻ کان پوءِ ئي ڪرپشن نالي بلا جو اثرائتي انداز ۾ مقابلو ڪرڻ جي قابل بڻجي سگهيو آهي.

اهو سکڻ بدران ته چين ڪهڙي ريت مختصر عرصي ۾ اقتصادي سپر پاور بڻجي اُڀريو، عمران خان سطحي طور تي چين جي تاريخ جي ڪجهه رُخن ڏانهن اشارو ڪري ٿو. پاڪستان جي اقتصادي ۽ سياسي زوال جو هڪ وڏو سبب ترقي ۽ سماجي تبديلي لاءِ ڊگهي مُدي واري ويزن جي غير موجودگي آهي. چيني ماڊل پاڪستان ۾ اختيار نه ٿو ڪري سگهجي پر گهٽ ۾ گهٽ ان جي ڪاميابي مان ڪجهه سبق ضرور حاصل ڪري سگهون ٿا.

اُتي غربت جو خاتمو، جنهن کان عمران خان گهڻو متاثر پڻ آهي، اقتصادي ترقي ۽ سماجي سڌارن کان سواءِ ناهي آيو، بي گهر ماڻهن لاءِ پناهگاهه ٺاهڻ هڪ مثبت قدم آهي ليڪن اُن سان بي پناهه غربت، بيروزگاري ۽ سماجي زوال جو بنيادي مسئلو حل نه ٿو ڪري سگهجي.

                                                                           @DAWN

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو