Home / ويندي ويندي / عورت مارچ!
above article banner

عورت مارچ!

ويندي ويندي

P-01

هڪ ته اسان وٽ اڳي ئي مرد جڏهن وڻين تڏهن چوَن ته عورت جو عقل کُڙيءَ ۾. مٿان اها عورت اهڙو ڪم ڪري جنهن سان مرد جيڪو پنهنجو عقل تڪبر واري ڪنڌ مٿان کنيو گهمي سو تپي باهه ٿئي ته پوءِ اهو ڪم معمولي نه هوندو. هرسال 8 مارچ عورتن جو عالمي ڏينهن ماٺ ميٺ ۾ ايندو رهندو آهي. پر هن سال ملڪ جي اڪثر شهرن ۾ عورتن ۽ سندن ساٿي مردن جيڪي مارچ ڪيا تن ٽاڪوڙا مچائي ڇڏيا آهن. سماجي بيهڪ جي لحاظ کان اسان پٺتي پيل سماج آهيون. مٿان مذهبي طور عورت مٿان انيڪ پابنديون. سو جڏهن عورتن پلي ڪارڊ کنيا ته: ”طلاق مليل آ پر پوءِ به خوش آهيون.” ۽ “اچ ته ماني ٻوڙ گڏجي پچايون” ۽ اهڙا کوڙ معقول پر مردن لاءِ چڙ برابر پلي ڪارڊ کنيا ته ان سان مانڌاڻ مچي ويو.

هونئن به مشرقي روايتن جي پاسداري جو بار عورت جي نازڪ ڪنڌ مٿان آهي. مرد جنگيون ڪري، بم ڦاڙي، خودڪش حملا ڪري پر عورت کي پنهنجي مشرقي روايتن کي پٺي ناهي ڏيڻي. ملڪ جو چيف جسٽس جيڪڏهن تقرير کي عورتن جي اسڪرٽ جي سائيز سان ڀيٽ ڪري ته مشرقي روايتون خطري ۾ نه ٿيون پون پر جيڪڏهن قنديل بلوچ هڪ ٺرڪي ملان جي اندر جي شيطان کي ننگو ڪري ته رنڊي سڏجي.

عورت تخليقڪار به آهي ته فطرت جي حسين ۽ نفيس تخليق به. اهو ته هڪ الڳ بحث آهي ته ڪيئن تاريخ جي ڦيري گهيري عورت کي انساني سماج ۾ اتاهين درجي تان ڌڪو ڏيئي غلام بڻايو. هزارين سال اڳ انساني سماج ۾ جنس جي اها بي انصاف ورهاست نه هئي جيڪا بعد ۾ سامهون آئي. عورتون سماجي درجي بندي ۾ اتاهين درجي تي نه سهي پر برابر ضرور هيون. مردن سان گوڏو گوڏي ۾ ڀڃي فيصلا ڪنديون هيون. مرد پنهنجي مرضي سان چونڊينديون هيون. سائنسدان ته ان راءِ جا آهن ته آڳاٽي انسان سماج ۾ جيڪڏهن عورت مرد جي برابر نه هجي ها ته انسان ڀولڙي مان ارتقا ڪري اڄوڪي منزل تي نه رسي ها. عورت خودمختيار هئي ان ڪري ڪنهن به خاندان يا قبيلي جي ملڪيت نه هئي. پنهنجي مرضي جو ور چونڊيندي ۽ خاندان ٺاهيندي هئي. ايئن مختلف قبيلن ۽ نسلن وچ ۾ افزائش ٿي. انساني نسل شڪاري سماج مان زرعي سماج ۾ داخل ٿيو جتان مردن جي سڄي بدمعاشي شروع ٿي.

جيڪڏهن هڪ صنف طور ڏسجي ته عورت ۽ مرد ۾ سواءِ طبعي ورهاست جي ٻيو ڪو فرق ڪونهي. ڪي ڪم مرد بهتر ڪري سگهي ٿو ۽ ڪي عورتون، اهو به ارتقا جو نتيجو آهي. ٻنهي جا ڪم اهم آهن پر مرد طئي ڪري ٿو ته عورت کي ڇا ڪرڻ کپي ۽ ڇا نه ڪرڻ کپي.

سنڌ ۾ اهو ظلم ٻيڻو ٽيڻو آهي. ڏاڍي سان سنڌي مرد پُڄي نه سگهي سو ڪاوڙ گهر اچي جوءِ تي لاهيندو. جي هوندو اتر جو ته پلاند يا قرض ۾ سندس سِسي لاهي مخالف کي فيصلي لاءِ ڇڪائيندو. پر پوءِ به عورت مارچ جي جيڪا مخالفت باقي ملڪ ۾ ٿي آهي سا سنڌ ۾ ناهي ٿي. اها ان ڪري جو سنڌي سماج فطرتي طور صوفي لاڪوفي سماج آهي. سنڌ جو ايندڙ نسل مذهبي ڪٽرپڻي سبب عورت کي گهٽ نظر سان نه ٿو ڏسي.

صنفي برابري هڪ منصفاڻي ڳالهه آهي جيڪا ٿيڻ کپي. انسان برابر آهي. عورت يا مرد جي روپ ۾ سندس ڪمن جي ورهاست ٿيل آهي. هونئن به جنهن ڳالهه تي عامر لياقت پارا چڙن ته معنيٰ اها ڪا چڱي ڳالهه ئي ته هوندي نه؟!

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو