Home / اسپيشل افيئر / لاهور ميل جو حادثو ۽ حُر مارشل لا جي سازش (حصو پهريون)
above article banner

لاهور ميل جو حادثو ۽ حُر مارشل لا جي سازش (حصو پهريون)

الهه ورايو بهڻ

Writer

 لاهور ميل ريل 16 مئي 1942ع تي ڪراچيءَ کان لاهور وڃي رهي هئي، جيڪا حيدرآباد اسٽيشن کان ٽنڊو آدم ڏانهن مغرب وقت رواني ٿي. هن ٽرين ۾ سنڌ جو پريميئر/چيف منسٽر الهه بخش سومرو اسپيشل بوگيءَ ۾ پنهنجي اسٽاف ۽ دوستن سان گڏ اتر سنڌ ڏانهن سرڪاري دوري تي وڃي رهيو هو. لاهور ميل حيدرآباد کان رواني ٿي، ٽنڊي آدم اسٽيشن کان ٻه چار ڪلو ميٽر ڏکڻ وٽ جڏهن پهتي ته ريل جون پٽڙيون اکڙيون پيون هيون ۽ لاهور ميل حادثي جو شڪار ٿي وئي.

مٿئين بيان اندر عجيب حقيقتون ۽ لقاءَ لڪل آهن، جن کي پروڙڻ سان پتو پوي ٿو ته انهيءَ ريل جو ڪِرڻ اصل ۾ سنڌ اندر حُرن خلاف ڇتي مارشل لا هڻڻ جي سازش هئي، تاريخي رڪارڊ مان خبر پوي ٿي ته مذڪوره تاريخ مغرب وقت جڏهن لاهور ميل حيدرآباد جنڪشن تي پهتي، ان وقت سنڌ اسيمبليءَ جو انتهائي اهم ميمبر نواب ڄام جان محمد، اسٽيشن تي الهه بخش سومرو صاحب سان اچي مليو، کيس ڪجهه منٽ ويٽنگ روم ۾ ڪچهريءَ لاءِ وٺي ويو، سنڌ جي پريميئر کي صلاح ڪيائين ته اڄ توهان مون وٽ حيدرآباد ترسي پئو! ۽ سومرو صاحب ويٽنگ روم جي ٻاهرين دروازي کان ڄام سان نڪري حيدرآباد هليو ويو ۽ ريل ۾ سوار پنهنجي اسٽاف ۽ انتهائي اهم دوستن کي ٻڌائڻ کان سواءِ سفر ملتوي ڪري ڇڏيائين!. اها ڳالهه حيرت ۾ وجهندڙ آهي.

P-01

ريلوي کاتي جو قانون آهي ته فرسٽ ڪلاس ۾ جڏهن ڪو وي آءِ پي سفر ڪرڻ ۾ ڪنهن ڪم سانگي ٿوري وقت لاءِ ڪنهن اسٽيشن تي بوگيءَ کان لهي پليٽ فارم يا ريسٽورينٽ ڏي وڃي ٿو ته ٽرين گارڊ جي ڊيوٽيءَ ۾ شامل هوندو آهي ته ٽرين جي روانگي وقت ان خاص مسافر کي اطلاع ڪري ته ٽرين هلڻ واري آهي! شايد ايئن ٿيو يا نه ٿيو، پر جڏهن سومري صاحب کان سواءِ ٽرين حيدرآباد اسٽيشن کان هلڻ شروع ڪيو ته چيف منسٽر جي بوگيءَ ۾ ساڻس گڏ سفر ڪندڙ اسٽاف جا ماڻهو ۽ ٻيون انتهائي اهم شخصيتون ڇو خاموش رهيون. انهن مان ڪنهن به ٽرين جي زنجير ڪونه ڇڪي، آخر ڇو؟!! حالانڪه سومري صاحب سان سندس ڪابينا جو وزير نهچلداس وزيراڻي ۽ غلام حسين هدايت الله جو فرزند ساڳي ٽرين ۾ سوار هئا ۽ جڏهن لاهور ميل اچي ديهه ڇرائو وٽ اکوڙيل پٽڙيءَ جي ڪري حادثي جو شڪار ٿي ۽ غلام حسين هدايت الله جو فرزند مارجي ويو، (غلام حسين هدايت الله پير صاحب جو ويجهو دوست هيو) سيٺ نهچلداس وزيراڻي باٿ روم ۾ لڪي جان بچائي! انهيءَ ڳجهارت بابت ڊاڪٽر حميده کهڙو صاحبه پنهنجي ڪتاب “Muhammad Ayub Khuhro a life of courage in politics”  جي صفحي نمبر 236 ۾ لکي ٿي ته:

Jam Jan Muhammad a Zamidar of Sanghar and MPA who was a close and trusted follower of Pir and who knew of the Hurs plan Came to Hyderabad Station and induced Soomro to leave the train pleading some urgent reason for him to interrupt his journey

(ڄام جان محمد تر جو وڏو زميندار هو، پير جو مريد ڪونه هو)

ڇا سومرو صاحب ايڏو ذهني طور سادو ماڻهو هيو جو گڏ سفر ڪندڙ ساٿين کي ٻڌائڻ کان سواءِ ٽرين مان لهي هليو ويو. ٽرين هلي پئي ۽ اچي حادثي جو شڪار ٿي وئي ۽ اهو حادثو ڪنهن ڪرايو، نتيجو سنڌ ۾ ڇتي مارشل لا جو سبب بڻيو. پوءِ ڪجهه رپورٽن مان خبر پوي ٿي ته ريل جي انجڻ ۽ ڪافي گاڏا ريل جي اوچائي کان هيٺ کامن کڏن ۾ ڪري اٿلي پيا، هاڻ سوال ٿو پيدا ٿئي ته حادثي کانپوءِ رات جي وڳڙي ۾ هيٺ ڪِري پيل انجڻ ۽ مسافر گاڏن ۾ روشنيءَ جو سوال نه ٿو پيدا ٿئي ته پوءِ آخر حُر حملي آورن کي هڪدم فرسٽ ڪلاس جو اهو اسپيشل گاڏو ڪيئن سڃاڻپ ۾ آيو جو هڪدم حملو ڪري ان گاڏي ۾ سوار سر غلام حسين هدايت الله جي فرزند کي قتل ڪري ڇڏيائون. هن موضوع تي جنرل وصال محمد جو مضمون سنڌ ڪوارٽرلي ۾ موجود آهي. جنهن ۾ هو چوي ٿو ته: هو خود ان ٽرين ۾ ڪراچيءَ کان سوار ٿي اچي رهيو هيو! ياد رهي ته جنرل وصال محمد ان وقت ملٽري ايم آءِ جي ملازمت ڪندڙ ۽ هن علائقي ۾ خاص ڊيوٽي ڏيندڙ هو، سندس مضمون ۾ ڪا چٽي ڳالهه ڪونهي، فقط حُرن جي زبردست فائرنگ ۽ حملي جو ذڪر ڪري ٿو!.

ظاهر آهي ته ٻئي ڏينهن هند، سنڌ خواهه لنڊن تائين انهيءَ لاهور ميل تي حملي جي خبر پهچي ويئي ۽ اهو حادثو 16 مئي 1942ع تي ٿيو. هوڏانهن انگريز سرڪار موقعي جي تلاش ۾ هئي. آخرڪار پهرين جون 1942ع تي سنڌ جي اوڀر واري سموري علائقي ۾ جيسلمير تائين مارشل لا مڙهي وئي. اها مارشل لا ته ظاهري طور تي حُرن خلاف هئي، پر حُرن سان گڏ ٻيا سنڌ واسي به ان مارشل لا جي مصيبت جو شڪار بڻيا. اصل ۾ سنڌ جي گورنر هيوڊو جو ذاتي مزاج نهايت تڪبر ۽ تعصبي فرنگي وارو هو. سنڌ جي انگريزي حاڪميت کي ان ڳالهه تي سخت ڪاوڙ هئي ته سورهيه بادشاهه 1930ع جي ڪوڙن ڪيسن ۽ خاص ڪري قتل جو ڪيس ثابت نه ٿيڻ ڪري ڇو بچي ويو. ان بعد اسين ڪيترن فائلن ۾ ڏسون ٿا ته انگريز آفيسرن کي سندن ديسي صلاحڪار اهو چون پيا ته پير صاحب تي سول ڪورٽ جا ڪوڙا ڪيس ثابت نه ٿي سگهندا.

ياد رهي ته 1936ع ۾ سنڌ بمبئي کان ڌار ٿي هڪ جدا صوبي جي حيثيت ۾ اچي ويئي هئي ۽ سنڌ ۾ 1937ع جي اسيمبلي جي چونڊن جون تياريون سنڌ جا ڀوتار ڪري رهيا هئا، پير پاڳارو ڊسمبر 1936ع ۾ بنگال جي جيل مان آزاد ٿي سنڌ پهتو. سنڌ ۾ سندس هڪ هيرو جيان شاندار استقبال ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌ جي مٿئين طبقي جا وڏا ماڻهو پڻ شريڪ هئا. انگريز ڏٺو پئي ته سنڌ جي سياست ۽ ايندڙ چونڊن ۾ وڏي اهميت حاصل ٿيڻي آهي، مون پير صاحب جي قيد دوران لکيل خطن مان معلوم ڪيو ته سندن قيد مان آزاديءَ جو وقت جيئن ويجهو ايندو ويو تيئن سنڌ جي سياست ۾ حصو وٺندڙ پير صاحب جي حمايت جا طلبگار ٿيڻ لڳا. ايتري قدر جو شيخ يعقوب جي پٽ لقمان ڍاڪا وڃي پير صاحب سان جيل ۾ ملاقات ڪري کيس ايندڙ چونڊن ۾ ووٽن جي حمايت لاءِ چيو، ياد رهي ته سنڌ ۾ اچڻ وقت پير صاحب، شيخ لقمان جي پارت ۾ سنڌ جي ڪجهه ماڻهن کي خط پڻ لکيا. ان وقت ۾ ووٽ جا حق هڪ خاص طبقي وٽ هئا. عام ماڻهو ان وقت ووٽ ڪونه پئي ڏيئي سگهيو. اهو شيخ لقمان ان وقت ڄام صاحبن جي خلاف اليڪشن ۾ ٿي بيٺو.

سنڌ ۾ ان وقت مسلم ليگ سنڌ جي مسلمانن جي نمائنده سياسي جماعت ٿي سياست ۾ اچڻ پئي چاهيو ۽ سنڌ جا مسلم ليگي انڊيا وارن مسلم ليگين جي سياست کان ڏاڍو متاثر هئا. نتيجي ۾ سنڌي مسلمان ۽ هندن ۾ ويڇا وڌڻ لڳا تان جو 1939ع مسجد منزل گاهه جي بهاني سان سکر ۾ فساد برپا ڪيا ويا. ان وقت پير صاحب هندو، مسلم وچ ۾ امن ۽ هم آهنگيءَ جو ڪردار ادا ڪيو ۽ سنڌ جي هندن کي هن سرزمين جو برابر شهري قرار ڏنو. پير صاحب جن جي هن جمهوري برابري واري ڳالهه تي سنڌ جا مسلم ليگي خوش ڪونه هئا.

حقيقت اها آهي ته رتناگري ۽ بنگال جي جيلن ۾ 1930ع کان 1936ع تائين قيد ڪاٽڻ دوران پير صاحب پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي جي ڪري، خاص ڪري بنگال جي جيلن ۾ قيد پرجوش سياسي ڪارڪنن سان ميل جول ڪري، پنهنجي ذهن ۾ جديد انداز جي سياسي هلچل جا خيال کڻي آيو هو. پير ڳوٺ مان “پير ڳوٺ گزيٽ” اخبار جاري ڪرڻ سنڌ جي ڪانگريسي ليڊرن سان ميل ملاقاتون ڪرڻ ۽ هندو مسلم تعصب کان پري رهندڙ مسلمان سياستدانن سان رابطا رکڻ. اهي قدم گڏيل هندوستان جي تحريڪ آزاديءَ جي طرفداري ڪندي نظر اچن ٿا.

P-02

سال 1940ع ۾ پير صاحب حج ادا ڪرڻ لاءِ مڪي مديني ڏانهن اُسهيا، ساڻن گڏ شيخ لقمان به شامل هيو (ٿي سگهي ٿو ته اهو ماڻهو واءُ سواءُ لهڻ خاطر موڪليو ويو هجي!).

پير صاحب حج ڪري وطن واپس آيا. ان کانپوءِ پير ڳوٺ بدران سانگهڙ ڀرسان گڙنگ بنگلي تي اهل و عيال سان اچي رهڻ لڳا. سبب اهو ٿي سگهي ٿو ته خيرپور رياست جيڪا شروع کان انگريز دوست رياست هئي ۽ درگاهه شريف پير جو ڳوٺ هن رياست ۾ واقع هيو. مٿان ڇا ٿيو جو مير فيض محمد ٽالپر والي رياست کي دماغي طور بيمار قرار ڏئي پهرين لاهور پوءِ لکنوء نفسياتي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو. سندس نابالغ پٽ برطانيه موڪليو ويو. رياست جي واڳ لکنوء مان گهرايل ايس اعجاز علي کي رياست جو منسٽر مقرر ڪيو ويو. جيڪو 1936ع کان ويندي 1947ع تائين اتي رهيو. هن لکنوي اعجاز سان گڏ هالاڻي جي سيد غلام رسول شاهه کي رياست جو ناظم پوليس مقرر ڪيو ويو. اهي ٻئي آفيسر پير صاحب ۽ درگاهه دشمنيءَ ۾ انتهائي اڳرائي ڪندڙ هئا. خيرپور جو وزير هر مهيني انگريز سرڪار کي پير صاحب خلاف رپورٽون موڪليندو رهندو هو ته پير صاحب ڪيٽيءَ ٻيلي ۾ رهي ٿو ۽ اتان خيرپور رياست تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ان بعد سنڌ جو بادشاهه ٿيڻ ٿو چاهي. وزير صاحب ۽ ناظم پوليس ڪيٽي ٻيلي ڏي ويندڙ رستن تي پوليس چوڪيون قائم ڪيون. خاص احمد پور وٽان جيڪو رستو ڪيٽيءَ ۾ ويندو هو اُتي رات ڏينهن چوڪسي رکيائون پئي ته ڪير پير صاحب سان ملڻ لاءِ ٻيلي ۾ وڃي ٿو. اڪثر ڪري هندو ڪانگريسي ورڪرن جي ملاقاتن کي وڌائي پيش ڪندا هئا. هنن رپورٽن ۾ اها خاص ڳالهه لکندا هئا ته پير صاحب هيترن هزار روپين جي کاڌي ڪانگريسي کان خريد ڪئي آهي وغيره وغيره.  اهو ئي سبب هو جو پير صاحب سانگهڙ ڀرسان گڙنگ بنگلو اچي وسايو. سانگهڙ مان به انگريز دوست حلقن طرفان پير صاحب خلاف درخواستون ڪرائيندا رهندا هئا. جيسيتائين سنڌ جو گورنر لسنلاٽ گراهم هيو، تيسيتائين حڪومت سان لاڳاپا بهتر رهيا پر جيئن ئي گورنر هيوڊو 1941ع سنڌ جو گورنر ٿي آيو ته حالتون بدلجي ويون. اصل ڳالهه اها آهي ته سنڌ جو گورنر هيوڊو انتهائي تڪبر ۽ تعصب وارو ماڻهو هو، هن اچڻ ساڻ حُر تحريڪ جي سرواڻ خلاف ٻارڻ ٻاري ڏنو، پير صاحب ڪوشش ڪئي ته ان تعصبي ۽ مغرور شخص سان ملي حالتن کي پُرامن ڪجي، تنهنڪري هيوڊو سان سورهيه بادشاهه جون ٻه ملاقاتون ٿيون، پهرين ملاقات جولاءِ 1940ع ۾ ٿي ۽ ٻي ملاقات جون 1941ع ۾ ٿي. هنن ملاقاتن دوران پير صاحب گورنر کي قاعدي قانون موجب جواب ڏنا. ملاقاتن دوران انگريز جي تڪبر جو هڪ پهلو ظاهر ٿيو، پير صاحب کان پڇيو ويو ته اوهان غازي ڇو پيا ڀرتي ڪريو، پير صاحب وراڻيو ته هي اسان جي جماعت جا سماجي رضاڪار آهن، جيڪي ڪانگريس جي رضاڪارن موجب سماج جي خدمت ڪرڻ لاءِ موجود آهن، جيڪڏهن ٻوڏ ۽ ايمرجنسي ۾ ضرورت پوندي ته اهي خدمتون سرانجام ڏيندا.   تاريخي رڪارڊ تي ڄاڻايل ملاقاتن بابت وائسراءِ ڏانهن هيوڊو جا خط موجود آهن، جن ۾ هي تعصبي ماڻهو پير صاحب جي چوغي ۽ دستار ۾ جڙيل هيرن جواهرن جو ذڪر ڪندي ايئن ٿو چوي ته: انگلينڊ جي شهنشاهي دعوت ۾ وڏا لارڊ به اهڙي سون جواهرن وارو لباس ڪونه ٿا پهرين! يعني ته پير صاحب “بادشاهي لباس ٿو پهري”.

1939ع جي منزل گاهه وارن فسادن دوران ظاهر آهي ته مسلم ليگين پير صاحب سان رابطا ڪيا هوندا، هنن مسلم ليگين ۾ سکر وارن فسادن جي فرنٽ ۾ پير علي محمد راشديءَ جو ڪردار نظر اچي ٿو. هي سيد سورهيه بادشاهه سان دشمناڻو رويو رکندڙ هيو. ان زماني ۾ پير صاحب انساني برابري واري جمهوري سياست جي طرفداري ڪئي، ڊاڪٽر ساره انصاري پنهنجي ڪتاب Sufi Saints and State Power, The Pirs of Sind 1843-1947 ۾لکيو آهي ته: “سورهيه بادشاهه ان وقت جي سياسي جماعتن بابت اهو واضح خيال رکندڙ هيو ته هندو مهاسڀا ۽ مسلم ليگ ٻئي فرقاپرست جماعتون آهن!.”

04 سيپٽمبر 1941ع جي هڪ خط ۾ سنڌ جو گورنر هيوڊو وائسراءَ هند لارڊ لنلٿگو کي لکي ٿو “ پير صاحب پاڳاري اسان جو مشورو قبول ڪندي ڪراچيءَ ۾ اچي رهڻ قبول ڪيو آهي، وٽس تمام گهٽ تعداد ۾ نوڪر چاڪر رهن ٿا، سندس طرفان سرڪار کي گهربل ماڻهو پيش ڪيا ويا آهن، ڏوهن ۾ به گهٽتائي آئي آهي، وغيره وغيره.” پر ساڳئي خط جي پڇاڙيءَ ۾ لکي ٿو ته جيڪڏهن ڪا صورتحال پيدا ٿي ته پير صاحب کي سنڌ ۾ نظر بند ڪرڻ مناسب ڪونه ٿيندو، مون طرفان ڊفينس آف انڊيا رول 26 تحت هندوستان جي ٻي ڪنهن رياست ۾ نظر بند ڪيو ويندو. هيوڊو جي هن خط ۾ ٻه متضاد ڳالهيون ظاهر آهن، هڪ طرف چوي ٿو ته پير صاحب سهڪار پيو ڪري پر ٻئي پاسي پير صاحب کي خاص قلم تحت هندوستان جي ڏورانهين رياست ۾ قيد ڪرڻ جي ڳالهه ٿو ڪري… يعني ته هو هر صورت ۾ دشمني وارو رويو دل مان نه ٿو ڪڍي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو