Home / بلوچستان / لاپتا بلوچ نوجوان ۽ فرزانا مجيد بلوچ جي جدوجهد
above article banner

لاپتا بلوچ نوجوان ۽ فرزانا مجيد بلوچ جي جدوجهد

 ذاڪتر لغاري

Zakir Laghari

بلوچي ادب ۾ اتان جي عظيم ليکڪائن ۾ شمار ٿيندڙ بانل دشتياري، گوهر ملڪ ، فضيله عالياڻي، دُر بيبي، ناز ملڪ، زينب سلطانه جهڙين اديب ۽ دانشور عورتن پنهنجي ٻولي ۾ لکي بلوچي ادب ۾ اهم ڪردار ادا پئي ڪيو آهي. بلوچي ادب ۾ ايم فل ڪندڙ  ثناءَ زينت پهرين بلوچ عورت آهي، جنهن جا تنقيدي ۽ تحقيقي موضوع لکڻين جو خاص ميدان آهن. افسانه نگار صبيحه ڪريم جنهن جو تعلق ساحلي علائقي مڪران سان آهي. مڪران جي بيبي شانتل زيمي جو نالو به نمايان آهي. آمنه پناه پڻ ادب سان گڏوگڏ صحافت سان لاڳاپيل آهي. اڄ مڪران، ڪوئيٽا، خضدار، پشين، ڪوهلو، ڊيرابگٽي ۽ تربت مان جيڪر عورتن جو قافلو لانگ مارچ جي صورت ۾ نڪري ٿو ۽ اسٽيج تي بيهي عورتون تقرير ڪري رهيون آهن ته اهڙي جاڳرتائي تبديلي واري پيڙهه جو بنياد ڄاڻايل عورتن ئي رکيو. فرزانه مجيد بلوچ پڻ انهن بهادر ڇوڪرين مان هڪ آهي، جنهن پنهنجي زندگي سندس ڀاءَ جي بازيابي سان گڏ بلوچ سماج جي پر امن تعمير ۽ انساني حقن جي بحالي لاءِ تاحيات وقف ڪري ڇڏي آهي. سندس تعارف بلوچ نوجوانن جي هلندڙ بازيابي واري تحريڪ جي سرواڻي ڪندڙ  هڪ اهڙي سورميءِ جيان آهي، جيڪا پنهنجي ڀاءُ جي بازيابي سميت لاپته سياسي ڪارڪنن جي پر امن واپسي لاءَ جدوجهد جي علمبردار  هجڻ سان گڏ  اتساهه جو ذريعو بڻيل آهي. فرزانه مجيد بلوچ انساني حقن جي سرگرم ڪارڪن ۽  وائيس فار بلوچ مسنگ پرسن جي جنرل سيڪريٽري پڻ آهي، ان ئي پليٽ فارم تان هن پنهنجي صوبي جو ڪيس عالمي سطح تي بلند ڪري اقوام متحده تائين پهچايو. بلوچ معاشري ۾ ورلي ڪا عورت گهر کان ٻاهر نڪري بلوچستان جي عوامي مسئلن تي ڳالهائيندي آهي، پر فرزانه مجيد خاموشي واري جمود جي واڳ موڙي ڪيترين ئي عورتن کي ظلم خلاف جاري جدوجهد ۾ شامل ڪري نئين روايت قائم ڪري چڪي آهي. پيءَ جيان هن به حادثاتي طور سياسي راهه اختيار ڪئي.

f.baloch

فرزانه مجيد بلوچ جو والد مجيد بزنجو بلوچستان نيشنل پارٽي (حئيءِ) جو سرگرم قومپرست اڳواڻ هو، جيڪو پنهنجي شاگردي واري زماني ۾ به ترقي پسند خيالن جو حامي هو. بزنجو خاندان سان تعلق رکندڙ فرزانه مجيد جي والد کي خضدار ۾ ان وقت گوليون هڻي قتل ڪيو ويو جنهن وقت هو گزگي چوڪ تي هڪ هوٽل ٻاهران  دوستن سان چانهه پي رهيو هو. خضدار جا مقامي ماڻهو ٻڌائين ٿا ته اهڙي طرح جو پهريون واقعو هو جنهن ۾ ڪنهن شخص کي هوٽل مان سڏي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هجي. فرزانه مجيد ان وقت ڏهين ڪلاس ۾ تعليم حاصل ڪري رهي هئي. سندس ڀاءُ جي اغوا واري واقعي بعد هو گذريل ستن، اٺن سالن کان ورچي ناهي ويٺي. هن جي ڀاءُ ذاڪر مجيد بلوچ کي ان وقت اغوا ڪيو ويو جڏهن هو بلوچستان يونيورسٽي جي انگريزي ادب ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيو هو. جيڪو باشعور ۽ متحرڪ ذهين شاگرد هئڻ سان گڏ  شاگرد تنظيم بي. ايس. او. آزاد جي باني ميمبرن مان هو، هن تنظيم پنهنجا ڪيترائي شاگرد اڳواڻ وڃايا پر اڃا به بلوچ عوام جي حقن بابت شعور جي لاٽ اُجهامي ناهي سگهي. کيس 2009ع جي جُون مهيني ۾ ٻن دوست ساٿين عبدالوحيد ۽ عبدالباسط سان گڏ مستونگ کان واپس گهر طرف ايندي رستي تان اغوا ڪيو ويو. فرزانه مجيد خضدار ۾ قائم انساني حقن جي ڪميشن آفيس جي نمائيندن سان رابطو ڪيو، سندس ننڍي ڀاءَ  کي ذاڪر مجيد جي دوستن سان گڏ مستونگ طرف اماڻيو جيڪي واقعي جا شاهد به هئا. جن کي پوليس ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ چيائين. ذاڪر مجيد جو ڪافي ڏينهن کان گهر نه اچڻ واري پڇيل سوالن تي پنهنجي ماءَُ کي مختلف جوازن سان ورندي ڏئي اطمينان ڏياريندي رهي. ذاڪر مجيد جا دوست صحيح سلامت واپس گهر پهچي چڪا هئا پر سندس ماءُ کي پٽ جو ۽ ڀيڻ کي پنهنجي ڀاءُ جو اڄ به اکين ۾ اوسيئڙو ئي رهي ٿو. هن جڏهن پنهنجي گم ٿيل ڀاءُ جي بازيابي لاءِ جدوجهد شروع ڪئي ته ان وقت پنهنجي پسنديده مضمون بايو ڪيمسٽري (حياتياتي ڪيميا) ۾ تحقيق ڪري رهي هئي. جنهن لاءِ هن بلوچستان يونيورسٽي ۾ ايم فل جو امتحان پاس ڪرڻ لاءِ اهليت جي بنياد تي داخلا ورتي. بلوچي ادب ۾ پڻ ايم. اي ڪيل فرزانه مجيد بلوچ سمورا ذاتي خواب پاسيرا رکي بلوچستان ۾ انساني حقن جي بحالي سان گڏ پنهنجي اغوا ٿيل ڀاءُ جي محفوظ واپسي واري جدوجهد ۾ ائين شامل ٿي وئي آهي، جيئن ڪو راهه ويندڙ اڪيلو مسافر اچانڪ ڪنهن چوڪ تي پهچي سوچڻ لڳي ته سندس منزل طرف ويندڙ صحيح دڳ ڪهڙو ٿي سگهي ٿو.! هن ڪوئيٽا، ڪراچي ۽ اسلام آباد کان علاوه ملڪ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي ڪئمپون قائم ڪري ڪيترائي ڏينهن بک هڙتال تي ويٺي رهي. اتي پنهنجو اڪثر وقت مطالعو ڪندي گذاريو. ڪراچي پريس ڪلب سامهون احتجاجي ڪئمپ لڳائي گهر ڀاتين سميت ڪيترن ڏينهن تائين مطالبن جي مڃتا لاءِ فوٽ پاٿ تي ڏينهن ۽ راتيون گذاريون. ڪيترائي نامور صحافي ۽ بين القوامي اليڪٽرانڪ ميڊيا جا نمائينده هن جو انٽرويو وٺندا رهيا پر ڪٿان ڪا اميد يا آسرو ڪجهه به نه بدليو، ايتري تائين جو ڪيئي عيدون گهر کان پري پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪندي گذري ويون. ٻين گم ٿيل گهر ڀاتين جيان فرزانه مجيد اسلام آباد ۾ جاويد اقبال وٽ به اغوا ٿيل بلوچ نوجوانن جو ڪيس پيش ڪيو، جنهن روايتي گم ٿيل گهر ڀاتين کي ورندي ڏيندي ساڳئي ڳالهه ورجائي ته احتجاجي مظاهرن ۽ ميڊيا ۾ اچڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو. اهڙي قسم جو سلسلو بند ڪري، وڃي گهر ويهو اميد ته هفتي اندر اوهان جا پيارا پاڻمرادو گهرن تائين پهچي ويندا. هن جي اهڙي خاطري ڪرائڻ بعد انهن پنهنجي احتجاجي ڪئمپ اسلام آباد کان ڪوئيٽا منتقل ڪئي. ذاڪر مجيد جي اغوا جي ٻن هفتن بعد فرزانه مجيد بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ رِٽ جي صورت ۾  پٽيشن داخل ڪرائي.  جنهن بعد فرزانه مجيد ڪافي وقت کان پوءِ پنهنجي گهر خضدار طرف رواني ٿي. گهر پهچڻ بعد هن کي اتي به سڪون جون گهڙيون نصيب نه ٿيون. نامعلوم فون نمبرن تان ڌمڪين جو اڻ کٽ سلسلو شروع ٿي ويو. انهن ڌمڪين آميز ڳالهين ۾ هن کي چيو ويندو هو ته ”اوهان ذاڪر مجيد کي وساري ڇڏيو، هو هاڻ ڪڏهن به واپس نه ايندو“.

 پنهنجي گهر ڀاتين سان ڪجهه ڏينهن هن اڃا گهاريا ئي هئا ته چچريل لاشن بابت خبرون اچڻ شروع ٿي ويون. سڀ کان پهرين هنن کي غفار لانگو جو لاش مليو، جنهن جون پنج ڌيئرون ۽ هڪ پٽ جو اولاد آهي. ان بعد سمير رند جو لاش هٿ آيو جنهن جي چوويهه سال عمر جڏهن ته اغوا کي هڪ سال گذري چڪو هو. سمير رند جي ڀيڻ پنهنجي ڀاءُ جي بازيابي لاءَ فرزانه مجيد سان احتجاجي مهم ۾ پڻ شامل رهي. ساڳئي سال جليل ريڪي ۽ ثناءَ سنگت جو لاش هٿ آيو. هنن کي اغوا ٿيئي ٻن سالن جو عرصو ٿي چڪو هو. جليل ريڪي جو والد عبدالقدير بلوچ گم ٿيل بلوچ نوجوانن جي بازيابي واري مهم جي اڳواڻي پڻ ڪري رهيو آهي. ذاڪر مجيد جي زنده نه هجڻ واري ڳالهه تي هو پريشان ٿي وڃي ٿي. قتل ٿيل سڀئي نوجوان ذاڪر مجيد جا دوست هئا. فرزانه مجيد همت نه هاري. هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ نوانوي ٻڌڻين ۾ شريڪ ٿيڻ بعد هڪ دفعو ٻيهر احتجاجي مهم تي رواني ٿي. جنهن بعد هن عبدالقدير بلوچ سان گڏجي اهڙين واقعن جي روڪٿام ۽ جاري ظلم خلاف اقوام متحده، ايمنسٽي انٽرنيشنل، جنيوا ڪنوينشن ۽ قومي ادارن سان گڏ ميڊيا جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ لائحه عمل تيار ڪيو. عبدالقدير بلوچ کي فرزانه مجيد عزت ۽ احترام ۾ ”ماما عبدالقدير بلوچ“ چئي مخاطب ٿيندي آهي. ميڊيا به کيس ساڳئي نالي سان سڃاڻپ ڏئي ڇڏي آهي. فرزانه مجيد جي طويل جدوجهد ۾ شامل تمام اهم جوکي وارو مرحلو ٻه هزار هڪ سئو پنجاهه ڪلوميٽرن تي مشتمل مفاصلو پيرين پنڌ طئي ڪرڻ آهي. اهڙي تاريخي ۽  پر امن لانگ مارچ جو آغاز  26 اڪٽوبر تي بلوچستان جي گادي واري شهر ڪوئيٽا کان ڪيو ويو، جنهن جي آخري منزل اسلام آباد هئي. ڀاءُ جي بازيابي لاءِ ڪوئيٽا کان اسلام آباد تائين جو سفر  انيڪ موتمار ڌمڪين باوجود هن طئي ڪيو.

پنج مهينا مسلسل پيرين پنڌ ڪرڻ بعد هي پنجاب جي گادي واري شهر لاهور پهتي. جتي هن پنجاب يونين آف جنرلسٽ کي خطاب ڪندي چيو ته هوءَ جڏهن ٻار هئي ته اڪثر سوچيندي هئي ته لاهور اچي هتان جي يونيورسٽين ۾ اعلي ۽ معياري تعليم حاصل ڪندي، پر قسمت کيس لاهور ۾ پيرين اگهاڙو پنڌ کڻي آئي آهي. جنهن لاءِ هن ڪڏهن به ائين تصور نه ڪيو هو. ويهه ملين ماڻهن جي آبادي واري شهر لاهور مان ان وقت صرف آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو بلوچستان جي مظلوم عوام جي سڏ کي ورنائڻ پهتل هئا. هن شهر ۾ هن کي ائين محسوس ٿيو ته انهن جي تڪليفن کي ڪير به محسوس ڪرڻ وارو ناهي شايد.! ماما قدير بلوچ ۽ ان جو قافلو لاهور جي ٺوڪر نياز بيگ واري علائقي ۾ جڏهن داخل ٿيو ته فيروز پور رستي تان گذرندي ڪجهه ئي فاصلي تي موجود نيشنل هاڪي اسٽيڊيم لاهور ۾ پنجاب حڪومت طرفان اوڻٽيهه هزار شاگردن جي مدد سان دنيا جو تمام وڏو ريڪارڊ قائم ڪرڻ لاءِ انساني سبز پرچم ٺاهڻ واري تقريب جاري هئي. اتان گذرندي هن اهو ئي چيو ته ”مون پنهنجي تندرستي وڃائي آهي حوصلو ۽ همت نه“. اسلام آباد ۾ واقع اقوام متحده جي نمائينده آفيس ۾ گم ٿيل نوجوانن جي فهرست پيش ڪرڻ بعد آخرڪار اقوام متحده جي هيڊ آفيس طرفان انساني حقن جو چونڊيل وفد بلوچستان ۾ ٿيندڙ واقعن بابت معلومات ۽ تفصيل وٺڻ لاءِ هن سان ملاقات ڪرڻ پهتو. اقوام متحده جي وفد کي هن ڪيترن ئي متاثر خاندانن سان روبرو ملائي اکين ڏٺو احوال پيش ڪيو. وفد کي هن ٻڌايو ته اهڙن تاريخي ظلمن مان فرانس، برطانيه جرمن ۽ آمريڪا جهڙا ملڪ به گذري چڪا آهن، انهن ملڪن ۾ اتان جي عوام ظلم خلاف جڏهن به آواز بلند ڪيو آهي ته اقوام متحده انهن جو ساٿ ڏنو آهي. جنهن بعد ان ساڳئي وفد اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اعتراف ڪيو ته بلوچستان جي صورتحال انساني حقن جي حوالي سان ڳڻتي جوڳي آهي. آمريڪا ۾ آباد سنڌين جي تنظيم سانا پاران منعقد ٿيندڙ ڪانفرنس واري دعوت ۾ شرڪت کان روڪڻ لاءِ فرزانه مجيد بلوچ ۽ ماما عبدالقدير بلوچ جا نالا اي سي ايل ۾ داخل ڪيا ويا. سندن درخواست تي  سنڌ هاءِ ڪورٽ جي معزز جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس فاروق علي شاهه تي مشتمل بينچ پٽيشن جي ٻڌڻي ڪندي گهرو وزارت کي اي سي ايل مان نالا خارج ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. جنهن بعد فرزانه مجيد بلوچ ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ آمريڪا رواني ٿي، جتي هو انساني حقن جي علمبردار طور پنهنجو ڪيس عالمي ادارن تائين پهچائڻ لاءِ اڄ ڏينهن تائين سراپا جدوجهد ۾ آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو