Home / اسپيشل افيئر / مشتاق چنگيزي: سنڌي فلمن جو سُپر اسٽار!
above article banner

مشتاق چنگيزي: سنڌي فلمن جو سُپر اسٽار!

اسد ڪورائي

Writerبي مثال اداڪارن منجهه هڪ نالو سنڌي فلمن جي  مشهور اداڪار مرحوم مشتاق چنگيزي جو به آهي جنهن کي سنڌي فلمن جي حوالي سان هڪ الڳ ۽ معتبر مقام حاصل آهي.

ڪوٽڙي ڀرسان ناگو لائن ۾ سال 1943ع ڌاري اک کوليندڙ مشتاق علي ملاڻو کي اهو اندازو ئي نه هو ته هو هڪ ڏينهن سنڌي فلم انڊسٽري جو هڪ ڪامياب ۽ بي تاج بادشاهه اداڪار بڻجي ويندو ڇو ته بقول خود مشتاق چنگيزي جي ته هو پيدائش کان پوءِ تقريبن 7 سالن تائين بلڪل گهٽ ڳالهائيندڙ ۽ خاموش طبيعت هو جنهن سبب اڪثر پاڙيوارا ۽ مِٽ مائٽ سندس والده کي طنز جو طعنو ڏئي چوندا هئا شايد تنهنجو هي پٽ گونگو آهي، اِهي لفظ ٻڌڻ کان پوءِ منهنجي امڙ آسمان ڏانهن نگاهون کڻي رب پاڪ کان دعا گهرندي چوندي هئي ته هڪ ڏينهن منهنجو هيءُ پٽ ايترو ڳالهائيندو، ايترو ڳالهائيندو جو هي دنيا وارا صرف انکي ٻڌندا ۽ ڏسندا رهندا ۽ پوءِ ٿيو به ايئن، خدا تعاليٰ منهنجي امڙ جي دل جي دعا قبول ڪري ورتي ۽ آءٌ سنڌي فلمن جو هڪ ناليوارو اداڪار بڻجي .مشتاق چنگيزي پنهنجي فني سفر جي شروعات اسڪول ۽ ڪاليج جي پروگرامن ۾ پيش ٿيندڙ مزاحيه اصلاحي خاڪن ۽ اسٽيج ڊرامن کان ڪئي ۽ پڙهائي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ والد صاحب مشوري سان ٽنڊو ڄام زرعي ڪاليج (موجوده يونيورسٽي) ۾ فوٽو گرافر جي نوڪري لاءِ درخواست جمع ڪرائي جيڪا اتفاق سان منظور ٿي وئي ۽ چنگيزي، صاحبِ روزگار ٿي ويو ۽ انهي ڪاليج جي هر سالياني پروگرامن ۾ ڀرپور حصو وٺندو رهيو ۽ انهيءَ دوران ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پڻ بطور صداڪار ڪم ڪيائين. نوڪري دوران 1967ع ڌاري هڪ اخبار ۾ اشتهار لڳو ته ڪراچي ۾ ٺهندڙ هڪ نئين سنڌي فلم “شهروفيروز” لاءِ اداڪاري سان عشق رکندڙ قابل، نوجوان نوَن چهرن جي ضرورت آهي، بس اهو اشتهار چنگيزي لاءِ زندگي جو هڪ اڻکٽ فني سفر ثابت ٿيو ۽ لاتعداد نوَن اداڪارن جي موجودگي ۾ مشتاق چنگيزي پنهنجي زندگي جي پهرين فلم ۾ بحيثيت هيرو چونڊجي ويو. مشتاق چنگيزي جي پهرين فلم شهروفيروز مڪمل ٿيڻ کان پوءِ 2 آگسٽ 1968ع ڌاري هڪ ئي وقت پوري سنڌ جي سڀني وڏن شهرن جي سينيمائن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي وئي جنهن ڪاميابي جون منزلون ماڻي پوري ٽيم کي فائدو رسائي فلمساز کي مالا مال ڪري ڇڏيو. بلونا فلمز جي طرفان پيش ڪيل هن فلم جا فلمساز بهار علي بلوچ، خادم حسين بلوچ، هدايتڪار شيخ حسن، ڪئميرامين مدد علي مدن، ڪهاڻيڪار ۽ شاعر رشيد احمد لاشاري ۽ موسيقار غلام علي هو جنهن جي خوبصورت ڪمپوز ڪيل ڌنن تي استاد محمد يوسف ۽ روح جي راڻي رونا ليليٰ پنهنجي آواز جو اهڙو ته جادوئي اثر ڏيکاريو جو هن فلم جا گيت ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر مشهور ٿيا جيڪي اڄ ڏينهن تائين ٻڌا ۽ پسند ڪيا وڃن ٿا. مثلاً

P-01

فلم شهروفيروز جي شاندار ڪاميابي کان پوءِ سنڌي فلمن جو ڏهه (10) سالن کان رڪيل دور هڪ دفعو ٻيهر شروع ٿيو ۽ ڪافي فلمساز سنڌي فلمون ٺاهڻ لاءِ ميدان ۾ لهي آيا ۽ سنڌي فلمن جي مرده ماحول ۾ ڄڻ ساهه پئجي ويو. بهرحال ڪيئي حوالن سان تاريخي حيثيت رکڻ واري فلم شهروفيروز جتي پنهنجي فلمساز ۽ هدايتڪار کي ڀرپور فائدو رسايو اُتي فلم ۾ ڪم ڪندڙ تقريبن سڀني اداڪارن مثال طور مشتاق چنگيزي، ماهه پارا، ملڪ انوکو، محمود دلاسي، نوربانو، شڪيل لاسي، صمد شيخ وغيره لاءِ فلملي دنيا جا دروازا کولي ڇڏيا. چنگيزي صاحب ته فلمي دنيا ۾ ايترو مصروف ٿي ويو جو پنهنجي ملازمت کي به ٽائيم نه ڏئي سگهيو.

مشتاق چنگيزي پنهنجي (44) سالا فني ڪيريئر دوران تقريبن (45) فلمن ۾ بحيثيت اداڪار، هدايتڪار، ڪهاڻيڪار ۽ فلمساز ڪم ڪيو جن ۾ (27) سنڌي (4) اردو فلمون رليز جو مرحلو طئي ڪري عوامي عدالت يعني سينيما گهرن تائين پهچي سگهيون باقي (14) فلمون افتتاح کان پوءِ شروع ته ٿيون پر افسوس ڪنهن نه ڪنهن مسئلي جي ڪري رڪجي رهجي ويون، انهن ۾ حقدار، قسمت ڪئي جدائي، مومل راڻو، جوڳي ڏاڍي ذات، روپلو ڪولهي، بگو بهادر، انقلاب، ڪيئن پرچان توکي، گلو قلندري، ريگستاني گوريلا، سن آف سنڌ، بولان خان ۽ اردو زبان ۾ جاني ميرا نام، پهليلي وغيره شامل آهن. انکان سواءِ پي ٽي وي ۽ ٻين چينلن جي تقريبن 100 ڊرامن ۾ هن پنهنجي فني قابليت جو مظاهرو ڪيو.

1990ع کان پوءِ جڏهن سنڌي فلمن جو زوال پذير دور شروع ٿيو ته به مشتاق چنگيزي پنهنجو فني سفر جاري رکيو ۽ ٽي وي، ٽيلي فلمن کان سواءِ ريڊيو ڏانهن رُخ رکندي آخري دم تائين فني دنيا سان وابسته رهيو. مشتاق چنگيزي ٻه شاديون ڪيون، هڪ پنهنجي خاندان مان ۽ ٻي مشهور اداڪاره مرحومه چڪوري سان جيڪا ڪجهه عرصي کان پوءِ طلاق جي صورت ۾ ٽٽي وئي جنهن سبب چنگيزي صاحب به ڪافي ذهني دٻاءَ جو شڪار رهيو پر چوندا آهن وقت اهو ناياب مرهم آهي جيڪو وڏي کان وڏا زخم به ڀري ڇڏيندو آهي. اهڙي طرح چنگيزي به جڏهن چڪوري جي چڪر مان آزاد ٿي هڪ دفعو ٻيهر فلمي دنيا جو رخ ڪيو ته ڪيئي ڪامياب ۽ يادگار فلمن جو حصو بڻيو. مشتاق چنگيزي پنهنجي فني قابليت عيوض لاتعداد سندون، ايوارڊ، اعزاز ۽ انعام حاصل ڪيا. مشتاق چنگيزي جي آخري فلم عاشق زهر پياڪ آهي جيڪا سال 2006ع ڌاري سنڌ ٽي وي تان پيش ڪئي وئي هئي. مشتاق چنگيزي 2008ع ڌاري پنهنجي فلم داستان ۽ زندگي جي اهم واقعن تي مشتمل هڪ بهترين ڪتاب “مان ڪير آهيان؟” جي نالي سان لکيو هو جيڪو ادبي دنيا جي ڏاهن ۾ بيحد پسند ڪيو وڃي ٿو. سنڌي فلمن جي دليپ ڪمار يعني مشتاق چنگيزي پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪيئي لاها چاڙها ڏٺا جنهن سبب هو دل جي مرض ۾ به مبتلا رهيو، کيس پهريون دل جو دورو 1994ع ۾ پيو هو ۽ آخري دورو پهرين مارچ 2012ع ڌاري پيو جنهن سبب سنڌ جو هي محبوب اداڪار ۽ سنڌي فلمن جو اولين سپر اسٽار اسان کان هميشه هميشه جي لاءِ جدا ٿي ويو. سنڌي فلمن جي سدا بهار هيرو مشتاق چنگيزي کي سوين آلين اکين سان ٽنڊو جهانيان سول لائينز، حيدرآباد جي تاريخي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو