Home / ڪتاب / مشهور ڀارتي صحافي ڪِرن ٿاپر سان مِلو!
above article banner

مشهور ڀارتي صحافي ڪِرن ٿاپر سان مِلو!

رئوف نظاماڻي

Rauf Nizamani

ڀارتي صحافي ڪرن ٿاپر جو تازو ڪتاب “ Devil’s Advocate-The Untold Story” پڙهي پورو ڪيو. ڪتاب جي شروع ۾ ليکڪ پنهنجي خاندان، زال ۽ پڙهائي متعلق ٻڌايو آهي. سندس پيءُ ڀارت جي فوج جو چيف آف اسٽاف هو. ڀارت جي ناميارن تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ کانپوء هن ڪيمبرج ۾ داخلا ورتي. ان وقت بينظير ڀٽو جيتوڻيڪ آڪسفورڊ ۾ هئي پر ٻيئي جيئن ته پنهنجن ادارن جي سوسائٽين جا عهديدار هئا ان ڪري سندن هڪٻئي سان واسطو رهندو هو جيڪو هڪ گهري دوستي جي صورت ۾ بدلجي ويو ۽ هن ڪراچي ۾ بينظير جي شادي ۾ پڻ هڪ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي هئي. هو اندرا گانڌي جي خاندان ۽ خاص طور تي سنجي گانڌي سان گھڻو ويجھو رهيو جيڪو اڪثر وقت سندن گھر ۾ گذاريندو هو ۽  جنهن جو ذڪر هن پڻ ڏاڍي پيار ۽ پاٻوهه مان ڪيو آهي. هڪ صحافيءَ طور هو ٽائمز  لنڊن، بي بي سي ۽ هندستان ٽائمز وغيره سان لاڳاپيل رهيو. سندس پهرين اسائنمنٽ ٽائمز لنڊن جي نمائندي طور نائيجيريا ۾ مقرري هئي جتان هڪ رات اتان جي فارين آفيس کي باهه لڳڻ جي هڪ خبر ڏيڻ تي کيس ناپسنديده شخصيت قرار ڏيئي نيڪالي ڏني ويئي. هن پنهنجي زال جي اوچتي گذاري وڃڻ کانپوء پنهنجو گھڻو وقت ڀارت ۾ گذاريو. هو ڪولمبو ۾ جنهن هوٽل ۾ رهيل هو ان تي تامل گوريلن جي ڪيل هڪ وڏي بم جي ڌماڪي ۾ پڻ شديد ڦٽجي پيو هو.

ڪتاب ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ گھڻين شخصيتن جو ذڪر آهي. ان جي خاص ڳالهه اها آهي ته ان ۾ انهن شخصيتن جا انٽرويو شامل ناهن پر انهن انٽرويوز جو پسمنظر ۽ ان دوران جيڪي ڪجهه پيش آيو ان جو ذڪر ڪيو ويو آهي جيڪو پڙهندڙن لاءِ گھڻي دلچسپي جو ڪارڻ آهي. پاڪستان ۾ هن جنرل مشرف جو انٽرويو ڪيو هو. مشرف پاران ته کيس گھڻي ڏکيائي کي منهن ڏيڻو نه پيو پر انٽرويو کان اڳ ۽ ان جي نشر ٿيڻ واري وقت ڀارت جي حڪومت، ڪامورن ۽ وزيرن جي پيدا ڪيل مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو هو.

صحافين کي اتي ڏکيائي پيش ايندي آهي جتي سياستدان رڳو اهو چاهيندا آهن ته کانئن رڳو سندن پسند جا سوال ڪيا وڃن ۽ سندن ساراهه ڪئي وڃي. گھڻا سياستدان اڻوڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيئي ويندا آهن ۽ گھڻا ان کي پنهنجي انا جو مسئلو بڻائي پنهنجي لاء ئي مسئلو پيدا ڪندا آهن.

P-01

ليکڪ کي گھڻي ڏکيائي بارڪ اوباما، جي لليتا ۽ بي جي پي جي اڳواڻن رام جيٺملاڻي، ايل ڪي آڏواڻي ۽ نريندر مودي جي سلسلي ۾ پيش آئي. اوباما لاءِ سندس رايو آهي ته جيتوڻيڪ هو تحرير ۽ تقرير جي آزادي جو دعويدار آهي پر هن هڪ ته انٽرويو کان اڳ سوال گھريا، ٻي ڳالهه ته ڪي سوال ان مان ڪاٽي ڇڏيا ۽ پوءِ به جڏهن ساڳيا سوال کانئس ٻئي مختلف نموني سان ڪيا ويا ته هن جواب ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو يا لنوائي ويو. ساڳي ريت بي جي پي جي اڳواڻن جو ساڻس تعلق اوستائين خوشگوار ۽ سٺو رهيو جيستائين سندن پڇ تي لت نه آئي ۽ کانئن سندن سياست ۽ پارٽي جي حوالي سان ڪي حساس سوال نه ڪيا ويا. ايل ڪي آڏواڻي جو ساڻس نهايت ويجھو تعلق هو جيڪو هڪ انٽرويو جي نتيجي ۾ پارٽي ۾ موجود اختلافن متعلق سوال ڪرڻ تي ڄڻ بلڪل ختم ٿي ويو. گجرات جو قتل عام ڄڻ مودي لاء هميشه هڪ ڊيڄاريندڙ خواب جيان هوندو. ٿاپر 2007ع ۾ کانئس پنهنجي انٽرويو جي شروعات ان موضوع تي پڇيل سوال کان ئي ڪئي هئي ۽ ان تي ئي اهو انٽرويو ختم ٿي ويو هو. اهو انٽرويو رڳو ٽي منٽ هلي سگھيو ۽ پوءِ ڪلاڪ کن مودي سندس تواضع ڪندي ساڻس ايئن ئي گپ شپ ڪندو رهيو. ليکڪ جو چوڻ آهي ته مودي جي وزيراعظم ٿيڻ کانپوءِ 2016ع کان بي جي پي جو ڪو اڳواڻ سندس پروگرام ۾ اچڻ ۽ انٽرويو ڏيڻ لاء تيار ناهي. گھڻي ڪوشش کانپوءِ اها خبر پيئي ته مودي پاران کين منع ڪئي ويئي آهي. جڏهن هن ان سلسلي ۾ مختلف ذريعن وسيلي مودي سان ملڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن ساڻس ملڻ کان انڪار ڪندي اهو چورائي موڪليو ته سندس رويو ڏانهس تعصب وارو آهي.

هي ڪتاب هڪ دلچسپ ۽ پڙهڻ جوڳو آهي. خاص طور انهن لاء جيڪي صحافت جي ميدان ۾ آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو