Home / ڪتاب / مصري ناول:  مصر جي ڌرتيءَ تي جنگ
above article banner

مصري ناول:  مصر جي ڌرتيءَ تي جنگ

رئوف نظاماڻي

Writer

  سرزمين مصر ۾ جنگ، هي مصر جي اديب يوسف القعيد جو لکيل ناول آهي. شروع ۾ اهو ناول مصر ۾ ڇپجي نه سگھيو ۽ ڪجهه عرصي کانپوءِ ان کي بيروت مان ڇاپيو ويو. هي ناول مصر جي ڳوٺاڻي زندگي جي حوالي سان 1973 جي مصر اسرائيل جنگ جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. 1967ع جي جنگ ۾ شڪست ۽ جمال ناصر جي موت کانپوءِ مصر ۾ گھڻيون معاشي ۽ سياسي تبديليون آيون. هي ناول انهن ننڍن زميندارن ۽ هارين جي زندگي جو احوال بيان ڪري ٿو جن کي ناصر جي دور ۾ زمينن جي ملڪيت ملي هئي پر نئين حڪومت ۾ اهو سڀ ڪجهه کانئن کسجي وري پراڻن مالڪن کي ملي ويو.

ناول جي خاصيت اها آهي ته ان ۾ ڪنهن به ڪردار جو ڪو نالو ناهي ۽ هرڪو پنهنجي عهدي ۽ سرڪاري حيثيت جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو ۽ ان جو بيان ڪري ٿو. ڳوٺ جو وڏو زميندار، جنهن کي مصر ۾ عمده جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، کي عدالت پاران اها سڀ زمين واپس ملڻ جو حڪم ٿئي ٿو جيڪا کانئس جمال ناصر جي زرعي سڌارن جي ڪري وٺي هارين وغيره ۾ ورهائي ويئي هئي. ان حوالي سان کيس پوليس ۽ ٻين سرڪاري عملدارن جي پٺڀرائي حاصل هجي ٿي. ان سان ڳوٺ ۾ سندس وڏي حيثيت ۾ اڃا به واڌارو اچي وڃي ٿو.

P-01

عمده جون ٽي زالون هجن ٿيون پر ڪنهن بيماري جي ڪري هو پنهنجي مرداڻي صلاحيت وڃائي ويهي ٿو جنهن جي خبر رڳو سندس ننڍي زال کي هجي ٿي جنهن وٽ ئي هو رهي ٿو. ان زال مان کيس هڪ پٽ هجي ٿو جيڪو سندس ٻين پٽن کان ننڍو آهي. ان دوران سرڪار پاران سندس ان پٽ جي لازمي فوجي خدمت جو حڪم نامو اچي ٿو. پنهنجن ٻين پٽن لاءِ هو اهڙن حڪم نامن کي اڳ ختم ڪرائي چڪو هو. هاڻي اهو سندس لاءِ ان ڪري ضروري هو ته اهو سندس ننڍي زال جو اڪيلو پٽ هو جيڪا اهو نه چاهيندي ته هو کانئس پري وڃي ۽ ٻي ڳالهه ته هوءَ ئي سندس راز کان به واقف هئي جنهن ڪري هو کيس ناراض ڪرڻ به نه پيو چاهي. ان ڪري هو پنهنجي منشي وسيلي هڪ دلال سان رابطو ڪري ٿو جيڪو اهڙا ڪم ڪندو آهي. هو گھڻي سوچ ويچار ۽ ڏي وٺ کانپوءِ کيس صلاح ڏئي ٿو ته اهو معاملو ان نموني حل ٿي سگھي ٿو ته تنهنجي پٽ جي جاءِ تي ڳوٺ جي هڪ اهڙي نوجوان کي ڀرتي لاءِ موڪليو وڃي جيڪو ساڳي ڏينهن پيدا ٿيو هجي جنهن ڏينهن تنهنجو پٽ پيدا ٿيو آهي. جاچ جوچ کانپوءِ منشي کيس ٻڌائي ٿو ته اهڙو نوجوان چوڪيدار، جيڪو تازو رٽائر ٿيو آهي ۽ هاڻي عمده وٽ ئي ملازمت ڪري ٿو، جو پٽ آهي جيڪو پنهنجي ذهانت جي باوجود وسيلن نه هئڻ ڪري شهر جي اسڪول ۾ وڌيڪ نه پڙهي سگھيو. عمده ان چوڪيدار کي مختلف طريقن سان ريڀي، کيس زمين وغيره واپس ڪرڻ جي لالچ ڏيئي ان ڳالهه لاءِ مجبور ڪري ٿو ته هو پنهنجي پٽ کي ان ڳالهه لاءِ مجبور ڪري ته هو سندس پٽ جي جاءِ تي فوج ۾ لازمي خدمت لاءِ وڃي. نيٺ ڪنهن طريقي سان چوڪيدار جي پٽ کي عمده جي پٽ جو نالو ڏيئي ۽ ان کي عمده جو پٽ ڄاڻائي لازمي فوجي خدمت لاءِ موڪليو وڃي ٿو.

اتي ان نوجوان جي طبي يونٽ ۾ ڊيوٽي هجي ٿي. هو لاڳيتو اُڻ تڻ جو شڪار هجي ٿو ۽ پنهنجي ٻٽي حيثيت کي سهي نه ٿو سگھي. هو اتي پنهنجي هڪ دوست سان پنهنجي دل جو حال اوري ٿو ۽ کيس چئي ٿو ته هو جيڪڏهن مارجي وڃي ته هو اهو سڀ ڪجهه ظاهر ڪري ڇڏي. پر هو اها ڳالهه جنگ جي تيز ٿي وڃڻ جي ڪري پنهنجن آفيسرن کي نه ٿو ٻڌائي سگھي. هو ان ڳالهه کي ترجيح ڏئي ٿو ته بجاءِ پوئتي رهڻ جي اڳين صفن ۾ وڃي ملڪ جي بچاءَ لاء وڙهي. ان جنگ ۾ هو شهيد ٿي وڃي ٿو ۽ سندس دوست، جنهن کي سندس گھر ۽ ڳوٺ جي خبر هجي ٿي، تي اها ذميواري رکي وڃي ٿي ته هو هڪ ٻئي آفيسر سان گڏجي سندس لاش کي مائٽن تائين پهچائي. واٽ تي ان ڳوٺ جي هڪ همراهه کي اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته عمده جو پٽ جنگ ۾ مارجي ويو آهي ۽ ان جي لاش کي ڳوٺ پهچائڻو آهي ته هو کين ٻڌائي ٿو ته عمده جو پٽ ته جيئرو جاڳندو ڳوٺ ۾ موجود آهي. پوءِ اهو دوست اهو راز کولي ٿو ته عمده جي پٽ جي نالي ۾ اهو دراصل چوڪيدار جو پٽ آهي جنهن کي عمده جي پٽ کي ڀرتي کان بچائڻ لاءِ فوج ۾ موڪليو ويو هو. گڏ آيل آفيسر ان سلسلي ۾ عمده خلاف ڪارروائي ڪرڻ چاهي ٿو. انڪوائري ٿئي ٿي.

هيٺين آفيسرن جو رايو هجي ٿو ته لاش کي سندس حقيقي پيءُ چوڪيدار جي حوالي ڪيو وڃي ۽ سرڪار پاران شهيد لاءِ جيڪي مراعتون وغيره آهن اهي به ان کي ڏنيون وڃن. پر عمده پنهنجي اثررسوخ ۽ وڏن آفيسرن تائين راهي رسائي ڪري ايئن ٿيڻ نه ٿو ڏئي. نه رڳو ننڍن آفيسرن جي سرزنش ٿئي ٿي پر انهن کي چيو وڃي ٿو ته انهن فوج جي ڪمن ۾ مداخلت ڪئي آهي. جيئن ته سرڪاري رڪارڊ ۾ نوجوان کي عمده جو پٽ ڄاڻايو ويو هو ان ڪري جيڪي سرڪاري مراعتون آهن اهي ان کي ملنديون ۽ پوءِ ان جي مرضي آهي ته هو ان مان چوڪيدار کي ڪجهه ڏئي ٿو يا نه ٿو ڏئي جڏهن ته لاش کي فيصلي ٿيڻ تائين نامعلوم جاءِ تي رکيو ويندو. چوڪيدار کي وري به ننڍي انڪوائري آفيسر پاران آسرو ڏنو وڃي ٿو ته هو ساڻس گڏ آهي ۽ لاش ۽ مراعتن مان ڪجهه حصو کيس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندو پر اهو مڙيئي ايئن ٺلهو آسرو ئي هجي ٿو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو