Home / ڪتاب / مُند بنا موتيا نسلن کي نوان گس ڏسيندڙ شاعر جي شاعري!
above article banner

مُند بنا موتيا نسلن کي نوان گس ڏسيندڙ شاعر جي شاعري!

خالده منير

 مونکي حسن درس Writerکانپوءِ سرواڻ سنڌي جي شاعري جي هڪ نئين لاٽ وري ٻرندي محسوس ٿي آھي، مند بنا موتيا سرواڻ سنڌي جو ٻيو شعري مجموعو آھي جيڪو نسٽ يونيورسٽي پريس اسلام آباد پاران ڇاپيو ويو آھي جنهن ۾ جديد سان گڏ قديم گهاڙيٽن ۽ جدت سان رنڱيل غزل، وائي توڙي نظم پڙهڻ سان من ٻھڪي پوي ٿو. لاڙ جنهن کي هاڻ سمنڊ ڳڙڪائي رهيو آھي، جنهن جون ٻنيون سُڪي ويون آھن جت مهاڻن جا بتيلا اڏوهي کائي رهي آھي، جتي درياهه جا نشان پاڻي جي دُٻن جي صورت اختيار ڪري ويا آهن، جٿي پوکن بدران مٽيءَ اڏامي اکين جا ڳوٺڙا ويران ڪري رهي آهي، خوشبُوءَ ختم ٿي وئي آهي، شادين جون موسموُن اُڪامي ويون آهن، رڻ پٽ رڙي راڙو ڪري رهيو آهي ۽ آبادين ۾ به خاموشي جو واسو آهي، مائرن جي ٿڃ ڪڏهوڪو سُڪي ٺوٺ ٿي وئي آهي ۽ هاڻي ڄمندڙ ٻار ٿڃ بدران ڄڻ ته تپندڙ شيهو پيءُ رهيا آهن.

سرواڻ به سنڌ جي انهي پوئتي پيل ساحلي پٽي جي ضلعي بدين جي شھر ڪڍڻ سان واسطو رکي ٿو، بدين جنهن اسان کي مولوي حاجي احمد ملاح کان ويندي آڪاش انصاري کان ويندي سرواڻ سنڌي جهڙا بهترين شاعر ڏنا آھن، توڙي جو سرواڻ نوڪري جي سلسلي ۾ گهڻي وقت کان اسلام آباد رهي ٿو  ۽ اتي هي سنڌ کي نٿو وساري، سنڌين ۽ سنڌو کي نٿو وساري، اها سچائي تمام گهٽ شاعرن ۾ آھي، ان سچائي سنڌ سان چاھ جي حوالي سان سرواڻ جو نالو سدائين نمايان  رهندو،  هي شاعر خوبصورت شاعري سرجي ٻڌائي ٿو ته اسان جا خواب سنهري آھن، اسان جي سوچ درياهه جهڙي ۽ اسان جي دل سمنڊ جيڏي آھي اسان مايوس ناھيون ٿيا، اسان ٿڪا نه آھيون، سرواڻ سنڌي جي شاعري ۾ رومانس درياهه جي ڇولي جيئان ڇوليون هڻي رهيو آھي، ائين کڻي چئجي ته هُو هن وقت سنڌ جو مصور شاعر آهي ته ان ۾ وڌاءُ نه ٿيندو، سرواڻ نوجوانن جي دلين جي ڌڙڪن بڻجي ويو آهي ۽ کيس جيتري مڃتا ملي آهي ايتري گهٽ شاعرن جي نصيب ۾ آئي آهي، ايستائين جو شيخ اياز به مڃتا نه ملڻ تي ارهو ٿيندي ”ٽڙياسين دامن صحرا ۾، خُوشبُوءَ ئي اجائي وئي“، چوڻ تي مجبور ٿيو هو.

P-01

 سنڌ ادب ۽ شاعري جي حوالي سان شاهُوڪار سرزمين رهي آهي، جنهن جي جهولي ان حوالي سان سدائين ڀريل رهي آهي، ڀٽائي کانپوءِ سنڌي شاعري جيڪو سفر ڪيو آهي، اهو ڪاميابي جو هڪ داستان آهي، اهو روشني جو هڪ اهڙو سفر آهي جيڪو ڀلي ڪڏهن ڪڏهن ٽانڊاڻي جي شڪل اختيار ڪري ويندو هجي پر ان جي روشني مڪمل ڪڏهن به ختم ناهي ٿي، سرواڻ جي پهرين ڪتاب هنج نه آيا هيل کانپوءِ سندس هي ٻيو ڪتاب به سنڌي شاعري تاريخ ۾ هڪ اهم حوالي وارو ڪتاب آهي ۽ ان ۾ نوجوانن لاءِ کوڙ اهڙيون شيون آهن جيڪي سندن رهنمائي ڪنديون، سرواڻ اصل ۾ ٻولي جو محافظ شاعر آهي، هُو ڳوٺاڻي ماحول جو شاعر آهي، هُو لڪ، جهولي، گرمي ۽ سردي رڳو لکي نٿو پر هن اهي سڀ شيون مشاهدو ڪيون آهن، هُو ڳوٺاڻي ماحول مان نڪري اڳتي آيو آهي، هُن جي لاءِ چانڊوڪي راتين جو رڳو تصور ناهي پر هُو چانڊوڪي راتين ۾ ڳوٺ ۾ اڱڻ تي ستو آهي ۽ زمينن تي گهميو آهي، هُن اماس راتين ۾ تارن جُون چلولايون اکين سان ڏٺيون آهن، هُو اتر جي هوا جي ڇمڪن جو شاهد آهي ۽ واهوندي جي ويل جو ساکي آهي، هُو لٿي جو وٿاڻن ڏي ورندڙ مال سان ڌنارن جي وڄندڙ چنگ جي آلاپ کي دل سان محسوس ڪري ٿو ، هُو پيار کي لڪائڻ بدران چوي ٿو ته:

”ڇا لئه پيار لڪايون ايڏو ڇو تڙپون.

ٽھڪ ڏئي ڳالهائي، راڄ کي ڀالو هڻ.“

جنهن سماج ۾ پيار تي پابندي هجي، ڪهاڙِي هر وقت ڪڏندي هجي اتي هُو محبوُبه کي ٽهڪ ڏيئي پيار هُلائڻ لاءِ چوي ٿو، سندس اهي سٽون ڇا ته سٽون آهن، ايئن وري ٻي جڳهه تي لکي ٿو،

”رات جا رولاڪ موٽون، سونهن کي ڀاڪر ڀريون.

ڳوٺ جي هر ڪنهن اڱڻ تي سانوريون پوکي ڇڏيون“.

پيار کي پيار ۾ لکڻ وڏي ڳالهه آھي ۽ وڇوڙي کي به جنهن خوبصورت انداز ۾ لکيو آھي ڄڻ ڀرت سان ڀريل چادر هجي.

سرواڻ هميشه پڙهيو ويندو، هر دور هن کي ياد رکندو، سرواڻ جي شاعري صرف اڄ نه پر ڪيترن نسلن کي نوان گس ڏسيندي رهندي ۽ سندس هي ڪتاب” مند بنا موتيا“هميشه پڙهيو ويندو جيڪو سنڌي ادب ۾ تمام گهڻو اهم رهندو، اها حقيقت آھي سرواڻ موجوده سنڌي شاعري ۾ پنهنجو الڳ ۽ نرالو رستو ٺاهيو بيٺو آھي سرواڻ جي ڏات شال قائم رهي ۽ لکندو رهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو