Home / سنڌ افيئر / نئين دور لاءِ نئين حڪمت عملي گهرجي
above article banner

نئين دور لاءِ نئين حڪمت عملي گهرجي

جيئن جيئن ڏيهيWriter ۽ علائقائي صورتحال بدلجي رهي آهي، سنڌ جون اندروني ۽ بيروني حقيقتون بدلجي رهيون آهن. ڪنهن به زندهه سماج جيان سنڌ کي به چئلينجز درپيش آهن ۽ ڪنهن به زندهه قوم جيان سنڌ واسي به انهن چئلينجز کي منهن ڏئي رهيا آهن. قومن جي تاريخ ۾ لاها چاڙها ايندا رهن ٿا. ڪي قومون تاريخ جي ڪنهن دور ۾ نهايت سگهاريون ته ڪنهن دور ۾ هيڻيون ٿي وينديون آهن. ساڳي طرح قومون هيڻائپ مان نڪري پنهنجي سگهه سان اوج جون نيون اوچايون ماڻينديون آهن. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کان اڳ برطانيا دنيا جو سپر پاور هئو پر ٻي مها ڀاري لڙائيءَ کان پوءِ ان جي چيلهه ايتري چٻي ٿي چڪي هئي جو نه رڳو کيس ايشيا ۽ آفريقا ۾ پنهنجي بيٺڪيتن تان هٿ کڻڻو پيو پر جيڪڏهن آمريڪا يورپ لاءِ مارشل پلان نه آڻي ها ته اڄ برطانيا جو الائجي ڪهڙو حال هجي ها. ساڳي طرح چين جي به ساڳي تاريخ آهي جيڪو برطانوي ۽ جپاني راڄ هيٺ آفريڪي ملڪ هو، اهو مائو جي انقلاب کان پوءِ ڪر موڙي اٿيو ۽ اڄ جديد دنيا جي هڪ مضبوط معيشت آهي. تاريخ جي انهن لاهن چاڙهن مان قومون پنهنجا رستا ٺاهين ٿيون ۽ پنهنجي وجود جي بقا ۽ اوسر جا نوان دڳ ڳولي لهن ٿيون.

  ٻين قومن جيان سنڌ به تاريخ جي اهڙن لاهن چاڙهن مان گذرندي رهي آهي. 1947ع ۾ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ سنڌ تاريخ جي هڪ ڏکئي دور ۾ داخل ٿي جتي ان جو قومي وجود ۽ سڃاڻپ مٿان ڏهاڪن کان تلوار ٽنگيل رهي آهي. ون يونٽ جي شڪل ۾ سنڌ جي هزارين سالن جي سڃاڻپ ۽ وجود کي ختم ڪرڻ، ڌارين جي ڪٽڪن جي آمد سبب پنهنجي ڌرتيءَ تي عددي ٿورائيءَ ۾ بدلجڻ جو انديشو، ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن هٿان وچولي طبقي جي اوسر اڳيان بند ٻڌڻ جون سازشون، پنهنجا تاريخي شهر ڌارين جي حوالي ٿيڻ ۽ تعليمي ادارن مان سنڌي ٻوليءَ کي نيڪالي ڏيڻ جا ٽڪساٽ ۽ ٻيون انيڪ زهريليون سازشون جن جي خلاف سنڌي عوام هڪ شاندار جدوجهد ڪئي. اڄ سنڌ انهن مان اڪثر خطرن کي مات ڏئي چڪي آهي. ايترن سارن مسئلن جي هوندي ويجهي ماضيءَ ۾ سنڌ اندر ڪجهه هاڪاري تبديليون به آيون آهن جيڪي سنڌ جي آئيندي لاءِ بهتريءَ جي اميد کي سگهارو ڪن ٿيون انهن کي سمجهڻ ۽ اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي.

P-01

ورهاڱي کان پوءِ پهريون ڀيرو سنڌي ماڻهو ٻهراڙيءَ جي زرعي سماج مان نڪري صنعتي مرڪزن وارن شهرن ڏانهن اچڻ ۽ اتي پير کوڙڻ شروع ڪيا آهن. پاڪستان ٺهڻ وقت هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي هيٺ سنڌ جا شهر ٻاهران آيل ماڻهن جي حوالي ڪيا ويا. سنڌي هندن جي لڏپلاڻ کان پوءِ باقي بچيل سنڌي ماڻهو ٻهراڙين تائين محدود رهجي ويا. ان سان سنڌ جي سماجي اوسر کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. ايترن ڏهاڪن دوران سنڌي ماڻهو رڳو زرعي مزدور ۽ سرڪاري ملازمتن تائين محدود رهيو. شهري زندگيءَ جي چٽا ڀيٽيءَ کان ٻاهر رهڻ سبب سنڌي ماڻهو شهري ڪاروبارن ۽ خانگي شعبي کان ٻاهر رهيا. هاڻي ويجهڙائيءَ وارن سالن ۾ سنڌي ماڻهو ٻهراڙين مان نڪري ڪراچي ۽ ٻين شهرن جو رخ ڪيو آهي. ان سنڌ اندر هڪ وڏو سماجي ڇال آيو آهي.

تازو ٿيل آدمشماريءَ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ اندر سنڌي ڳالهائيندڙ آباديءَ جي گهڻائي ثابت ٿي چڪي آهي، ان سان سنڌين مٿان پنهنجي ڌرتيءَ تي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ واري تلوار به هٽي وئي آهي. پنجاب ۾ معيشت سگهاري ٿيڻ ۽ خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿيڻ سبب اتان سنڌ ڏانهن لڏپلاڻ گهٽجڻ جو امڪان آهي. ڪراچيءَ ۾ امن امان بهتر ٿيڻ سبب سنڌين جي ڪراچيءَ ڏانهن آمد جي هڪ لهر شروع ٿي آهي جنهن سان سنڌي ماڻهو شهري زندگيءَ ۾ پير ڄمائڻ شروع ڪيا آهن. ويجهي ماضيءَ دوران سنڌ ۾ آيل هاڪاري تبديلين ۾ اها اهم وک آهي.

P-02

هڪ ٻي اهم هاڪاري تبديلي سنڌي نوجوانن جو ملڪ کان ٻاهر نڪرڻ وارو لاڙو آهي. هڪ ڊگهي عرصي تائين سنڌي نوجوان ٻهراڙين مان پڙهڻ لاءِ گهڻي ڀاڱي ڄامشوري تائين پهچندو هو. ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا نوجوان ملڪ کان ٻاهر نڪري سگهندا هئا. ويجهڙائي وارن سالن دوران وڏي انگ ۾ سنڌي نوجوان پڙهائي ۽ روزگار لاءِ پرڏيهه وڃڻ لڳا آهن. ان سان هڪ پاسي سنڌي نوجوانن کي ٻاهرين دنيا ۽ اتان جي سماجن جي سمجهه حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو آهي ته ساڳي وقت کين بهتر تعليم ۽ بهتر روزگار جا موقعا به حاصل ٿي رهيا آهن، اهو نوجوان نسل اڄوڪي دور جي چٽا ڀيٽيءَ کي منهن ڏيڻ جا رستا کولي سگهي ٿو. هڪ ٻي هاڪاري وک سنڌي عورتن جو اڳتي وڌڻ آهي. سنڌ جو جاگيرداراڻو سماجي ڍانچو پنهنجي روين ۾ اڌ انساني آبادي کي غلاميءَ ۾ رکڻ جو ڪارڻ بڻيل آهي ڪنهن به سماج لاءِ اڌ آباديءَ کي قيد ۾ رکي اڳتي وڌڻ ممڪن ناهي. جيئن جيئن سنڌي وچولو طبقو شهرن ڏانهن اچڻ لڳو آهي، عورتن جي اڳتي نڪرڻ جا به رستا هموار ٿيڻ لڳا آهن. شهرن اندر سنڌي عورتون هوريان هوريان گهرن مان نڪري متحرڪ سماج جو حصو بڻجڻ لڳيون آهن. سنڌي عورت جو سماجي تبديليءَ ۾ هٿ ونڊرائڻ هڪ مثبت اڳڀرائي آهي، جنهن جا اثر ايندڙ سالن ۾ نروار ٿيندا. سنڌي سماج جي هاڪاري تبديلين کي سگهارو ڪرڻ جي ضرورت آهي. نراسائيءَ مان نڪري نين حقيقتن کي مدِنظر رکندي مثبت لاڙن کي سگهارو ڪرڻ جي ضرورت آهي.

سنڌ جي سياسي ڌرين کي هنن حالتن ۾ متبادل حڪمت عملي اختيار ڪندي ٽڪراءَ ۽ ويڙهاند واري واٽ وٺڻ بدران سنڌي سماج جي اندروني سگهه کي ڪَٺو ڪن ۽ چٽا ڀيٽيءَ جي مختلف محاذن تي سنڌ واسين کي اڳڀرو ڪرڻ لاءِ ڪا واهر ڪن. هن وقت سنڌين جو ڪراچيءَ ۾ اچي ننڍا وڏا ڪاروبار ڪرڻ، هنرمند هٿن وسيلي مارڪيٽ ۾ جاءِ پيدا ڪرڻ ۽ بهتر تعليمي ادارن تائين پهچڻ نهايت ضروري آهي. نئين دور ۾ غير روايتي ميدانن ۾ سنڌين جو اڳتي نڪرڻ نهايت ضروري آهي. ٽيڪنالاجي، هنر، ڪاروبار ۽ تعليم ايندڙ دور جي چٽا ڀيٽيءَ جا اهم ميدان آهن، جن کان ٻاهر رهي سنڌي ڪنهن به وڏي سياسي تبديليءَ مان لاڀ نه ماڻي سگهندا.

nmemon2004@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو