Home / افيئر / نواز شريف جا ڪوٽ لکپت جيل ۾ ڏينهن ۽ راتيون!
above article banner

نواز شريف جا ڪوٽ لکپت جيل ۾ ڏينهن ۽ راتيون!

Writer  تاريخ ڪنهن کي به معاف ناهي ڪندي، جيڪڏهن توهان ماضي جي غلطين تي شرمسار ٿي تاريخ جي صحيح رخ ۾ بيٺا آهيو ته شايد توهان کي معافي ملي وڃي. نواز شريف طرفان “شهيد ضياءُالحق زندهه باد، مرد ِ مومن مردِ حق ضياءُالحق” جي نعرن کان وٺي خلائي مخلوق مرده باد تائين جو سفر ڏاڍو دلچسپ رهيو آهي. هڪڙو وقت اهڙو به رهيو جڏهن ماضي ۾ نواز شريف به ايوب ۽ يحيٰ جو ڀٽو ۽ ضياءُالحق جو نواز شريف اڄ جي عمران خان وانگر ڪٺ پتلي ڪردار ادا ڪري ماضي ۾ پنهنجو نالو تاريخ جي ڪارن صفحن تي لکرائي چڪا آهن. ليڪن اڄ اهو ئي نواز شريف سويلين بالادستي جو اهڃاڻ بڻجي چڪو آهي، اڄ ڪلهه هو جيل ۾ آهي ۽ هينئر تائين صحيح رخ ۾ ڄمي بيٺو آهي. عمر جي هن حصي ۾ اچي شايد کيس پنهنجي غلطين جو احساس ٿيو آهي، ٿي سگهي ٿو ته تڏهن ئي هِن تاريخ جي هٿان مارجي وڃڻ بدران آمرن جي هٿان مري تاريخ ۾ سرخرو ٿيڻ کي اوليت ڏني هجي. اڄڪلهه هو لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ جڊيشل مارشل لا هٿان مليل سزا ڀوڳي رهيو آهي، سندس طبيعت پڻ ڏاڍي خراب آهي.ٽي سال اڳ ٿيندڙ دل جي سرجري ۽ پوڙهائپ هاڻي کيس گهيري ورتو آهي، علاج جون بهتر سهولتون کيس ميسر ناهن. حڪومت سندس مخالفن وٽ آهي جن وٽ چوري ٿيل مينڊيٽ آهي جيڪو عوام جي خدمت جو مينڊيٽ گهٽ ۽ نامعلوم ماڻهن جي مخالفن کي سياسي انتقام جو نشانو بڻائڻ جو وڌيڪ آهي.

P-01

هونئن به جڏهن توهان اڻ ڏٺل هٿڪنڊن سان ٽڪرائجو ٿا ته توهان کي هر طرح جي تڪليفن لاءِ تيار رهڻ گهرجي، خاص طور تي تڏهن جڏهن توهان پاڻ به ماضي ۾ تڪراري رهيا هجو. ڇو ته توهان جي مٿان مڪافاتِ عمل جي تلوار به لڙڪندي رهي آهي. نواز شريف هن وقت رياستي ادارن جي نظر ۾ پنجاب ۾ بغاوت جو اهڃاڻ بڻجي چڪو آهي، پاڪستان جي رياستي وجود جي اهڃاڻ پنجاب ۾ هر پاسي غير اطمناني جي فزا اُڀري رهي آهي جنهن پٺيان فقط ۽ فقط نواز شريف جو نعرو “ووٽ کي عزت ڏيو” آهي. هاڻي جيئن ته ميدان تيار ٿي چڪو آهي، عوام کي پنهنجي ووٽ جي حڪمراني جي حاصلات جو رستو ڏنو ويو آهي ته هاڻي جيڪڏهن ان تان ڪير پوئتي هٽي ٿو ته ان سان ڪو به فرق نه پوندو. سادا پاڪستاني هاڻي اهو سمجهي چڪا آهن ته سندن بُک، غربت، ڪرپشن سيڪيورٽي رسڪ جو ڪارڻ رڳو سياستدان ناهن ان پٺيان هڪ طاقتور استحصالي طبقو موجود آهي. ڪجهه ماڻهو ان ڳالهه جو سرعام اندر جو خوف ميساري اظهار ڪري رهيا آهن ته ٻئي پاسي گهڻو تڻو پاڪستان ۾ سچ لکندڙ ۽ سچ ڳالهائيندڙ پاڻ کي غير محفوظ سمجهندڙ دل ئي دل ۾ وقت جي ڪيسرِ قصريٰ خلاف بغاوت پالي رهيا آهن، جنهن جو مستقبل بعيد ۾ چڱو خاصو ڪردار هوندو.

ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته جڏهن هوا ۾ مُڪ لهرائيندڙ آمر نواز شريف جي اقتدار تي ڌاڙو هنيو هو تڏهن به هُن اهڙي طرح ئي جوش ۾ تمام گهڻيون ڳالهيون ڪيون هيون جن ڳالهين کي پوءِ هُو عوام ۾ کڻي وڃڻ کان پوءِ پوئتي هٽي ويو هو. هن ڀيري به ايئن ٿيندو ته هو بيماري جو بهانو ڪري ملڪ کان ٻاهر هليو ويندو. جيتري تائين منهنجو مشاهدو آهي ته آڪٽوبر 1999ع کان پوءِ جي حالتن ۽ جولاءِ 2017ع جي حالتن ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. تڏهن عوام  تائين گهٽ وقت ۾ پهچ جو ذريعو فقط پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ئي هئي جنهن تي ان وقت غير آئيني غاصبن جو پهرو هو ليڪن اڄ سوشل ميڊيا جو دور، جتي هڪ ليڊر کان ڪارڪن تائين مفاصلو فقط هڪ موبائيل فون ٽچ جو آهي ۽ آزاداڻي انداز ۾ هر ڳالهه عوام تائين پهچائڻ جو ماضي جي ڀيٽ ۾ ڪافي بهتر ۽ ڪارائتو رستو آهي.

P-02

انهي ڪارڻ نواز شريف بابت گهڻن سياسي تجزئي نگارن جون اڳڪٿيون هاڻي تائين غلط ثابت ٿي رهيون آهن جڏهن نواز شريف لنڊن ۾ هو تڏهن احتساب عدالت کيس سندس نياڻي مريم نواز سميت 10 سالن جي قيد جي سزا ٻڌائي تڏهن اهو چيو ويو ته نواز شريف پاڪستان واپس ڪڏهن به نه ايندو ليڪن هُن ترت واپس اچي جيل وڃڻ کان پوءِ ڪيسن کي منهن ڏيڻ جو اعلان ڪيو. وَر موت جي بستري تي پيل پنهنجي گهرواري ۽ ڌيءُ پنهنجي ماءُ کي ڇڏي آيا ۽ ان اعلان کي ڀرپور انداز ۾ نڀايائون. ميان صاحب کي قيد دوران وڏو صدمو مليو، سندس گهرواري ڪلثوم نواز لنڊن ۾ لاڏاڻو ڪري وئي ۽ هُو زندگي جون آخري گهڙيون سندس ساٿ نه نڀائي سگهيو. بهرحال 3 مهينا جيل ۾ رهڻ کان پوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نواز شريف ۽ سندس نياڻي مريم نواز جي سزا معطل ڪري ڇڏي تڏهن گوڙ ڪيو ويو ته هاڻي ميان صاحب ڊيل ڪري ملڪ کان ٻاهر هليو ويندو. هن ڀيري به سڀ افواهه غلط ثابت ٿيا ۽ ميان صاحب باقاعده سمورين پيشين تي حاضر ٿيندو رهيو، ٻيهر احتساب ڪورٽ نواز شريف کي وزارتِ عظميٰ  تان نااهل قرار ڏيڻ واري ڪيس ۾ بي قصور قرار ڏئي ٻئي ڪيس ۾ ستن سالن جي سزا ڏني ۽ وري ٻيهر کيس جيل موڪليو ويو ۽ هوُ هاڻي تائين جيل ۾ ئي آهي.

ميان صاحب کي اسٽيبلشمينٽ پاران بار بار موقعو ڏنو ويو ته اسان سان ٽڪرائجڻ کان پري رهو، ان ۾ ئي توهان جي ڀلائي آهي ليڪن ميان صاحب سمورن موقعن تي پنهنجي چيل ڳالهه “ووٽ کي عزت ڏيو” تي بيٺو رهيو ۽ اسٽيبلشمينٽ جي رستي جو ڪنڊو بڻجي ويو آهي.

هاڻي اُن ڪنڊي کي هٽائڻ لازمي ٿي ويو آهي، طاقتور حلقن جو خيال آهي ته نواز شريف کي سياسي شهيد بڻائڻ کان بهتر آهي ته کيس ڪنهن ٻئي طريقي سان هٽايو وڃي. ميان صاحب هن وقت قيد ۾ آهي ۽ دل جي مرض سبب بيماري جي حالت ۾ آهي، کيس علاج جون بهتر سهولتون مهيا نه پيون ڪيون وڃن جيڪا سازش جي شروعاتي ڪڙي آهي، توهان ان ڳالهه مان اندازو ڪري سگهو ٿا ته لڳاتار ٻن ميڊيڪل بورڊز ميان صاحب جي ڪيس کي سيريس قرار ڏيندي کيس اسپتال منتقل ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي ۽ خبردار ڪيو آهي ته ايئن نه ڪرڻ جي صورت ۾ ميان صاحب جي زندگي کي خطرو ٿي سگهي ٿو.ميڊيڪل رپورٽ پبلڪ ٿيڻ باوجود گهرو وزارت ٽيون ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو آهي. نئين بورڊ ۾ آرمي ميڊيڪل ڪور جا ٻه برگيڊيئر پڻ شامل ڪيا ويا آهن. ڇا مرضي جي ميڊيڪل رپورٽ ٺهرائي عوامي اڳواڻ کي خاموش قتل ڪرڻ جي راهه هموار ڪئي پئي وڃي؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو