Home / سنڌ افيئر / نوڪرين جي چڙهيل ديڳ ۽ چونڊيل  نمائندن کان وسري ويل تڪ جو عوام!
above article banner

نوڪرين جي چڙهيل ديڳ ۽ چونڊيل  نمائندن کان وسري ويل تڪ جو عوام!

غلام حيدر برهماڻي

Writer

هن ڀيري اليڪشن ۾ کٽيندڙ ۽ هارائيندڙ اميدوارن کي اهو احساس ته ضرور ٿيو هوندو ته سندن لاءِ پنهنجي تڪ جا ماڻهو ڪيڏا نه اهم آهن.  ان جو احساس شايد هارائيندڙ اميدوارن کي وڏي شدت سان ٿيندو هوندو ته ڪاش! جيڪڏهن اسان پنهنجي دور اقتدار دوران پنهنجي ماڻهن سان ۽ پنهنجي تڪ سان، اسان کي ڳانڍاپو مضبو ط ڪرڻ کپندو هو ۽ اسان کي انهن جا مسئلا حل ڪرڻ گهرجن ها پر چوندا آهن ته “ٽٽيءَ کي ٽاڪو ئي ناهي لڳندو” سو هاڻي پڇتائڻ مان ڪو فائدو ناهي ۽ توهان کي پنهنجي غلطين ۽ لاپرواهين جي سزا شڪست جي صورت ۾ ملي چڪي آهي. اها ساڳي صورتحال اڄ جي فاتحن ۽ کٽيندڙن کي اهڙي ساڳي شڪست مستقبل ۾ به ملي سگهي ٿي، جيڪڏهن هنن پنهنجي ماڻهن کي نظراندا نه ڪيو، يا پنهنجي ماڻهن جا ڪم نه ڪيا، ڇو ته هاڻي صورتحال بدلجي چڪي آهي، سوشل ميڊيا به هڪ اهم ذريعو بڻجي چڪو آهي، جيڪو پل پل جي خبر عوام تائين پهچائي ٿو. سو هاڻي ڪاميابي ۽ ناڪاميءَ جو دارومدار ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي آهي. جيڪڏهن ماڻهن جا ڪم ٿيندا، ماڻهن جا مسئلا حل ٿيندا ته يقين سمجهو ته توهان جي ڪاميابي يقيني آهي، پر جيڪڏهن توهان پنهنجي ووٽرن کي، پنهنجي ماڻهن کي ڏسي منهن ڦيريندئو، انهن سان ملڻ پسند نه ڪندئو، انهن جي خوشي ۽ غم ۾ شريڪ نه ٿيندئو ته سمجهو ته ناڪامي توهان جو مقدر هوندي.

P-01

ڇو ته عام غريب ماڻهو توهان پنهنجي نمائندن کان ٻيو ڇا گهرندا آهن، هڪ غريب ۽ مسڪين ماڻهوءَ جا هيٺيان بنيادي سئلا هوندا آهن.

(1) بجليءَ جي لوڊشيڊنگ جو خاتمو (2) پيئڻ لاءِ صاف پاڻيءَ جي فراهمي (3) ڳوٺ ۾ ٻارن جي تعليم جو مناسب بندوبست، جنهن ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ لڳ الڳ اسڪول جيڪو هلندڙ هجي، جنهن ۾ استاد پنهنجي ڊيوٽيءَ جا پابند هجن (4) ڳوٺ يا شهر ۾ آباديءَ جي حساب سان بنيادي صحت جي سهولتن جي هجڻ جو معقول بندوبست، جيئن غريب ماڻهن کي معياري علاج مفت ۾ ملي سگهي (5) ڳوٺن ۽ شهرن ۾ آبادي جي حساب سان روڊ رستا، گهٽيون ۽ ناليون پڪيون ڪرائڻ بنا ڪنهن فرق، متڀيد ۽ ذات پات جي ڀلي جتي توهان جا ووٽر هجن يا نه هجن، اهڙي طرح سان توهان پنهنجي مخالفن جون به دليون کٽي سگهو ٿا (6) اهي جيڪي يتيم ۽ لاوارث ٻار آهن، يا بيواهه عورتون، وڏي عمر وارا مرد ۽ عورتون جيڪي ڪنهن پراڻي موذي مرض ۾ مبتلا آهن يا جيڪي ان شهر ۽ پاڙي ۾ موجود معذور ٻار، مرد ۽ عورتون آهن، انهن جي بيت المال جي فنڊ مان انهن جي امداد ڪئي وڃي ته جيئن انهن مان احساس محرومي ختم ٿي سگهي (7) شهيد بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام حقيقي غريب ۽ مستحڪم ماڻهن کي به ان ۾ شامل ڪيو وڃي. ڇو ته گذريل ڀيري جڏهن اهي فارم ورهايا پئي ويا ته اهي سياسي بنيادن تي پنهنجي مٽن مائٽن ۽ يارن دوستن ۾ ورهايا ويا هئا، جنهن سان حقيقي مستحڪم ماڻهو نظرانداز ٿي ويا هئا، انهن کي صاف ۽ شفاف بڻايو وڃي (8) نوڪريون رڳو چونڊيل نمائندن جي مٽن مائٽن ۽ يارن دوستن جو حق ناهن، اهي سڀني کي ڏنيون وڃن پر نوڪرين تي توهان جي تڪ ۽ غريب ماڻهن جو حق آهي، انهن کي نظرانداز نه ڪيو وڃي. (9) نوڪريون قابليت، اهليت، ڄاڻ، علم ۽ تجربي جي بنياد تي ڏنيون وڃن، جيئن اڳتي توهان کي ڪا ندامت، شرمندگي ۽ پڇتائڻو نه پوي. ڇو ته ماضيءَ جا تجربا اهو ٿا ٻڌائين ته نوڪريون سياسي بنيادن، رشوت عيوض ۽ پنهنجن ويجهن مٽن مائٽن ۽ يارن دوستن کي ڏنيون ويون هيون (10) عام ماڻهن تائين چونڊيل نمائندن جي پهچ کي آسان بڻائڻ لاءِ مقامي سطح تي کليل ڪچهريون ڪيون وڃن ته جيئن ماڻهو پنهنجا مسئلا چونڊيل نمائندن تائين آساني سان پهچائي سگهن، ڳانڍاپي ۾ رابطا ڪاريءَ ۾ آساني ٿي سگهي (11) ڳوٺن ۽ شهرن ۾ چوري چڪاري ۽ بدامني جي خراب صورتحال کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ آباديءَ جي حساب سان پوليس جي نفري ۽ ڪراس چيڪ پوسٽون قائم ڪيون وڃن ته جيئن امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪري سگهجي. ڇو ته هر ماڻهوءَ، فرد ۽ شهري کي امن ۽ سڪون کپي.

P-02

هي اهي ڪجهه چند بنيادي مسئلا آهن جن کي حل ڪرڻ لازمي آهي ۽ هي ڪو ڏکيو ۽ مشڪل ڪم ناهي جيڪو نٿو ٿي سگهي، هي ڪم آساني سان حل ٿي سگهي ٿو ۽ چڱي نموني ٿي سگهي ٿو. اسان وٽ ماڻهو آهن ۽ اهي ماڻهو ڪي ٻاهر کان نه ايندا، اسان وٽ اسان جا چونڊيل نمائندا آهن جيڪي يونين ڪائ ونسل ضلعي تي چيئرمين آهن، ڪائونسلر آهن ۽ مقامي سطح تي سٺي ساک رکندڙ، سياسي ۽ سماجي ڪارڪن آهن جيڪي هن سلسلي ۾ مدد ڪري سگهن ٿا.

تنهن کان علاوه نيشنل هيلٿ سروس تحت ليڊي هيلٿ ورڪر آهن، جيڪي پڻ اسان کي هن ماڻهن جي عام ڀلائي وارن ڪمن ۾ مدد ڪري سگهن ٿيون.

ان کان سواءِ اسان وٽ هڪ سٺو ٻيو نظام آهي مقامي سطح تي معززين جي ڪاميٽي ٺاهي سگهجي ٿي جيئن اسان اليڪشن ۾  ڪندا آهيون. جيئن متحرڪ ۽ چست اسان اليڪشن دوران هوندا آهيون اهڙا جيڪڏهن اليڪشن کٽڻ کان پوءِ، اسان پنهنجي علائقي ۽ تڪ جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ ۾ جيڪڏهن ٿي وڃون ته شايد اسان کي اليڪشن ۾ ورڪ ڪرڻ جي ضرورت ئي نه پوي پر اسان جا نمائندا وقت سان گڏوگڏ پاڻ به مٽجي ويندا آهن ۽ نتيجن کين ڏکيا ڏينهن به ڏسڻا پوندا آهن.

جيڪڏهن اسان جي چونڊيل نمائندن کي احساس ٿي پوي ته هي ڪرسيون، وزارتون، عهدا، ٺٺ ۽ هي پروٽوڪول سڀ عارضي ۽ مختصر آهن ۽ جيڪڏهن آهن به ته علائقي جي ماڻهن جي ڪيل اعتماد ۽ ڀروسي جي ڪري آهن، انهن کي نظرانداز نه ڪيو نه ته جيڪڏهن توهان انهن کي وساريندئو ۽ نظرانداز ڪندئو ته سڀاڻي توهان جو حشر به انهن جهڙو ٿيندو جيڪو اڄ انهن سان آهي، جيڪي ڪالهه اقتداري ايوانن ۾ هئا ۽ اڄ ايوان کان عام ماڻهن جيان آهن ۽ اڄ جيڪڏهن انهن کان ڪير پڇي ته هو ڪيڏا اداس، اٻاڻڪا، سنسان، پريشان ۽ ويران آهن، سو خدارا پنهنجي ماڻهن جي مالڪي ڪيو، انهن جا مسئلا حل ڪيو، سندن اهنجن ۽ تڪليفن کي محسوس ڪيو هي توهان جا ماڻهو آهن، جن توهان کي ايوانن تائين پهچايو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو