Home / ويندي ويندي /  هاڻ شينهن ۽ بگهڙ هڪ گهاٽ تي پاڻي پيئندا
above article banner

 هاڻ شينهن ۽ بگهڙ هڪ گهاٽ تي پاڻي پيئندا

ويندي ويندي

P-01

 ”نيٺ شينهن ۽ بگهڙ هڪ گهاٽ تي پاڻي ويهي پيتو،پري کان ٻڪري ويٺي اهو لقاءُ ڏٺو. سمجهي وئي ته سندس سر جو خير ناهي.“ قطر جي شهر دوحا ۾ آمريڪا ۽ طالبان وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين کي ٻي ڪهڙي تشبيهه ڏجي؟ ڄاوا آهيون جو ٻڌندا پيا اچون ته طالبان امن ۽ انسانيت جا ويري آهن. تن ڏينهن ۾ بينظير ڀٽو جي ٻين حڪومت هئي جڏهن مجاهدن جي ڪُک مان طالبان جنم ورتو. اُهي ئي ڏينهن آهن جڏهن اسان پهريون ڀيرو جنرل حميد گل واتان افغان پاليسي بيان ڪندي لفظ ”اسٽريٽجڪ ڊيپٿ“ ٻڌو. ان اکر جي وضاحت هيئن ٿيندي هئي ته: ازلي دشمن ڀارت سان جنگ جي صورت ۾ پاڪستان کي پنهنجا هٿيار، بارود يا سپاهه بچائڻ ۽ لڪائڻ لاءِ افغانستان جي پکيڙ ملي ويندي. پاڪستان افغانستان کي پُٺ طور استعمال ڪندي دشمن جا ڏند کٽا ڪري سگهندو. جنرل صاحب جي ٿيوري  ٻين لفظن ۾ افغانستان کي پاڪستان جو پنجون صوبو بڻائڻ واري هئي.

خير، روس جي نڪري وڃڻ کانپوءِ ڪابل جي تخت لاءِ مجاهد پاڻ ۾ وڙهي مُئا. سو، مجاهدن جو حقو پاڻي اسلام آباد وارن بند ڪيو ۽ ملا عمر جي کٿابين جو جاري ڪيو. سال کن اندر اهي مجاهدين جن ڊالر ۽ پاڪستان جي ٽيڪ تي ڪميونسٽ روس ۽ افغان حڪومت کي “شڪست” ڏني سي واري جي ڍير جيان ڊهي پيا. افغانستان تي هڪ اک واري ملان جو راڄ قائم ٿيو. ملان عمر جي سرڪار کي سواءِ سعودي ۽ پاڪستان جي ٻئي ڪنهن به ملڪ سفارتي سطح تي تسليم نه ڪيو.

ڪابل اسٽيڊيم ۾ هر جمعي ڏينهن عدالت لڳندي هئي، ڪنهن جو هٿ ڪپيو ويندو هيو، ڪنهن کي سنگسار ڪبو هيو، ڪنهن جي پُٺي تي ڪوڙا هڻبا هئا. دنيا هن تماشي تي پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون. طالبان افغانن سان اهڙي ڪار ڪئي جهڙي ٻُرڙي ٻارن سان ڪئي هئي. پر پوءِ طالبان جي “مهمان ۽ مددگار” اسامه بن لادن جي دهشتگرد جماعت القاعده آمريڪا ۾ نائن اليون جو واقعو ڪيو ۽ آمريڪا ميزبان طالبان کي سيکت ڏيڻ لاءِ افغانستان تي چڙهائي ڪئي. پاڪستان رات وچ ۾ طالبان جي مٿي تان شفقت جو هٿ کڻي آمريڪا کي ڏنڊي کي تيل هڻڻ ۾ مدد ڪرڻ جي ڪرت سان لڳي ويو. جنرل پرويز مشرف جو زمانو هيو. جنرل صاحب پاڻ کي دهشتگردي خلاف عالمي برادري جي ويڙهه ۾ سپهه سالار ڪوٺيندو هيو. جنهن مشرف سان نائن اليون کان اڳ آمريڪي صدر بل ڪلنٽن ٽي وي تي گڏ ويهڻ پسند نه ڪيو تنهن مٿان هاڻ آمريڪا نوٽ گهورڻ شروع ڪيا. ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي جي تحريڪ ننڌڻڪي ٿي وئي.

جنرل مشرف هڪ پاسي نوٽ وٺندو رهيو ٻئي پاسي آمريڪا جي دشمن، طالبان کي پنهنجو اثاثو سمجهندي سرپرستي جاري رکي. اهو ته ڪي سال بعد آمريڪين منهن مٿو پٽڻ شروع ڪيو ته مشرف ساڻن ڊبل گيم ڪندو رهيو. هاڻ ته مشرف پاڻ به مڃي پيو ته اسان ايئن ڪيو. سندس دليل اهو آهي ته ڀارت جو ڪابل ۾ وڌندڙ اثر روڪڻ لاءِ کين ڪابل سرڪار مٿان طالبان رستي دٻاءُ وجهڻو هيو.

حقاني نيٽ ورڪ چئو، ڪوئيٽا شورا چئو يا طالبان. افغانستان ۾ جهيڙو نه ٽٽو. نيٽو ۽ آمريڪي فوجون آپگهاتي حملن جو شڪار ٿينديون رهيون. پر ان عرصي ۾ افغانستان ۾ جمهوري نظام پختو ٿيندو رهيو. چونڊون ٿيون. هڪ نئين افغان سماج پنهنجي شڪل جوڙڻ شروع ڪئي.  ملائيت  کان ڪوهين ڏور هڪ نئون افغانستان. افغانستان جي ڪرڪيٽ ٽيم ان جو مظهر آهي.

پر هاڻ عالمي برادري خاص طور آمريڪي انتظاميه افغان سماج کي طالبان جي لڳاتار حملن کان بچائيندي بچائيندي پاڻ ٿڪجي پئي آهي. زلمي خليل زاد آمريڪي ايلچي طور طالبان سان وڃي ٽيبل تي ويٺو آهي. افغان سماج جي بي وسي ڏسڻ وٽان آهي. جيئن ٻڪري ڪسڻ کان اڳ ڪاسائي کي ڪاتي تکيون ڪندي ڏسندي آهي تيئن افغانستان جي هاڻوڪي سرڪار دوحا ۾ طالبان ۽ خليل زاد وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين کي ڏسي رهي آهي. ڪابل جو اسٽيڊيم شايد وري هر جمعي تي آباد ٿيندو. تماشائي ڪرڪيٽ ۽ فٽبال بدران طالبان جو انصاف ڏسڻ ايندا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو