Home / ڪئپيٽل افيئر / هڪ سياسي ڪارڪن جو درد: سڙي تيل ٻري وَٽ، واهه ڙي ڏيئا واهه!
above article banner

هڪ سياسي ڪارڪن جو درد: سڙي تيل ٻري وَٽ، واهه ڙي ڏيئا واهه!

Writerتازو سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد طرفان پربت پال سنگهه سوڍو ڪتاب مرتب ڪري ڇپائي پڌرو ڪيو، ڪل 192 صفحا آهن، ڪتاب جو نالو “ڌرتي جو کاهوڙي ڪردار مير بليدي” ڪتاب جي شروعات امين کٽي ۽ محمد موسيٰ جوکيو طرفان مير بليدي کان ورتل انٽرويو سان ٿئي ٿي. مير بليدي ۽ اسان هڪ پارٽي، هڪ انقلابي نظريو ۽ ساڳي سياسي قيادت جا پوئلڳ هئاسون. هر پارٽي ۾ ٻن قسمن جا ڪارڪن هوندا آهن، هڪ اُهي جن جو ايمان آهي ته هڪ منظم پارٽي، انقلابي نظريي سان هٿياربند بهادر ۽ سڄاڻ ليڊرشپ جي اڳواڻي ۾ ماڻهن جي زندگي ۾ انقلاب آڻي سگهجي ٿو ۽ ان پارٽي جي ضابطي جي دائري ۾ پيا ڦرندا آهن- ٻيا ساڳي پارٽي، نظريي ۽ قيادت جي اڳواڻي سان وفادار رهندي به هو پنهنجي ذات ۾ غريبن، مظلومن جو ساٿي رهيو. جمهوريت جي بحالي، ون يونٽ خلاف تحريڪ ۽ ٻيون وڏيون جدوجهدون به هن پارٽي جي اهڙن فيصلن تي همت، حوصلي، جرئت ۽ محبت سان پنهنجي حصي جو ڪم ضابطي ۾ رهي ڪيو. مير بليدي به جاکوڙي سياسي يارويس قومي ڪارڪنن مان هڪ آهي. هو ڪاٺي مان ڪنڊا ۽ چٻ، وروڪڙ ڪڍي انکي ڪارائتو ڪرڻ جو واڍڪو هنر ته ڄاڻندو آهي پر جيئن ته وٽس ڪو وڏو مطالعو آهي نه ايترو پئسو جو دنيا جو چڪر لڳائي ڪو مشاهدو حاصل ڪري. هي هڪڙو اهڙو جوڳي آهي جيڪو

“ميڙيو ڪڙم ڪاٺيون، جوڳي جلائين.”

هٿين خالي ماڻهو ماڻهن کي ميڙ مٺ ڪرڻ، انهن سان گڏجي انهن جي ڏک سورن ۾ ساٿ ڏيڻ ۽ مشڪل گهڙين ۾ ساڻن گڏجي بيهڻ، ٻين کي همت ڏيارڻ، انهن سان گڏجي مسئلن جو مقابلو ڪرڻ جو جذبو ۽ جرئت پئدا ڪرڻ جا ڪيترا هنر سکيا. ماڻهن کي متاثر ڪرڻ لاءِ مير بليدي وٽ نه گاڏي نه بنگلو نه پئسو نه ڏوڪڙ نه پيري مريدي نه راڄ جي سرداري. انهن سمورين ماڻهن کي متاثر ڪندڙ ساز سامان جي اڻهوند کي هن ڪيئن منهن ڏنو، نه پاڻ مايوس ۽ احساس ڪمتري ۾ مبتلا ٿيو پر پاڻ جهڙن ٻين کي همت، حوصلا ڏياري کين پنهنجا مسئلا پاڻ حل ڪرڻ ۾ مدد ڪئي.

سنڌ جي سر موڙ شاعرن جي مزاحمتي شاعري حافظ نظاماڻي، شمشير حيدري، لطيف، اياز، منشي، آڪاش جي شاعري جو ڄڻ ته ياد حافظ آهي، صادق فقير جو  گهاٽو يار ان جا ڪلام ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ جو هنر انڪري ماڻهن کي ريهي ريڀي پنهنجو ڪرڻ جو هنر واڍڪي هنر کان وڌيڪ ڄاڻي. سياسي طور رسول بخش پليجو، شهيد فاضل راهو، موسيٰ جوکيو،خادم ٽالپر، منير ڀرڳڙي ۽ ٻين سان ڪچهريون. اتان تربيت وٺي هن وطن جي سچي سپاهي وطن جي محبت ۾ پارٽي حڪم تي سڄي سنڌ پيرن هيٺان لتاڙي آهي، جن سان هن ڪچهريون ڪيون ۽ جي کيس موٽي انهن پڊن تي وڃڻ نه ٿيو ته دوست کيس ڳولي اچي ڪچهري ڪندا آهن.

مير بليدي حافظ نظاماڻي ۽ شمشير حيدر جو نه صرف يار آهي مگر انهن جي شاعري کيس برزبان ياد آهي. پاڻ شاعر ۽ سگهڙ به آهي. شرف الدين ٽالپر پنهنجي تاثر ۾ لکيو: “مير بليدي پنهنجي من موهيندڙ مرڪن وسيلي دوستن ۽ عوام جي دلين تي ديرا ڄمايا. مير وٽ ٻي ڪا به دولت ڪانه آهي، مير مرڪن ۽ محبتن جي خيرات ڪندڙ انسان آهي.

مير بليدي هڪ طرف انقلابي پارٽي جو ڪارڪن ته هو پر ان کان وڌيڪ سنڌ جي هزارين سال پراڻي تهذيب ۽ تمدن مان ورثي مان ورتل خوبيون جن مظلومن ۽ مسڪين ماڻهن سان بنا شرط ۽ لالچ جي وچن ڪيا ۽ هر حال ۾ ساٿ نڀائڻ جا واعدا ڪيا پوءِ پارٽي ٽٽي ٿي ته ڇا؟ ليڊر ڀڄي ٿو ته ڇا؟ هو ماڻهن کان ان ڪري لاڳاپا نٿو ٽوڙي ته هو پارٽي ۾ نه رهيو يا پارٽي فيصلي تي ڪنهن جائز مجبوري سبب عمل نه ڪري سگهيو، اهو انڪري ته مير بليدي جا ناتا رشتا ڪنهن لالچ، ڏيتي ليتي، پارٽي ۾ رهڻ يا نه رهڻ جي شرط تي نه رکيا هئا. هن محبت، خلوص ۽ روح جا رشتا رکيا. مير بليدي من ۾ ڄڻ لطيف سائين جي سٽ

“مفتي منجهه ويهار ته قاضي ڪاڻيارو نه ٿئي.”

هن کان اڳ وڏن ليڊرن، ادارن جي سربراهن جون جدوجهدون ۽ ان نتيجي ۾ پارٽي ۽ ادارن کي ڪاميابي تائين پهچائڻ جي نتيجي ۾ سندن تعريفون ٿينديون رهيون آهن جيڪي ٿيڻ به گهرجن مگر ان ڪاميابي پويان مير بليدي جهڙن هزارين محنتي، جفاڪش ۽ قربانيون ڏيئي پارٽين ۽ ادارن کي ڪامياب ڪندڙ ڪارڪن آهن، انهن کي پڻ ڀيٽا ڏيڻ گهرجي.

سڙي تيل ٻري وٽ، واهه ڙي ڏيئا واهه

رڳو ڏيئي جي واهه واهه نه پر تيل ۽ وٽ جو به ذڪر ٿيڻ گهرجي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو